حيدر بخش جتوئي

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏28 جون 2009۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    مانواري سائين جتوئي صاحب جي حياتي جون ڪجه جهلڪيون؛
    پيدائش؛ 1901ع .... لاڙڪاڻي جي ڀر ۾ هڪ ننڍڙو ڳوٺ بکوديرو
    فقير گهراڻو؛ والد جو نالو عبدالله فقير
    نوڪري؛ ڊپٽي ڪليڪٽر ( انگريز سرڪار) ان عهدي تان استعفا ڏئي هاري تحريڪ ۾ شامل ٿيو ...
    اديب، شاعر ۽ قلمڪار ( سندس نظم ”شڪوه“ ۽ جيئي سنڌ“ تمام گهڻو مشهور ٿيا، موجوده جيئي سنڌ تحريڪ جو نالو به اتان ئي ورتو ويو هو ...)
    سياسي جدوجهد؛ سنڌ هاري ڪاميٽي جي جهنڊي هيٺ ؛ سنڌ ٽيننسي ايڪٽ ، بٽئي وارو نظام ( اڌو اڌ پيداوار هاريءَ جي) الاٽي تحريڪ ، ون يونٽ جي خلاف تحريڪ، مارشلا لا نظام جي مخالفت جي پاداش ۾ پنج سال قيد وبند سهڻ ... وغيره وغيره ...
    قيد و بند؛ سنڌ، پنجاب ، بلوچستان
    جاگيردانه ظلم؛ غيبي خان چانڊئي ؛ سائين حيدر بخش جتوئيءَ سميت سڀني هارين کي غيبي ديري ۾ وڻ سان ٻڌي مٿن ظالماڻه تشدد ڪيو...
    اعزاز؛ چائنا جي وزيراعظم، چي اين لائيءَ ، ڪوٽڙيءَ واري پل جي افتتاح دوران ساڻس خاص ملاقات ڪري سندس جدوجهد کي سلام ڪيو ...
    لاڏاڻو؛ 21 مئي 1970ع
    نثار ابڙو
    ________________________________________
    Remembering a legend:
    Haider Bux Jatoi
    Jameel Ahmad traces the history of Haari Haqdar Tehrik in Sindh
    سنڌ جي سڄڻ سائين
    جي ياد ۾


