سنڌي شاعريءَ جو مزاج (تحرير : شمشيرالحيدري)

'مقالا' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏10 جنوري 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سنڌي شاعريءَ جو مزاج

    (تحرير : شمشيرالحيدري)

    [JUSTIFY]سنڌي شاعريءَ جي اوسر جا اوائلي سرچشما ڪهڙا به هجن، بيت ۽ وائيءَ جي ڪلاسيڪي هيئت ان جو بنياد آهي. اهي ٻئي صنفون آڳاٽيون آهن، جيڪي فارسي بحرن تي ٻڌل نه آهن، پرسنڌي شاعريءَ جو سڀ کان عظيم سرمايو آهن. بيت هندي ڇند تي ٻڌل آهي ۽ وائي راڳڌاريءَ جي اصولن تي. سنڌي شاعريءَ تي انهن صنفن جي مواد ۽ هيئت ۾ قائم ڪيل روايتن جو ايترو ته اونهو اثر آهي جو هڪ سؤ سالن جو روايتي شاعريءَ وارو دور به ان کي ختم ڪري نه سگهيو. غزل جو اهو فارسي بحرن وارو نظام جيتوڻيڪ حاڪمن جي تسلط هيٺ "فارسي گهوڙي چاڙهسي" جي انعامي ماحول ۾ اُپڙيو، پر سنڌيءَ جي ڪنهن به وڏي شاعر نه رڳو فارسي عروض وارن قاعدن کي ڪڏهين به مڪمل صورت نه قبوليو، بلڪ ان جي مدافعت به ڪئي ويئي: "جي تون گهوڙي چڙهئين، گولو توءِ غلام!" (لطيف)

    فارسيءَ جو عروضي سرشتو تيستائين پنهنجو مڪمل اثر نه ڄمائي سگهيو، جيستائين شاعريءَ ۾ مقامي ماحول کي به بدلائي، ايراني ماحول کي نه آندو ويو. ٻين لفظن ۾، ائين ڪرڻ لاءِ گويا شاعريءَ جي مقامي روايتن کان ناتو ٽوڙيو ويو. پر پنهنجي اصل مزاج کان اها علحدگي پوءِ عمل ۾ آئي، جڏهين سنڌي شاعري پنهنجي جديد دور ۾ داخل ٿي رهي هئي، جنهن ۾ ان جو بنياد ڪلاسيڪي روايتن تي قائم رکندي، نوان تجربا ۽ اضافا ڪيا ويا. انهيءَ ڪري، جيڪڏهن سنڌي شاعري جو ارتقائي مطالعو ڪبو ته اهو مختصر دور، جنهن ۾ سنڌي شاعري مڪمل طرح ايراني ماحول ۽ فارسي شاعريءَ جي روايتن جي قبضي ۾ اچي وئي، سو پنهنجي ڪلاسيڪي دور ۽ جديد دور جي وچ ۾ ائين بي تعلق نظر ايندو، جيئن انگريزي شاعريءَ جو "ڪلاسيڪي دور" مشهور آهي، جنهن جو تعلق نه اڳئين "ايلزابيٿ دور" سان آهي، ۽ نه پوئين "رومانوي دور" سان. پر تڏهين به انگريزي شاعريءَ ۾ ڪلاسيڪي دور جي انڪري اهميت آهي جو ان ۾ ڪي وڏا شاعر پيدا ٿيا. ليڪن سنڌي شاعريءَ جي انهيءَ فارسيت زده "بي تعلق دور" ۾ ڪوبه وڏو شاعراڻو ڪارنامو ظاهر نه ٿي سگهيو. ڇاڪاڻ ته ان جون پاڙون سنڌ ۾ نه بلڪ ايران ۾ هيون. اسين پنهنجي شاعريءَ جي انهيءَ صورتحال جو آسانيءَ سان مشاهدو ڪري سگهون ٿا.

    فارسي بحران واري شاعري، ٿلهي ليکي، "غزل" جي شاعري آهي. سنڌيءَ ۾ غزل جو پهريون نشان "گل" جو ديوان آهي. غزل جي انهيءَ شاعريءَ ۾ اسان کي فارسيت بجا”، ٺيٺ سنڌي مزاج نظر ايندو. زبان، ماحول، فضا ۽ سمورا اسم هتي جا آهن. وڻ ۽ وليون، ماڻهن جا ڌنڌا ۽ عادتون، ماڳ ۽ منظر، سڀ مقامي آهن. بحرن ۾ عروضي قانونن واري سختي ڪانهي، ۽ صوتي اچارن تي قافيا به موجود آهن- جيئن سنڌيءَ جي ڪلاسيڪي شاعريءَ ۾ آهن. سنڌي غزل جي اها پهرين روايت هئي، جا تصوف جي دور سان لاڳاپيل آهي. پرگهڻو پوءِ جي غزلگو شاعرن، جن کي اسين "بي تعلق دور جا فارسيت زده شاعر" چئي آيا آهيون، انهيءَ روايت سان پنهنجو تعلق قائم نه ڪيو.

    سنڌي غزل ۾ ٻي اهم روايت "سانگي" قائم ڪئي، جنهن پهريون ڀيرو عشقيه شاعريءَ کي مڪمل روپ ڏنو. سانگيءَ جي ڪلام ۾ به اسان کي ايراني منظر نه ٿا ملن. سندس زبان ۽ لب لهجو به مقامي آهي ته ان جي پيشڪش به پنهنجي اٿس. ڪلاسيڪي تلميحون به استعمال ڪيون اٿس، ته ترڪيبون ۽ استعارا به. عروضي اصولن جي سختيءَ کي سانگيءَ به نه قبوليو آهي پر ٺيٺ فارسيت زده غزلگو شاعرن انهيءَ روايت تي به پنهنجو بنياد نه رکيو. انهي ئي دور ۾ شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ جو ظهور ٿيو آهي، جنهن سان سنڌي شعريءَ جي نئين دور جو پايو پيو، ۽ ڪشنچند "بيوس" ان تي پهرين عمارت کڙي ڪئي.

    مٿي اسان سنڌي جي موزون شاعريءَ جا ٻه مکيه مرحلا ڏٺا، جن ۾ جيتوڻيڪ ڪلاسيڪي شاعريءَ جي ڇند واريءَ هيئت کان الڳ، عربي عروض جي ايراني صنف "غزل" ۾ شاعري ڪئي ويئي آهي، پر ان جو مواد، موضوع، ماحول ۽ مزاج اهو ئي مقامي رهيو آهي، جيڪو ڪلاسيڪي شاعريءَ جي بنيادي روايت آهي. مٿي فقط "غزل" تي نظر وڌي ويئي آهي، ڇاڪاڻ ته "موزون ڪلام" جي سڀني صنفن مثنوي، مسمط، رباعي وغيره مان. غزل ئي سڀني جي "شاهه صنف" ۽ عروض جي مڙني قاعدن قانونن جي سخت کان سخت پابندي گهرندڙ صنف آهي، پر مٿي بيان ڪيل ٻن مکيه روايتن سان متعلق موزون ڪلام جي ٻين صنفن ۾ به اسان کي ساڳي ڳالهه نظر ايندي، جيڪا غزل لاءِ بيان ڪئي ويئي. بلڪ انهن ۾ غزل کان وڌيڪ مقاميت موجود ملندي، ڇو ته غزل بنيادي طرح "داخلي شاعريءَ" جي صنف آهي ۽ عروضي نظم جي مختلف نمونن جهڙوڪ: مثنوي، مسندس، مخمس وغيره ۾ فطرت جي منظر نگاري، شخصيتن جي سيرت نگاري، روزمره جي واقعن، قومي جذبن ۽ ٻين انيڪ موضوعن تي فڪر ۽ مشاهدي جا پهلو پيش ڪرڻ جي گنجائش آهي. تنهن ڪري شاعرن پنهنجي ديس جي ذري پرزي کي ان ۾ سمايو آهي، ۽ پڻ قومي بيداريءَ جا بيان به انهن ۾ پيش ڪيا آهن. انهيءَ سلسلي ۾ مير عبدالحسين "سانگيءَ" جو "گنجي ٽڪر" تي نظم، حافظ حامد جو نظم "مارئي"، محمد صديق "مسافر" جو "ڦليلي"، الهه بخش اٻوجهي جي "مسندس"، قليچ بيگ جو "بهار" ۽ ٻيا ڪيترائي نظم، شمس الدين "بلبل" جا اڪثر نظم، غلام محمد "نظاميءَ" جا قومي نظم، ۽ ٻين ڪيترن شاعرن جا ڪافي، مثال آهن. جيڪي زبان، ماحول ۽ لب لهجي جي لحاظ کان ايراني روايتن کان بلڪل آجا آهن.

    مٿي چيو ويو آهي ته ايراني ماحول کان آزاد رهندڙ موزون ڪلام واريءَ سنڌي شاعريءَ ڪڏهن به عروضي قاعدن جي پابندين کي مڪمل طرح قبول نه ڪيو آهي. هيءَ حقيقت آهي ته جيڪڏهن انهن سان عروضي پابندين کي سختيءَ سان لاڳو ڪبو ته "گل" کان وٺي سانگي، گدا ۽ قليچ تائين (ايراني ماحول واريءَ شاعريءَ کان قطع نظر ڪندي)، اسلوب جي مڪمل مثال طور، اسان کي تمام ڪي ٿوريون شيون اهڙيون ملنديون، جن کي "غزل" ڪوٺي سگهجي. مثلن گهڻو ڪري انهن سڀني شاعرن "مسلسل غزل" چيا آهن، جيڪي "غزل" جي عروضي وصف مطابق غزل نه آهن. غزل "ريزه خيالي" جي صنف آهي، جنهن ۾ مسلسل بيانيءَ جي گنجائش ڪانهي. "غزل" جو هرڪو شعر مضمون ۽ مطلب ۾ پنهنجي سر مڪمل (Independent) هجڻ کپي، پر مسلسل مضمون تي ٻڌل غزل ۾ اهو بنيادي اصول ئي ختم ٿي وڃي ٿو. گل، سانگي، گدا، قليچ، مسافر ۽ ٻين سڀني انهن غزلگو شاعرن مسلسل غزل چيا آهن، جن پنهنجين مقامي روايتن سان رشتي هجڻ سبب عروضي پابندين کي پاڻ تي غالب نه ٿيڻ ڏنو. هڪ اڌ کان سوا”، سنڌيءَ جا سٺا غزلگو شعر انهيءَ ئي گروهه سان تعلق رکن ٿا. مواد جي لحاظ کان به هن گروهه جي شاعرن عروض کان گريز ڪيو آهي. سندن غزلن جي سرسري مطالعي مان ئي معلوم ٿي ويندو ته هو فقط غزل جي جسم کي استعمال ڪري رهيا آهن، پر ان ۾ روح غزل جو نه آهي ۽ غزل جي هيئت ۾ نظم جو مواد ڀريل آهي. مطلب ته سنڌي شاعريءَ جو مزاج عروضي قاعدن سان ٺهڪندڙ نه هو، تنهن ڪري جڏهن وقت جي لهر سان ايراني بحرن واريءَ شاعريءَ جو رواج هلي ويو، تڏهين به بحر، وزن، زبان، مواد ۽ اسلوب جي لحاظ کان شاعرن پنهنجين مقامي روايتن جو رنگ قائم رکيو.

    ٻئي طرف اسان کي انهيءَ واٽ کان الڳ هلندڙ اُهو گروهه نظر اچي ٿو، جيڪو ڪنهن به ڳالهه ۾ مقامي مزاج سان نه ٿو ٺهڪي. ايران جو اجنبي ماحول، پر تڪليف ۽ مصنوعي لب لهجو، فارسيءَ جون اوپريون ترڪيبون، اڻ ڏٺل استعارا ۽ تشبيهون، مطلب جي وفائيءَ بدران عروضي قاعدن جي وٺ وٺان ۽ صنايع بدايع جون چٽاڀيٽيون. مطلب ته ڪابه ڳالهه ان ۾ پنهنجي نظر نه ٿي اچي. ان جو فقط هڪڙو ئي سبب ٿي سگهي ٿو: انهن شاعرن وٽ بيان ڪرڻ لاءِ ڪابه "نئين ڳالهه" ڪانه هئي، ڪابه تخليقي صلاحيت منجهن ڪانه هئي، ذاتي مشاهدي جي قوت منجهن ڪانه هئي، جذبي ۽ محسوسات کان عاري هئا، تنهن ڪري انهن ايراني شاعرن جي بيان ڪيل موضوعن کي ورتو، ايراني شاعرن جي تخليق ڪيل ترڪيبن ۽ استعارن کي استعمال ڪيو، ايراني شاعرن جي مشاهدي جا نتيجا دهرايا، ۽ جذبي احساس جي پرخلوص پيشڪش بدران صنايع بدايع ۽ فني ڪاريگرين کي ئي شاعريءَ جو معيار ٺهرايائون. اهوئي سبب آهي جو ايراني شاعريءَ جي ساڳئي اثر هيٺ اردوءَ ۾ مير، ذوق، غالب، جگر، نظير، اڪبر آبادي، فيض، ۽ فراق جهڙا بهترين تخليقي شاعر پيدا ٿيا، جن "غزل" کي اردوءَ جو تهذيبي سرمايو بنائي ڇڏيو، پر اسان وٽ سنڌي زبان ۾ هن گروهه مان رڳو هڪڙو "فن جو باڪمال شاعر" به ڪونه پيدا ٿيو. افسوس وري هي آهي جو انهن جي "فني معيار" کان اسان کي ايترو مرعوب ڪيو پيو وڃي جو اسان مان گهڻا اڃا به شاعريءَ جو معيار انهيءَ بي مقصد حرفت بازيءَ جي بحرن، قافين ۽ صنعتن جي اصطلاحن سان جاچيندا آهن.

    ٽئين طرف، جديد شاعريءَ جون شخصيتون آهن، جن تمام سمجهداريءَ سان جرئت ڀريو ڪردار ادا ڪيو آهي. هنن ٺيٺ ايراني ماحول واريءَ شاعريءَ کان واٽ مٽائي، سڌيءَ طرح پنهنجيءَ ڪلاسيڪي شاعريءَ جي روايتن سان تعلق قائم ڪيو آهي. ان طرح هڪ طرف هو بيت، وائي ۽ ڪافيءَ جي صنفن ۾ طبع آزمائي ڪن ٿا ته ٻئي طرف پنهنجي سموريءَ شاعريءَ ۾ شاهه، سچل، سامي، بيدل، روحل ۽ ٻين ڪلاسيڪي شاعرن جي قائم ڪيل مضمونن ۽ تلميحن کي ورجائي، انهن کي نئين معنويت ڏيئي رهيا آهن. مومل، مارئي، ٻيجل، ليلان، ڏياچ، منصور ۽ ٻيا ڪردار جديد شاعريءَ جو پسنديده موضوع آهن. هو زبان ۾ ايراني ترڪيبن کي ترڪ ڪري چڪا آهن ۽ عروضي پابندين ۾ وڌيڪ نرمي آندي اٿن. بيت جي ڇند وديا واريءَ صنف جي زمري ۾، دوهي ۽ گيت کي رائج ڪيو اٿن. غزل جي مقامي رنگ واري سلسلي کي اڳتي وڌائي، ان ۾ سلاست ۽ روانيءَ جا تجربا ڪري، ڪافيءَ جي قريب وٺي آيا آهن. غزل ۾ به ڪلاسيڪي تلميحون ۽ مقامي تاريخي واقعا ۽ ڪردار داخل ڪري رهيا آهن. "رقيب و سياه" جو تصور سنڌي شاعريءَ ۾ اصل کان آهي ئي ڪونه، جيڪو ايراني شاعريءَ جو مرغوب ڪردار آهي، سو جديد شاعريءَ ۾ به ڪونه ملندو. ايراني شاعريءَ جي مذڪر محبوب بجاءِ ڪلاسيڪي شاعريءَ جيان، جديد شاعريءَ ۾ محبوب کي تانيث جي صيغي ۾ بدلائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي (جنهن تان فحاشيءَ جو مسئلو پيدا ٿيو آهي.)

    پنهنجي ماضيءَ جي زنده روايتن جي حفاظت سان گڏ، هرڪا شاعري پنهنجي دور جون نيون روايتون به قائم ڪندي آهي، ڇو ته ان جو پنهنجو زمانو ۽ بدليل حالتون هونديون آهن. جديد شاعريءَ جو هيئت جي تجربن ۾ سڀ کان وڏو اضافو "جديد نظم" آهي، جنهن ۾ بندن جو نظم (Stanza Poem)، سانيٽ، بنا قافئي نظم، آزاد نظم ۽ مختصر نظم شامل آهن. مواد جي لحاظ کان، زماني جي جديد ترين فڪر ۽ بين الاقوامي احساس کي سنڌي شاعريءَ ۾ جڳهه ڏني ويئي آهي. بنيادي روايتن جي حوالي سان، هيءَ ڳالهه شايد سڀ کان اهم آهي ته جديد نظم نگاريءَ ۾ ڪٿي به مغربي منظر نظر نه ايندا- بلڪ "موهن جو دڙو" (تنوير)، "ڦليلي" (هري دلگير، پروانو ڀٽي)، "مڪلي" (نياز همايوني)، "ڪراچي" (سراج)، "سنڌو ڌارا" (بردو سنڌي)، "منهنجي مٺڙي سنڌ" (اياز)، "درياهه شاهه" (حيدر بخش)، "ملڪن جي راڻي سنڌڙي" (نياز همايوني)، "او منهنجا وطن" (کيئلداس "فاني")، "عظيم سنڌ" (سليم ڳاڙهوي)، ۽ اهڙائي ٻيا سوين نظم ملندا، جن سان نئين شاعر جو جسم ۽ روح وارو رشتو آهي.
    مطلب ته سنڌي شاعريءَ جي بنيادي دور کان وٺي جديد دور تائين جي سڄي سلسلي تي نظر وجهڻ کان پوءِ هيٺيان مکيه نتيجا قائم ڪري سگهجن ٿا:

    (1) سنڌيءَ جي "عظيم شاعري" (ڪلاسيڪل) عروضي پيمانن تي نه، بلڪ هندي وزن ۽ موسيقيءَ جي اصولن تي ٻڌل آهي.
    (2) عروضي پابنديون سنڌي مزاج سان ٺهڪندڙ نه آهن، ۽ سنڌي شاعرن انهن تي ڪڏهن به مڪمل طرح عمل نه ڪيو آهي.
    (3) ٺيٺ ايراني ماحول واري روايتي شاعري، شروع کان اڄ تائين، سنڌي شاعريءَ جي ڪنهن به دور سان نه ٿي ٺهڪي ۽ اها سنڌي مزاج کان مختلف آهي.
    (4) سنڌي شاعريءَ شروع کان اڄ تائين ٻاهريون صنفون فقط اظهار جي سانچي طور اختيار ڪيون. هڪڙي گروهه انهن ۾ زبان، مواد، ماحول، ڪردارن ۽ اصلوب جي لحاظ کان مڪمل طرح ايراني شاعريءَ جي تقليد ڪئي، تنهن ڪري سنڌي شاعريءَ جي ارتقا ۾ ان جو ڪوبه دخل ڪونهي.
    (5) جديد شاعري ڪلاسيڪي دور جو نئون تعبير آهي، ۽ سنڌي مزاج سان موافق آهي.

    "آزاد نظم" جديد شاعريءَ جي هڪ نئين روايت آهي، جنهن کي سمجهڻ لاءِ جديد دور جي پس منظر کي الڳ نه ٿو ڪري سگهجي. نون تجربن جي سلسلي ۾ هيءَ صنف به هڪ شعوري ڪوشش آهي، جنهن جو بنياد مٿي ذڪر ڪيل روايتن تي رکيل آهي. عروضي بحرن ۽ قافيي جي استعمال ۾ وسعت پيدا ڪري، هڪ مغربي صنف کي جنهن طرح پنهنجي انداز ۾ اختيار ڪيو ويو آهي، سو "آزاد نظم جو فن" واري باب ۾ بيان ڪيل آهي. هتي فقط اهو ڏيکارڻ مقصود هو ته عروضي پابنديون سنڌي شاعريءَ جي مزاج سان ٺهڪندڙ نه آهن: فارسي شاعريءَ مان اسان بيان جا "سانچا" کنيا آهن، پر انهن کي واپرائڻ جا قاعدا قانون اسان کان شروع کان ئي فارسي شاعريءَ وارا ساڳيا نه رکيا آهن. "آزاد نظم" جي جواز لاءِ مٿئين تفصيل ۾ گهڻو ڪجهه آهي.[/JUSTIFY]

    روزانه عبرت جي ٿورن سان
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سنڌي شاعريءَ جو مزاج (تحرير : شمشيرالحيدري)

    سنڌي شاعريءَ تي تمام سهڻو ليک آهي، محترم سائين شمشير الحيدري جيتوڻيڪ پاڻ ايم اي پاس آهي پر سندس مقالا ۽ لکڻيون ڊاڪٽريٽ ڪرڻ وارن کي پڙهايون وينديون آهن، سنڌي ادب جو وهائو تارو آهي ۽ رب العالمين کيس همٿ ۽ حوصلو برقرار رکي جو هاڻ عمر جي ان دور ۾ آهي جو خدانخواسته ۔۔۔؟

    پر هميشه جيئان هن جي جيئري اسان جا ادارا سندس سنڌي ادب تي ڪيل ڪم کي ڪا موٽ نه ڏئي ان انتظار ۾ آهن ته هي ڏاهو اکيون بند ڪري ته سندس ڪتاب ڇپرائي پنهنجي نالي جي ڇاپ هڻائن ۔۔۔ سنڌ، الائجي ڪڏهن مرده انسان جي بجاءِ جيئرن ۽ چمڪندڙ ستارن جو قدر ڪرڻ سکندي ۔۔۔

    لک ٿورا ادا سليمان ۔۔۔
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سنڌي شاعريءَ جو مزاج (تحرير : شمشيرالحيدري)

    سائين نثار سلام

    بلڪل اوهان جي ڳاله ۾ وزن آهي۔ سائين شمشير تمام گهڻو ڪم ڪيو آهي سنڌي ادب تي پر اسان مرده پرست قوم آهيون ، جيئري پنهنجي ڏاهن جو قدر ڪونه ڪندا آهيون پر سندن مئي کانپوء وڏا پروگرام ڪندا آهيون۔

    الله حياتي ڏي سائين شمشير کي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو