افتخار علي چوهاڻ
سينيئر رڪن
دوستون مان هت شيخ اياز رحمةالله عليه جون دعائون ونڊ ڪيا پيو جيڪي هن پهنجي زندگي جي آخري ڏھ سالن ۾ لکيا هئا اميد آهي دوستن کي اهو سلسلو پسند ايندو ۔مهرباني
يا رب! مون کي پنهنجي غصي تي غصو ڏي! مون ۾ پنهنجي نفرت لاء نفرت پيدا ڪر! هي منهنجي روح ۾ ڪهڙيون ٽوھ جون وليون ڦهلايون اٿئي؟ مان سراپا دعا هوس! مون ۾ هي بددعائون ڪٿان آيون؟
يا رب!
دشمن تي به رحم ڪر! هن کي به عذاب ۾ ، ڪنهن آزمائش ۾ نه وجھ! تون ته رحيم آهين، مان ڪير جو تنهنجي فطرت ۾ گهارا وجهان! مان ڪير جو چوان ته تون ڪنهن لاء قهر جو سيلاب ٿئ؟
يا رب!
تون منهنجي ويري تي به ڇپر ڇانو ٿيءُ! جي مان توکي چوان ته هن تي پهاڙ پٽي اڇلاء ته مان کي نه ٻڌ! منهنجي روح کي پنهنجي اٿاھ رحمت جي لهر بڻاء ته ٻاڄھ ڪر، تون جو ٻاجهارو آهين ، بهار جي ڪچي ڪونپل کان به ڪونئرو آهين! منهجي دشمن جي اکين مان لڙڪ ائين اگھ ،جئين آفتاب نرگس جي گل تان ماڪ اگهي ڇڏيندو آهي!
يا رب!
وير جو جذبو منهنجو وڏو ويري آهي . ٻي ڪنهن لاء ايذاء رسانيءَ جو خيال به اهو خنجر آهي . جو مان پنهنجي ڇاٿيءَ ۾ کوڙي رهيو آهين.
مون کي پنهنجي ئي غيض ۽ غضب کان پناھ ۾ رک ۽ مون کي خودڪشي کان بچاءِ!
يا رب!
مون کي پنهنجي اخلاق جي خيرات ڏي! مون مان سڀ مدايون نهوڙي ني ۽ مون ۾ هر ڪنهن لاء خير جي خواهش پيدا ڪر!تون هر ڪنهن تي پنهنجيءَ مهر ۽ ميا جي برسات ٿيءٌ! نه فقط مون تي ٻاجه ڪر . منهجي بدخواھ تي به ٻاجه ڪر ۽ هن نيڪ نيتون ائين اڀار. جئين ٿوهر ۾ ڳاڙها گل ڦٽي پوندا آهن ۽ واريا سو لهلهائيندو آهي!
يا رب!
مون کي سگھ ڏي ته باقي عمر رڳو تهنجا گيت ڳايان، عارضي ۽ فانيءَ کي پنهنجي ڌيان تان هٽايان ۽ پنهنجي روح جي موسيقيءَ کي تو ۾ ائين سمايان جئين ندي پاڻ کي سمنڊ ۾ سمائيندي آهي. اها منهجي آخري دعا آهي، اها دعا قبول فرماءِ
آمين ثم آمين