    جڏهن جڏهن برصغير هند ۾ هارين ۽ سنڌين جي جدوجهد جو ذڪر ايندو ته سائين محترم حيدر بخش جتوئي ۽ سنڌ هاري تحريڪ جو ذڪر ضرور ٿيندو ...
    هارين جي حقن جي تحريڪ جي شروعات ڪرڻ جا سبب زميندارن ۽ نوابن جا اڻڳڻيا حقوق آهن ... نواب ۽ زميندار جڏهن به چاهن هاريءَ کي هارپي تان جواب ڏئي کيس بک ماري سگهنٿا ... زميندارن جي ظلم جا ڀاڱيوار ملڪ جا حڪمران ۽ ايجنسيون آهن جي هميشه حاضر ناضر رهيون آهن پوءِ اها فوج هجي يا پوليس ... هاريءَ جي حقن جي ڳالهه ڪجي ته ... الله واهي ... نه ڪو ٻڌڻ وارو نه ئي ڪو کيس تحفظ ڏيڻ وارو ... ان ظالمانه روش جي خلاف هن تحريڪ جنم ورتو هو.
    1920 ۾ تحريڪ جو جنم
    حيدر بخش جتوئي جي هاري تحريڪ، ڪسان بيورو جو تسلسل هو ، جا 1920 ۾ شروع ٿي هئي، جنهنجو مقصد هارين کي مضبوط ڪري سندن حقن جي حفاظت ڪرڻ هو ... ڪيترائي اهڙا وقعا ٿيا جن ۾ نوابن ۽ زميندارن انهن زمينن تي قبضا ڪرڻ شروع ڪيا جن جو ڪو به والي وارث نه هو ... زميندارن جي اهڙين حرڪتن هن تحريڪ کي اڃان به هٿي ۽ اتساه ڏنو ...
    اهڙي قسم جي وارداتن ڪجهه سڄاڻ ذهنن کي گڏ ڪري وڌو جنهن سبب سنڌ هاري ڪاميٽيءَ جو وجود پيو ... 1930ع ۾ هن ڪاميٽي جو پهريون اجلاس ٽنڊي ڄام جي شهر ۾ ٿيو ... هن ڪاميٽيءَ ۾ هڪ ميمبر هاريءَ جو پٽ ، ٻه ٻيا ميمبر ڪنهن هڪ اڌ معاملي ۾ زراعت سان واسطو رکندڙ ۽ باقي ٻيا سڀ ميمبر ڪي واپاري ته ڪي تعليمي شعبي سان واسطو رکندڙ هئا ... هن فورم جدا جدا خيالن وارن ماڻهن کي هڪ هنڌ گڏ ڪرڻ وارو ڪردار ادا ڪيو... ڪجه سامراج خلاف جدوجهد ڪندڙ هئا ته ڪي زمينداريءَ جي خلاف ڪم ڪرڻ وار ته ڪي وري انساني حقن ۽ آزاديءَ جي ڳالهه ڪرڻ وارا ... جيتوڻيڪ اهي سڀ جدا جدا نظريا هئا پر جي انهن کي گڏ رکبو ته هڪ وسيع ڪائناتي نظريو ٺهي پوي ٿو ...
    سنڌ هاري ڪاميٽيءَ ٽه نقاطي فارمولو عوام اڳيان آندو؛
     هارين کي سگهارو ڪري زراعت جو واڌارو ڪجي.
     هارين کي انهن زمينن تي مالڪاڻه حق ڏنا وڃن جي ڊگهي عرصي تائين ان زمين کي کيڙيندا رهيا آهن ...
     حڪومتي زمين جا بئراجن جي ڀر ۾ آهي سا هارين کي انعام ڪئي وڃي
    اهڙي طرح سان ” هاري حقدار“ جدوجهد جو بنياد وڌو ويو ته جيئن اهي مٿيان مطالبا مڃرايا وڃن ۽ انهن مطالبن کي عملي صورت ۾ قبول ڪرايو وڃي ... جيتوڻيڪ اهي مطالبا ڪي اهڙا ڏکيا يا سخت ڪونه هئا ۽ نه وري انهن مطالبن مان ڪنهن انقلاب جا اهڃاڻ پئدا ٿيا ٿي پر تنهن هوندي به بنيادي ۽ شروعاتي مسئلو حل ڪرڻ ڏانهن پيش قدمي ضرور هئي جنهن سان هارين کي زميندارن جي اڻ ڳڻيل ظلمن مان ڪا راحت ملي سگهي...
    تحريڪ حيدرآباد ۽ ڀرپاسي وارن علائقن جي لاءِ شروع ڪئي وئي، ننڍا ننڍا مرڪز ڳوٺن ۾ ٺاهيا ويا ... تحريڪ جي اڳواڻن انهن ڳوٺن ۽ مرڪزن ۾ وڃي هارين کي پنهنجن حقن جي ساڃهه ڏيڻ شروع ڪئي ته جيئن هو ان صدين جي غلامانه سوچ مان ٻاهر نڪري اچن ... تنظيمي ڪارڪن پڻي لاءِ ڪجه بنيادي اصول رکيا ويا ... جو به نوابي، جاگيرداري ۽ زمينداري نظام جي خلاف ٿي ٿيو ته انکي سنڌ هاري ڪاميٽي جو رڪن ٺاهيو ٿي ويو ... هڪ آنو في رکي وئي جا هر رڪن کي ماهوار ڏيڻ لاءِ پابند ڪيو ويو ...
    1930 ۽ 1935 جي وچڌاري سنڌ هاري ڪاميٽي جا جلسا ۽ جلوس ٿيڻ لڳا ۽ احتجاجي مظاهرا نه فقط ڳوٺن ۾ پر حيدرآباد شهر ۾ پڻ ڪيا ويا ... جنهن نتيجي ۾ سرڪار هارين کي غير مالڪيءَ وارين زمينن جي مالڪي ڏئي ڇڏي ...
    حيدرآباد وارين حاصلات ۽ ڪاميابين جي سبب هارين جي اتساه ۾ واڌارو ٿيو ۽ ان تحريڪ جو دائري جو ڦهلاءُ ٻين شهرن تائين ٿيڻ لڳو جن ۾ نوابشاه، سانگهڙ ۽ لاڙڪاڻي جا شهر اچي ٿي ويا ... اڳواڻن، ڪارڪنن ۽ همدردن پنهنجو وقت، پنهنجون قابليتون ۽ مال ان تحريڪ لاءِ وقف ڪري ڇڏيو هو، جنهنجي نتيجي ۾ هو ڪجهه هارين کي انڳالهه تي آماده ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا ته هو پنهنجن حقن لاءِ جدوجهد ڪن ۽ احتجاجن ۾ شامل ٿين ...
    1936 –حيدر بخش جتوئيءَ جو تحريڪ ۾ شامل ٿيڻ؛
    جيئن ته تحريڪ منظم ٿيڻ لڳي هئي انڪري سنڌ هاري ڪاميٽيءَ لاءِ مرڪزي آفيس جي ضرورت محسوس ڪئي وئي ... 1936 ع ۾ هڪ مسلمان عملدار پنهنجي عمارت جو هڪ حصو هاري ڪاميٽيءَ کي تحفي طور ڏئي ڇڏيو جنهن ۾ هاري ڪاميٽيءَ جي آفيس قائم ڪئي وئي ... اهو عملدار هو سائين محترم حيدر بخش جتوئي ... هاري ڪاميٽيءَ کي هيءَ آفيس وڏي ڪم آئي ...
    هاري ڪاميٽيءَ کي هاڻ ڪنهن پرخلوص هاري اڳواڻ جي ڪمي محسوس ٿيڻ لڳي ... سچي ۽ مضبوط اڳواڻ جو هجڻ ڪنهن تنظيم لاءِ ساه کڻڻ کان به اهم هوندو آهي ... هڪ هاريءَ جي پٽ عبدالقادر خان کي هن ڪاميٽيءَ جو اڳواڻ چونڊيو ويو ... جنهن سبب تحريڪ ۾ جان اچي وئي ۽ هارين جو جهجهو تعداد هن ڪاميٽيءَ جي رڪنيت حاصل ڪرڻ لاءِ پهچي ويو ۽ تحريڪ جو حصو ٿي ويو ...
    1940ع هارين جي جدوجهد سياسي جدوجهد ۾ تبديل ٿيڻ لڳي؛
    ان دوران هندستان ۾ ”آل انڊيا ڪسان سڀا“ جو وجود پيو، جنهن سنڌ هاري ڪاميٽيءَ کي پڻ هٿي ڏني ... ساڳئي طرح ”آل انڊيا ڪانگريس پارٽيءَ“ پڻ هن ڪاميٽيءَ کي هندستان جي آزاديءَ واري جدوجهد جو هڪ حصو تسليم ڪري ورتو ... ڪانگريس سان ان اتحاد سنڌ هاري ڪاميٽيءَ کي هندستان جي سياست ۾ داخل ڪري ڇڏيو ۽ ان اتحاد جي سبب ڪاميٽي حڪومت تي وڌيڪ اثرائتي نموني زور وجهڻ جي قابل ٿي وئي ...
    سنڌ هاري ڪاميٽي هن موقعي مان ڀرپور فائدو ورتو ۽ ڪانگريس جي سهڪار سان ٽنڊي آدم ۾ هارين جو هڪ وڏو ميڙ ڪٺو ڪري احتجاج ڪيو، ان ڏس ۾ هڪ ٻيو وڏو احتجاج ڪيو ويو جو هاري ڪاميٽيءَ جي تاريخ ۾ انتهائي اهميت وارو آهي ... 1943 ۾ هاري جلوس ڪڍيو ويو، جنهن ۾ لڳ ڀڳ 3000 کان مٿي هاري شامل ٿيا جن ۾ هارين جي حقن ۽ مطالبن جي مڃتا تي زور ڀريو ويو ... هن جلسي اهو ثابت ڪري ڇڏيو ته هاري ڪاميٽي نه فقط هارين جي حقن جي ڳالهه ڪري ٿي پر عملي جدوجهد ۾ پڻ اڳي کان اڳري آهي ....
    هن جلسي سبب حڪومت تي تمام گهڻو زور پيو ... جڏهن ته انگريز سرڪار هندستان جي آزاديءَ واري جدوجهد کي ڪچلڻ ۾ پڻ مصروف هئي ... هاري ڪاميٽي واري جدوجهد انگريز سرڪار لاءِ مٿي جو سور انڪري به هئي جو ان ۾ معاشري جا غريب بي زمين خاموش طبع، هاري ناري شامل ٿي رهيا هئا جن کي سرڪار ڍڳي کان وڌ حيثيت ڏيڻ لاءِ تيار نه هئي ...
    1943ع مون پهريون دفعو انگريزن جي بيٺڪي راڄ کانپوءِ سنڌ اسيمبلي ۾ سنڌ هاري ڪاميٽيءَ جي جدوجهد جون خبرون پهتيون ته هارين جي مطالبن ۽ شڪايتن کي قانوني حيثيت ڏني وئي ...
    1945ع ۾ حيدر بخش جتوئيءَ کي سنڌ هاري ڪاميٽي جي سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو ...
    1945ع ۾ جتوئي صاحب پنهنجي شاندار حڪومتي عهدي تان استعيفا ڏني ۽ کيس ڪاميٽيءَ جو سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو ... جتوئيءَ صاحب ”هاري حقدار“ واري نعري کان اڳتي وڌي نوان ۽ انقلابي نعرا متعارف ڪرايا جن ۾ ” زمين بي زمين هارين لاءِ“ ۽ شاه عنايت شهيد جو نعرو ” جو کيڙو سو کائي“ کي پڻ عام ڪيو ...
    مانواري جتوئي صاحب پنهنجي ڏاهپ ۽ انتظامي صلاحيتن سان ڪاميٽيءَ ۾ انقلابي قدم کنيا ... هن ڪيترائي جلسا ۽ جلوس منقعد ڪيا جنهن سبب غريب هارين جي دل ۽ دماغ ۾ موجود زميندارن ۽ جاگيردارن جي ڏاڍ ۽ ظلم وارو خوف ويندو رهيو ۽ منجهن انقلابي روح ڦوڪجي ويو، نتيجي ۾ ڪاميٽي جا رڪن هاري پنهنجي هارپي جو پورو پورو حصو کڻندا رهيا ۽ زميندار کي هڪ ننڍو حصو ڏيڻ شروع ڪيائون ... ان جو مثال ان وقت ايئن هو جيئن شينهن جا وات مان گرهه کڻي وٺجي ... ان عمل سبب تحريڪ جي مڃتا ٿيڻ لڳي ۽ تاريخ جي ڪتابن ۾سندن ان هلچل جا ورق ڀرجڻ لڳا ...
    ساڳئي وقت جتوئي صاحب ” هاري حقدار“ نالي هفتيوار اخبار جو بنياد وڌو جنهن سان ڪاميٽيءَ جي رڪنن ۾ حقن جي ڄاڻ وڌڻ لڳي ۽ رابطي جو هڪ بهتر ذريعو پڻ مهيا ٿيو ...
    1947 ۽ 1948ع ۾جتوئي صاحب جي قائدانه صلاحيتن ۽ ڪوششن سان سنڌ هاري ڪاميٽيءَ جو سڏ سڄي سنڌ ۾ گونجڻ لڳو ... تحريڪ جا مرڪز حيدرآباد، نوابشاه، سانگهڙ ۽ لاڙڪاڻي ۾ قائم ڪيا ويا ... اها سندن هڪ اهم ڪاميابي هئي جو ان وقت جي حڪومتي ڏاڍ ۽ ظلم جي سائي ۾ اهڙي تحريڪ هلائڻ ڪو سولو ڪم نه هو ... هڪ ته ڳوٺاڻو عوام تمام پري پري جي علائقن ۾ ڇڙوڇڙ هو ... مٿان وري هارين جي اندر ۾ صدين کان جاگيردارن ۽ زميندارن جو خوف ويٺل پر تنهن هوندي به هاري ڪاميٽيءَ کي ڪاميابي حاصل ٿي ۽ ساڳين سالن ۾ سندن رجسٽرڊ ڪارڪنن جو تعداد 160،000 تائين پهچي ويو ...
    تحريڪ جي ڦهلاءَ ۽ واڌاري لاءِ ” سنڌ هاري ڪاميٽيءَ جي ڇانوَ ۾ ”ڳوٺ ڪاميٽيون“ ٺاهيون ويون ته جيئن تحريڪ کي هڪ سگهاري سياسي جدوجهد ۾ تبديل ڪري سگهجي بجاءِ هڪ پريشر گروپ جي ... هاري ڪاميٽي هارين کي قانوني حقن جي ساڃهه ڏيندي رهي ۽ هارين جي شعور ۾ اضافو ٿيندو رهيو ... هارين جو يقين ڪاميٽيءَ تي سگهارو ٿيندو ويو ۽ غريب هاري انجي پنڊالن تان زميندارن ۽ جاگيردارن خلاف پنهنجي اندر جي باهه ڪڍڻ لڳا ۽ انهن جي خلاف تقريرن ڪرڻ جهڙي ٿي ويا ...
    1950ع ۾ ”سنڌ ٽيننسي ايڪٽ“ پاس ڪيو ويو (مالڪ ۽ ڪرائيدار وارو قانون)
    1947ع ۾ پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ سان سنڌ هاري ڪاميٽيءَ هڪ وڏي جنگ وڙهڻ جو فيصلو ڪيو ۽ حيدر بخش جتوئيءَ جي اڳواڻيءَ هيٺ لڳ ڀڳ 15000 هارين حقن جي مڃتا لاءِ، سموري سنڌ کان ڪراچيءَ طرف پيرين پنڌ هلڻ شروع ڪيو ۽ سنڌ اسيمبليءَ آڏو ڌرنو ڏنو... هن هلچل ۾ ڪو هڪ پٿر به نه اڇلايو ويو پر تنهن هوندي به فوج ۽ پوليس جي وڏن اٽالن پوري ڪراچيءَ کي گهيراءُ ڪيو ته هارين کي خوفزده ڪجي پر هارين جي همٿ ۽ ارادي جي پختگيءَ جو نتيجو اهو نڪتو ته سنڌ حڪومت ” سنڌ ٽيننسي ايڪٽ“ پاس ڪري ڇڏيو ... هن ايڪٽ جو پاس ٿيڻ هاري ڪاميٽيءَ جي اهم ڪاميابي هئي ۽ هارين لاءِ هڪ وڏي فتح پڻ ...
    1950ع جي مارشل لا ...
    ايوب خان 1950ع ۾ پاڪستان تي مارشل لا لاڳو ڪئي ۽ حڪومت جي واڳ پنهنجي هٿن ۾ جهلي ورتي ... سڀني سياسي پارٽين تي بندش هنئي وئي جنهن ۾ سنڌ هاري ڪاميٽي پڻ شامل هئي ... حيدر بخش جتوئيءَ سميت ڪاميٽيءَ جي ڪيترن ئي اڳواڻن کي باندي بڻايو ويو، ۽ ٿوري عرصي کانپوءِ ڪجه اڳواڻن کي آزاد ڪيو ويو پر حيدر بخش جتوئي 1967ع تائين قيد و بند جي تڪليفون برداشت ڪرڻ کانپوءِ آزاد ٿيو ... آزاديءَ کانپوءِ سندس سياسي سرگرميون ۽ هارين جي حقن جي پتوڙ شروع ٿي وئي ... هڪ گڏجاڻي گهرائي وئي جنهن ۾ هارين جي زراعتي سڌارن جي حق ۾ قرارداد پاس ڪئي وئي ۽ صدر ايوب جو ” ون يونٽ“ خلاف پڻ هڪ قرارداد پاس ڪئي وئي ...
    جيئن ته تحريڪ ۾ ٻي ڪا اهڙي قيادت موجود ڪونه هئي جا هاري تحريڪ کي جتوئيءَ صاحب جهڙي همٿ سان وڌائي سگهي ... جتوئي صاحب جي قائدانه صلاحيت هاري تحريڪ کي زور وٺرائي سياست جي آسمان تي چمڪندڙ تاري جي حيثيت ڏياري ڇڏي هئي ... هڪ ئي اڳواڻيءَ جي هيٺ ڪم ڪندڙ تحريڪ کي جتوئيءَ جي قيد و بند جي وچ ڌاران ڪاپاري ڌڪ لڳو هو ...
    پاڪستان جي وجود ڪري هاري تحريڪ کي ڪيترن ئي طريقن سان ختم ڪيو ويو ... جاگيردارن وڏيرن ۽ حڪمرانن سنڌ جي سياست ۽ حڪومت ۾ انڌير نگريءَ وارو راڄ قائم ڪري ڇڏيو ... سنڌ جي هيٺين طبقي کي مٿئين طبقي جي رحم وڪرم تي ڇڏيو ويو...
    قيد و بند جي تڪليفن جي باوجود محترم جتوئي صاحب سنڌ جي حقن واري جدوجهد ۾ سپهه سالار واري حيثيت اختيار ڪندي، دشمن سان هر محاذ تي مهاڏو اٽڪائيندو رهيو پر افسوس جو سندس حياتيءَ ساٿ نه ڏنو ۽ 21 مئي 1970 ۾ هي چمڪندڙ سج پنهنجي جدوجهد جي ڳاڙهاڻ سنڌ جي آسمان تي ڇڏي ڪنهن هماليه جهڙي جبل جي اوٽ ٿي ويو ...

    [​IMG]
     
  2. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    سائين نثار ابڙو صاحب اوهان کي جيترو داد ڏنو وڃي اهو ٿورو آهي۔۔ اهڙي ته ناياب تحرير موڪلي اٿو جو اصل اندر ٺاري وڌو اٿوَ۔۔۔۔۔ سائين مون اڃان ڪجهه پڙهڻ واري ڪيم ته مٿان وري ڪنهن دوست جي ڪال اچي وئي جنهن مونکي پنهنجي طرف گهرائڻ جو چيو آهي۔۔۔

    جلدي ۾ ايترو جواب لکي ڪري موڪليان ٿو باقي فارغ وقت ۾ تسلي سان پڙهي ڪري اوهان جي محنت جو داد ڏبو۔۔۔۔۔
     
  3. احسان علي جانوري

    احسان علي جانوري
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 جون 2009
    تحريرون:
    173
    ورتل پسنديدگيون:
    2
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    student
    ماڳ:
    ميهڙ سنڌ
    تمام سٺي شيئرنگ ادا نثارابڙو، مانواري سائين حيدر بخش جتوئي صاحب واقعي سنڌ جي حقن لاءِ وڏي جدوجهد ڪندو رهيو.
     
  4. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    ادا نثار ابڙو صاحب حيدر بخش جتوئي جون جيڪي قربانيون آهن سنڌ لا۽ ۽ سنڌين لا۽ ان تي اسان کي فخر آهي ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جو نالو سنڌ جي تاريخ ۾ سونهري اکرن سان لکيو ويندو
    اسان کي ان ڳالهه تي فخر آهي ته اسان جي سنڌ امڙ اهڙا جوڌا جوان پيدا ڪيا آهن جن تي اسان کي فخر آهي lajwab-sharing
    سائين نثار ابڙو صاحب توهان جي شيئرنگ جي جيتري به تعريف ڪجي سا گهٽ ٿيندي .shal judy hujeen
    سائين وڌيڪ مون وٽ اهي الفاظ ئي نه آهن جن الفاظن سان مان اوهان جي شيئرنگ جي تعريف ڪري سگهان .
    دعائن ۾ ياد

    sindhsalamatsaathsal
     
  5. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    ادا مخدومي
    سائين فقير
    ۽ جانوري صاحب

    حق موجود؛
    ادا سائين اوهانجي مهرباني جو هن ليک کي مان ڏنو اٿوَ، خوشي جي ڳالهه اها آهي ته تازو ڪجه سنڌ جي هارين طرفان، سنڌ جي زراعت کي تباهيءَ کان بچائڻ جي جدوجهد جي اعلان ڪيوويو آهي ... پنجاب طرفان پاڻيءَ جي چوري ۽ سينا زوري، ٻي طرف سم جي پاڻيءَ سان سنڌ جي زمينن کي زهريلي ڪرڻ جي سازش ۽ مٿان وري وڏا وڏا ڊيم ٺاهي سنڌ جي زراعت کي موت جي ڪنڌيءَ پهچائڻ جا منصوبا جاري ۽ ساري آهن ...

    سنڌ جا سڄاڻ جي هاڻ نه اٿيا ته اهو ڏينهن پري ناهي جو سنڌ ڌرتي رڃ ۾ تبديل ٿي وڃي ...

    الله اهڙو ڏينهن نه ڏيکاري ... آمين
     
  6. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور

    ثم آمين

    sindhsalamatsaathsal
     
  7. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: حيدر بخش جتوئي

    سائين اڄ سندن سالگرهه يعني جنم ڏينهن آهي۔۔۔
     
  8. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: حيدر بخش جتوئي

    ادا تمام پياري ونڊ آهي مهرباني.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو