سچل ڳوٺ ، ڪراچي سنڌ جي هڪ مثالي وسندي آهي. سچل ڳوٺ جي اهميت جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته ڪراچيء ۾ سنڌين جي هيء واحد بستي آهي جتي 100 في صد سنڌي رهن ٿا. سچل ڳوٺ ۾ ترقياتي ڪمن جي شروعات ۽ پلاننگ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن ڪئي هئي ۽ ان کانپوء سچل ڳوٺ ڊولپمينٽ ڪميٽي جو بنياد وڌو ويو جيڪا هتان جي نمائنده تنظيم آهي.
مڊل ڪلاس ۽ لکيل پڙهيل سنڌين جي هيء وسندي سچل ڳوٺ مِني سنڌ جي نالي سان به مشهور آهي. ان جو سبب اهو آهي ته هتي سنڌ جي هر علائقي ، ضلعي ، تعلقي ۽ شهر جو ماڻهو آباد آهي. ڪراچي کان ڪشمور ۽ ڪينجهر کان ڪارونجهر تائين سمايل سموري سنڌ جا ماڻهو هتي آباد آهن.
جتي سچل ڳوٺ وارن پنهنجي ٻَڌي ۽ ايڪي سان گهڻا ترقياتي ڪم ڪرايا آهن پر پوء به هتي ڪافي مسئلا پڻ آهن. ڪجه ڏينهن اڳ پاڪستان ٽيليويزن پاران سچل ڳوٺ تي هڪ خصوصي پروگرام واء سواء ۾ هلايو هو جيڪو دوستن سان ونڊ ڪجي ٿو.

سچل ڳوٺ جي مٿان مينهوڳيء جو نظارو

سچل ڳوٺ جي ٺهندڙ مين روڊ جي تعمير

روشن تارا اسڪول روڊ سچل ڳوٺ

سچل ڳوٺ جو گوگل ارٿ تان ورتل فوٽو