• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سچل ڳوٺ ، ڪراچي سنڌ جي مثالي وسندي

جواب: سچل ڳوٺ ، ڪراچي سنڌ جي مثالي وسندي

سچل ڳوٺ کي مِني سنڌ جو لقب مرحوم علي احمد بروهيء ڏنو هو ۔ کيس سچل ڳوٺ سان خاص پيار هو۔ سدائين ڀيرو ڀڃندا رهيا۔ ممتاز صاحب جي به مهرباني جن سچل لاء سهڻو لکيو آهي۔

ادا نثار ابڙي جو ڳوٺ آهي سائين کي هي سڀ ڪجه ڏسي سچل گهڻو ياد ايندو هوندو۔ سائين اوهان کي سڪ ڀريو سلام

سائين غلام مرتضي، رب اوهانکي پنهنجي امان ۾ رکي ، اسين ته اوهان دوستن جي ڇانوَ ۾ آهيون، ۽ اوهانجي هجڻ سان پنهنجي دل به شينهن جي ٿي ويندي آهي ۔۔۔ باقي هي بيت ته ٻڌو اٿوَ ته ۔۔۔

ڪي ويجهائي ڏور، ڪي ڏور به ويجها سپرين،
ڪي چڙهن نه چت تي، ڪي وسرن نه مور،
جيئن مينهن ڪڍيائي ڪور، تيئن دوست وراڪو دل سين۔

بلڪل ساڳئي طرح آ خيالن، خوابن ۾ اوهان سان گڏ هوندو آهيان ۔۔۔ پر وري به اوهانجا هي سهڻا ونڊ دل کي سڪون ڏيندا آهن ته سنڌ سميت سچل ڳوٺ به قومي ڪم ۾ پاڻ ملهائي رهيو آهي ۔۔۔

لک ٿورا مان ڏيڻ جا ۔۔۔
 
جواب: سچل ڳوٺ ، ڪراچي سنڌ جي مثالي وسندي

ادا ممتاز اوهان جو ونڊ تمام بهترين ۽ اسان لا ڪارائتو آهي جو اسان پنهنجي ڳوٺ جي باري ۾ بهترين معلومات حاصل ڪئي۔

اوهان جي اهڙن لکڻين جو انتظار رهندو۔

سدائين گڏ
 
جواب: سچل ڳوٺ ، ڪراچي سنڌ جي مثالي وسندي

ادا ممتاز اوهان جو ونڊ تمام بهترين ۽ اسان لا ڪارائتو آهي جو اسان پنهنجي ڳوٺ جي باري ۾ بهترين معلومات حاصل ڪئي۔

اوهان جي اهڙن لکڻين جو انتظار رهندو۔

سدائين گڏ
ادا اوهان جون مهربانيون جو اوهان منهنجي ونڊ کي به پسند ڪيو جنهن لاء اوهان جا قرب ۽ مهربانيون ، ادا سنڌ جي ته ذري ذري لاء مان ڪوشش ڪندس ته لکان ۽ ان بابت معلومات سنڌ سلامت جي ساٿين کي ڏيان، بس ادا توهان دعا ڪندا رهو ته منهنجو اهو جذبو ۽ ڪوشش جاري رهي ۽ مان سنڌ جي چپي چپي ۽ انچ انچ لاء لکندو رهان
 
جواب: سچل ڳوٺ ، ڪراچي سنڌ جي مثالي وسندي

سچل ڳوٺ کي مِني سنڌ جو لقب مرحوم علي احمد بروهيء ڏنو هو ۔ کيس سچل ڳوٺ سان خاص پيار هو۔ سدائين ڀيرو ڀڃندا رهيا۔ ممتاز صاحب جي به مهرباني جن سچل لاء سهڻو لکيو آهي۔

ادا نثار ابڙي جو ڳوٺ آهي سائين کي هي سڀ ڪجه ڏسي سچل گهڻو ياد ايندو هوندو۔ سائين اوهان کي سڪ ڀريو سلام

سائين اوهان جا به قرب

اوهان جهڙن نوجوانن جي همٿ ۽ ساٿ رهيو ته سچل ڳوٺ اڃان ترقيء جون منزلون طعي ڪندو۔
 
جواب: سچل ڳوٺ ، ڪراچي سنڌ جي مثالي وسندي

ادا اوهان جون مهربانيون جو اوهان منهنجي ونڊ کي به پسند ڪيو جنهن لاء اوهان جا قرب ۽ مهربانيون ، ادا سنڌ جي ته ذري ذري لاء مان ڪوشش ڪندس ته لکان ۽ ان بابت معلومات سنڌ سلامت جي ساٿين کي ڏيان، بس ادا توهان دعا ڪندا رهو ته منهنجو اهو جذبو ۽ ڪوشش جاري رهي ۽ مان سنڌ جي چپي چپي ۽ انچ انچ لاء لکندو رهان

ادا ممتاز مهرباني

اوهان جو سچل ڳوٺ تي لکيل تفصيلي مضمون بهترين آهي ۔ عوامي آواز وارن هميشه سچل ڳوٺ کي خاص اهميت ڏني آهي ۽ سچل ڳوٺ تي وقت به وقت خاص مضمون ۽ رپورٽون ڏيندا رهن ٿا

اوهان جو سچل ڳوٺ لاء پيار ۽ پنهنجائپ ڏسڻ وٽان آهي۔
 
جواب: سچل ڳوٺ ، ڪراچي سنڌ جي مثالي وسندي

، ادا سنڌ جي ته ذري ذري لاء مان ڪوشش ڪندس ته لکان ۽ ان بابت معلومات سنڌ سلامت جي ساٿين کي ڏيان، بس ادا توهان دعا ڪندا رهو ته منهنجو اهو جذبو ۽ ڪوشش جاري رهي ۽ مان سنڌ جي چپي چپي ۽ انچ انچ لاء لکندو رهان [/size][/QUOTE]
سائين اوهان جي جذبات ۽ ڪم واقعا انقلابي آهن، الله سائين اوهان جي جذبن ۾ اڃان وڌيڪ تڙپ ۽ حرارت عطا ڪري۔
 
جواب: سچل ڳوٺ ، ڪراچي سنڌ جي مثالي وسندي

سڀني دوستن جا قرب جن هن ونڊ تي پنهنجا رايا ڏنا
 
جواب: سچل ڳوٺ ، ڪراچي سنڌ جي مثالي وسندي

ادا ممتاز مهرباني

اوهان جو سچل ڳوٺ تي لکيل تفصيلي مضمون بهترين آهي ۔ عوامي آواز وارن هميشه سچل ڳوٺ کي خاص اهميت ڏني آهي ۽ سچل ڳوٺ تي وقت به وقت خاص مضمون ۽ رپورٽون ڏيندا رهن ٿا

اوهان جو سچل ڳوٺ لاء پيار ۽ پنهنجائپ ڏسڻ وٽان آهي۔
ادا وساڻ صاحب توهان جي مهرباني جو توهان منهنجي هن ڪوشش کي پسند ڪيو، جنهن لاء اوهان جا قرب ۽ محبتون ۽ مهربانيون هميشه ياد رهنديون الله توهان کي هميشه خوش رکي آمين
 
جواب: سچل ڳوٺ ، ڪراچي سنڌ جي مثالي وسندي

، ادا سنڌ جي ته ذري ذري لاء مان ڪوشش ڪندس ته لکان ۽ ان بابت معلومات سنڌ سلامت جي ساٿين کي ڏيان، بس ادا توهان دعا ڪندا رهو ته منهنجو اهو جذبو ۽ ڪوشش جاري رهي ۽ مان سنڌ جي چپي چپي ۽ انچ انچ لاء لکندو رهان سائين اوهان جي جذبات ۽ ڪم واقعا انقلابي آهن، الله سائين اوهان جي جذبن ۾ اڃان وڌيڪ تڙپ ۽ حرارت عطا ڪري۔
ادا محمد قاسم ( تسنيمي) چانڊيو صاحب توهان جون مهربانيون جو توهان ايران جي شهر (قم ) مان پنهنجي پڙهائي مڪمل ڪرڻ دوران منهنجون هي ڪمزور ڪوششون ڏسندا ۽ پڙهندا رهو ٿا، ان کان علاوه مون کي ان ڳالهه جي بيحد خوشي ٿئي جو اوهان جهڙي عالم مون کي اهيا دعا ڏني آهي ته ( الله سائين اوهان جي جذبن ۾ اڃان وڌيڪ تڙپ ۽ حرارت عطا ڪري ) سو ادا ان لاء اوهان جون مهربانيون ۽ قرب۔ادا اسان جي به اهيا دعا آهي ته رب پاڪ اوهان جي تعليم خير سان مڪمل ڪري ۽ الله اوهان کان پنهنجي رضا لاء حق سچ جي جدو جهد ۽ ڪوشش لاء توهان کان ڪم وٺي آمين،
 
جواب: سچل ڳوٺ ، ڪراچي سنڌ جي مثالي وسندي

ادا وساڻ صاحب توهان جي مهرباني جو توهان منهنجي هن ڪوشش کي پسند ڪيو، جنهن لاء اوهان جا قرب ۽ محبتون ۽ مهربانيون هميشه ياد رهنديون الله توهان کي هميشه خوش رکي آمين

جڏهن ته هن سموري سفر ۾ تاج محمد وساڻ جن سان ساٿ ۾ سچل ڳوٺ ڊولپمينٽ چيئرمين ربنواز ڀٽو سابقه پ پ پ ڪلچرل ونگ ڪراچي ڊويزن صدر مولا بخش چنڊ (سگا سچل شاخ صدر سراج الدين ميمڻ) سگا سچل شاخ جنرل سيڪريٽري ڪرم الاهي چنا، سگا شاخ اڳواڻ غلام رسول ٻٻر علي انور بالادي پرنسپال سچل پبلڪ اسڪول، سماجي ڪارڪن غلام سرور جوکيو، پ پ سچل يونٽ جو صدر مينهل خان ڇٽو، عطاءُالله عباسي، شاهه محمد چنا، سپاف پ پ صدر امداد ڏهر، علي حسن سومرو، محمد يعقوب سولنگي) شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ڳوٺ (سيتانگر) سماجي ڪارڪن منظور احمد شاهه، غلام سرور ڀٽو، سميت انيڪ سياسي سماجي ۽ ادبي دوستن جو ساٿ رهيو. (1)(5) سچل ڳوٺ ۾ هڪ پلي گرائونڊ پڻ آهي جنهن پلي گرائونڊ تي ڳوٺان ٻارڙن ڪرڪيٽ ۽ ٻيون رانديون کيڏندا رهن ٿا

ادا ممتاز اوهان جو هر ليک منفرد ۽ ڄاڻ وارو هوندو آهي۔ اوهان جي سچل ڳوٺ جي باري ۾ سٺي ڄاڻ آهي۔ مان ٿورو اپڊيٽ ڪندو هلان ته سچل ڳوٺ ڊولپمينٽ ڪميٽيء جي تازين چونڊن کانپوء محترم غلام رسول ٻٻر چيئرمين چونڊجي آيو آهي۔ مان هتي نئيين چونڊجي آيل باڊيء جا نالا پيو پيش ڪيان :

 
جواب: سچل ڳوٺ ، ڪراچي سنڌ جي مثالي وسندي

سنڌ سلامت جي مينيجنگ ايديٽر سليمان صاحب کي شاباسون هجن جو سنڌ سلامت جي ڪمپيوٽر تي ويهي ڪم ڪرڻ کانسواء عملي طور به سماجي ڪمن ۾ دوستن سان گڏ آهي۔

سچل ڳوٺ ۾ وڻڪاري مهم ۾ سچل ڳوٺ ڊولپمينٽ ڪميٽي جو چيئرمين غلام رسول ٻٻر ، سيڪريٽري جنرل تاج محمد وساڻ، جوائنٽ سيڪريٽري الهداد گوپانگ ۽ ابراهيم ڀٽو

197988_1911506665589_1179567033_32418501_7648866_n.jpg


سچل ڳوٺ ۾ وڻڪاري مهم دوران سچل ڳوٺ جي مين روڊ سان وڻ لڳائڻ دوران سنڌ سلامت جو مينيجنگ ايڊيٽر سليمان وساڻ

196354_1912794937795_1179567033_32420047_5697048_n.jpg
 
جواب: سچل ڳوٺ ، ڪراچي سنڌ جي مثالي وسندي

پيارا دوستو سلام !

سچل ڳوٺ جي آ تم ڪھا ڻي مون وٽ آھي، دعا ڪندا ته اھا سنڌ سلامت تي لکي سگھڻ جي قابل ٿي سگھان ۽ تاريخ جي ان ورقن کي انسانن اڳيان پيش ڪرڻ جي قابل ٿي سگھان ۔سچل ڳوٺ کي سينگارڻ ، سنوارڻ ۾ ڪنهن هڪ جو نه پر دوستن جي گڏيل جدوجهد جو نتيجو آهي۔ ڇاڪاڻ ته ڪنھن به سٺي شي جا دعويدار ته گھڻا ئي ھونداآھن پر اصل حقيقتون ڪجھ ٻيون ھونديون آھن، جتي هنن سڀني دوستن سان گڏجي سچل ڳوٺ لاء پاڻ پتوڙيو آهي ته اتي سختين ۽ مشڪلاتن کي به منهن ڏنو آهي۔

سچل ڳوٺ جي ارتقا جي ھڪ تاريخي حقيقت جا ثبوت منھنجي فائيلن م محفوظ آھن جيڪي انشاء الله دوستن سان ونڊ ڪبا ۽ تاريخ جو حصو ٿيندا۔ سڀني دوستن جون مهربانيون جن سچل ڳوٺ جي چڱائي ۽ ترقي لاء هٿ ونڊايو آهي۔

مهرباني
 
جواب: سچل ڳوٺ ، ڪراچي سنڌ جي مثالي وسندي

سائين وساڻ صاحب گهڻي قدر ترقياتي ڪم اتي ٿيندا آهن
جاٿي سليمان صاحب جهڙا جاکوڙيندڙ داناهه۽ باشعور ماڻهو رهندا هجن
مان سمجهان ٿو اتي 100‌ سيڪڙو ترقياتي ڪم ضرور ٿيندو
هون‌ به سچل ڳوٺ اوهانجي تحريرن وانگر تمام سهڻو آهي
کوڙ ساريون مبارڪون هجن اوهانکي
سدائين گڏ
 
نهايت شاندار ونڊ

اها هڪ حقيقت آهي ته هڪ دفعو جنهن سچل ڳوٺ ڏٺو_دل بار بار پئي لامارا ڏيندس ته جيڪر هي ڳوٺ وري وري گهمجي_
 
سچل ڳوٺ ، ڪراچي سنڌ جي هڪ مثالي وسندي آهي. سچل ڳوٺ جي اهميت جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته ڪراچيء ۾ سنڌين جي هيء واحد بستي آهي جتي 100 في صد سنڌي رهن ٿا. سچل ڳوٺ ۾ ترقياتي ڪمن جي شروعات ۽ پلاننگ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن ڪئي هئي ۽ ان کانپوء سچل ڳوٺ ڊولپمينٽ ڪميٽي جو بنياد وڌو ويو جيڪا هتان جي نمائنده تنظيم آهي.

مڊل ڪلاس ۽ لکيل پڙهيل سنڌين جي هيء وسندي سچل ڳوٺ مِني سنڌ جي نالي سان به مشهور آهي. ان جو سبب اهو آهي ته هتي سنڌ جي هر علائقي ، ضلعي ، تعلقي ۽ شهر جو ماڻهو آباد آهي. ڪراچي کان ڪشمور ۽ ڪينجهر کان ڪارونجهر تائين سمايل سموري سنڌ جا ماڻهو هتي آباد آهن.

جتي سچل ڳوٺ وارن پنهنجي ٻَڌي ۽ ايڪي سان گهڻا ترقياتي ڪم ڪرايا آهن پر پوء به هتي ڪافي مسئلا پڻ آهن. ڪجه ڏينهن اڳ پاڪستان ٽيليويزن پاران سچل ڳوٺ تي هڪ خصوصي پروگرام واء سواء ۾ هلايو هو جيڪو دوستن سان ونڊ ڪجي ٿو.




581251_4068265543213_754620964_n.jpg

سچل ڳوٺ جي مٿان مينهوڳيء جو نظارو
30420_1488477090114_1179567033_31466930_6252085_n.jpg

34294_1523413643506_4303945_n.jpg

سچل ڳوٺ جي ٺهندڙ مين روڊ جي تعمير


39511_1551484425258_1275992_n.jpg

روشن تارا اسڪول روڊ سچل ڳوٺ


39605_1640787617782_258427_n.jpg

سچل ڳوٺ جو گوگل ارٿ تان ورتل فوٽو

سچل ڳوٺ ، ڪراچي سنڌ جي مثالي وسندي. شال منهنجي سنڌ جا ماڳ وسن، آمين
 
Back
Top