ڪو جو قهر ڪلاچ ۾

'سنڌي ادب' فورم ۾ قاسم علي شاه طرفان آندل موضوعَ ‏10 جنوري 2011۔

  1. قاسم علي شاه

    قاسم علي شاه
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2010
    تحريرون:
    40
    ورتل پسنديدگيون:
    1
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڪو جو قهر ڪلاچ ۾

    قاسم علي شاهه ​

    سنڌ سڪاريل هوندي به ڏکويل ماٿري جو ڏيک ڏيئي رهي آهي. ورهاڱي کان وٺي سنڌ جي وحدت قبضي خورن جي اکين ۾ ڪنڊي وانگر لڳي رهي آهي. غير سنڌي ميڊيا ڪثرت سان شهري سنڌ ۽ ديهي سنڌ جا لفظ استعمال ڪري، وڇوٽي وجهي رهي آهي. سنڌ ته صادقن جو ڏيهه آهي، جيڪو آس پاس جي پرڳڻن کي به خوشحال ڪيو بيٺو آهي. سڪاريل سنڌ جي پئداوار جو ڳچ ڀاڳو قبضي خورن ۽ هجرتين کي ملندو رهيو آهي. ڏسڻ ۾ اچي پيو ته هن سڪاريل ڏيهه جي ڏکويل ماٿري جي ماڻهن جا ڏک ۽ اهنج پهرين وانگر ساڳيائي رهيا آهن، جن ۾ گهٽتائي اڃا ڪونه آئي آهي. هڪ هجرت ڪري آيل مقتول وزيراعظم لياقت علي خانَ، هن ديس جي شاندار تهذيب ۽ ثقافت ٿي چٿرون ڪري چيو هو ته هن خطي جي ماڻهن جي ثقافت لاڏائو گڏهن جهڙي آهي ۽ هڪ ٻئي دهلي جي ٺڳ جنرل پرويز مشرف پاڻ مرادو پاڻ کي صدر سڏائيندڙ ان کان به ٻه قدم اڳتي وڌي چيو هو ته سنڌي جاهل آهن. وقت جي بي رحم ايامن کيس پناهگير بڻائي ڇڏيو ۽ کيس جمهوريت جي ڇٺي هيٺ پناهه ملي. هڪ فوجي سگهه جي سربراهه کي جمهورت مان فائدو ته مليو پر ان ساڳئي جمهوريت مان سنڌ کي ڪو فائدو ڪونه پهتو آهي ۽ بيشڪ جمهوريت بهترين انتقام آهي. پر جمهوريت قائم ڪرڻ ۾ گهڻي ڀاڱي حصيدار سنڌ اڄ ڇو انتقام جو نشانو بڻيل آهي؟. کيس نه پنهنجي حصي جو پاڻي ملي ٿو، نه اين ايف سي ايوارڊ مان پورو حصو ملي ٿو ۽ نه وري نوڪرين ۾ ڀاڱو ملي سگهيو آهي. سڄو فائدو ڀارت مان لوڌجي آيلن کي راضي ڪرڻ لاءِ ڏنو وڃي پيو ۽ سنڌ جي اقتدار اعليٰ کي داءُ تي لڳايو ويو آهي.
    هن سڪاريل ڏيهه جي ماڻهن لاءِ تعليم ۽ ترقي جا دروازا بند ڪيا ويا آهن. پاڪستان جي آئين جي آرٽيڪل 23 جو حوالو ڏيئي، سنڌ سان ويساهه گهاتي ڪئي ويئي آهي. آئين جي سهاري، ٻاهران آيل ۽ آبادڪارن کي هتي هر قسم جا سک ۽ شهري حق مليل آهن. هتي جي عوام کي ٽئين درجي جو شهري سمجهي نظرانداز ڪيو ويو آهي.
    ڪو زمانو هو. جڏهن سڪاريل سنڌ جي معاشي سگهه ڀر وارن رياستن کان انتهائي اوچائي تي هئي. هتي جي ماڻهن ڪڏهن پرڏيهه ۾ نوڪري ڪرڻ جو سوچيو به ڪونه هو. سنڌ جا تجارتي اسمَ ديسان ديس مشهور هئا. سنڌ جي مهذب جاتي جا ماڻهو ٻاهريون ناڻو ڪمائي، سنڌ کي خوشحال ڪري رهيا هئا. انهن جي ناڻي مان اسڪولن ۽ ڪاليجن جون عظيم الشان عمارتون اڏجي رهيون هيون، سنڌ جي ڀلائي ۽ بهتري لاءِ تحسين جوڳا ڪم ٿي رهيا هئا.
    انگريزي راڄ جي ڪمشنري سرشتي ۾ هن ڏکويل ماٿري کي عروج ۽ ترقي ملي. سنڌ جي ڀلي ڪاڻ هڪ وڏي رٿابندي ڪئي ويئي، هڪ نئين سنڌ جو پايو وڌو ويو . سنڌ جي واهڻ وستي، ڳوٺن ۽ شهرن کي پاڻ ۾ ڳنڍڻ لاءِ ڏامر وارا روڊ ۽ ريلوي جو نظام، قانون ۽ انصاف تي عمل ڪرڻ لاءِ عدالتي انتظام، زمين جي پئمائش ۽ نقشه نويسي لاءِ ريونيو کاتو ، سنڌ جي معاشي سگهه وڌائڻ لاءِ آبپاشي جو سرشتو ، تعليم جي سڌاري ۽ واڌاري لاءِ تعليم کاتي جو پايو وڌو ويو ، سنڌي ٻولي جي رسم الخط کي سڌاريو ويو ۽ سنڌي ٻولي ۾ ڪتابَ ڇپايا ويا . هر عام ۽ خاص کي سنڌي ۾ لکڻ پڙهڻ جو هدايت نامو جاري ڪيو ويو . شهرن کي صاف رکڻ لاءِ ميونسپالٽِي ٺاهي ويئي . ڪراچي بندرگاهه کي نئين طرز تي تعمير ڪرايو ويو . سنڌ جي ڀلائي ۽ بهتري جو اهو سارو ڪم، ڪمشنر سر بارٽل فريئر جي زماني ۾ ٿيو . سر بارٽل فريئر عام درٻار لڳائي غريبن ۽ اٻوجهن جا مسئلا پاڻ ٻڌندو هو ۽ انهن کي حل ڪرائڻ لاءِ عمل به ڪرائيندو هو . سندس اهڙي طرز عمل ڪري عام ماڻهن مان احساس محرومي ۽ انگريز حڪومت جو خوف ختم ٿيو .ڪمشنر صاحب ، ماڻهن کي سنڌي زبان ۾ درخواست لکڻ لاءِ همتائيندو رهندو هو . سر بارٽل فريئر هڪ فرنگي هو . سنڌ جي ست سال خدمت ڪري، ماڻهن جون دلون جِيتي هليو ويو .
    1938ع ۾ سنڌ اسمبلي مان رڳو هڪڙي سرڪاري ووٽ تان آزاد ملڪ جي گهر لاءِ قرارداد پاس ڪرائي ويئي هئي . اها قرارداد هاڻ پنهنجي اهميت ۽ افاديت وڃائي چُڪي آهي . بي حقيقت سياست جي اَڏوهي، ڄاڻايل قرارداد جي دستاويز کي کائي چٽ ڪري چڪي آهي . ڄاڻايل قرارداد جي آڌار تي جيڪي هن پرڳڻِي کي آئيني حق ملڻا هئا . تن جي ملڻ جي اميد بلڪل نه آهي .
    ورلڊ بينڪ جي چوڻ تي من گھڙت سنڌ طاس معاهدو ٺاهي ، سنڌو تي ڊيمَ ۽ بئراجَ اڏرائي، سنڌ جي سُڪر ۽ سڻائي ۽ سنڌ جي معاشي ترقي ۽ تمدن جي مٿان لت رکي، هن خطي جي آئيني ۽ قانوني حقن جي ڀڃڪڙي ڪئي ويئي آهي .
    هڪ عوام پاران چونڊيل ۽ معزز وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽي جي عزت ۽ حرمت کي بالاءِ طاق رکي. کيس آمريڪا جي اشاري تي ڦاهي ڏيئي، قومن جي وچ ۾ نفرت پيدا ڪئي ويئي . جمهوريت جي بحالي لاءِ احتجاج ڪندڙ رڳو سنڌ جي آدم مٿان فوجي آپريشن ڪيو ويو . خواهه مخواهه هن پرڳڻي جي رهواسين کي ويڳاڻپ جو شڪار ڪيو ويو ۽ کين بدنام ڪري علحدگي پسند ۽ صوبي پرستي جي تهمت لڳائي ويئي . هن پرڳڻي ۾ رولاڪ ۽ مذهبي هجرت جي نالي تي غير ملڪين کي وسايو ۽ ورسايو ويو . سوويت ــــ افغان آمريڪي ويڙهه جي نتيجي ۾ لڏي آيل لکين رليلن جي لوڌ کي هت رهائي، سنڌ جي زرعي معيشت مان کين مفت ۾ ڀاڱي ڀائيوار بڻايو ويو . غير قانوني ۽ هجرت ڪري آيلن جون نسلي ۽ لساني تحريڪون ۽ تنظيمون ٺاهي، کين پيسن ۽ هٿيارن جي مدد ڪئي ويئي . سنڌ جي سياسي وحدت ۽ جاگرافيڪل ڊيموگرافي کي هٿرادو هاڃو رسائڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي . عسڪري فائونڊيشون قائم ڪري ، سنڌ ۾ قبضو ڪرايل زمينن تي عسڪري زرعي فارم ٺاهيا ويا . رٽائرڊ سرڪاري ۽ عسڪري آفيسرن کي خبر ناهي ڪهڙي سورهيائي ۾ زمينون الاٽ ڪيون ويون .هڪ لساني تنظيم کي پاڻ سان گڏ حڪومت ۾ شامل ڪري ، شهرن جي ترقي جي نالي ۾ ، جڙتو تعميراتي ڪمپنيون ٺاهي ، مال ڪمائڻ جي ترغيب ڏني ويئي ۽ سنڌ جو سڄو ناڻو ڪراچي تي خرچ ڪيو ويو . نالائق فوجي ڊڪٽيٽر مشرف پاران جوڙايل ضلعي ۽ شهري حڪومتن کي لاتعداد فنڊز جاري ڪيا ويا.
    ويجهي ماضي جي ڳالهه آهي ته ، 1972ع ۾ سنڌين تي حملي ڪرڻ ، کين مارڻ ، سنڌ ۽ سنڌيت کان نفرت پئدا ڪرڻ لاءِ سنڌ ۾ مهاجر ــ پنجابي ــ پٺاڻ محاذ ٺاهي، لساني ويڙهه کي هٿي ڏني ويئي ۽ محترم ذوالفقار علي ڀٽي وچ ۾ پئي ، سنڌين جي جان ڇڏائي . ذوالفقار علي ڀٽي جي لفظن ۾ ته سنڌين کي گهڻي وقت تائين ريڊ انڊين وانگر سمجهيو ويو آهي . هن چيو هو ته اسان پنهنجون جانيون ڏنيون ، اسان پنهنجون زمينون ڏنيون ، پنهنجا گهر ڏنا ، انهي لاءِ ته اسان مهاجرن ڀائرن لاءِ وفاداري، عزت ، محبت ظاهر ڪري سگهون !
    تازو وڏي سياسي مدبر، مولانا عبدالڪلام آزاد جو هڪ ٻيو انٽرويو ظاهر ٿيو آهي، جيڪو هن 1946ع ۾ ، آغا شورش ڪاشميري کي هفتيوار چٽان مخزن لاءِ ڏنو هو . مولانا آزاد جنهن نموني ملڪن جي ورهاڱي ۽ ان کان پوءِ پئدا ٿيندڙ حالتن جون اڳ ڪٿيون ڪيون آهن ، سي سڀ اچي صحيح ۽ سچ ثابت ٿيون آهن . مولانا عبدالڪلام آزاد جي اڳڪٿين موجب ته؛
    1. اڻڄاڻ سياستدانَ فوجي آمريت لاءِ رستو هموار ڪندا ، جيئن ٻين مسلم رياست ۾ ٿيو آهي.
    2. ڳرا ٻاهريان مالياتي قرض چڙهندا.
    3. ڀروارن سان ڪي چڱا تعلقات نه رهندا ۽ يقينن جنگي ڪشمڪش جاري رهندي.
    4. اندروني بي چيني ۽ علائقائي ڇڪتاڻ جاري رهندي.
    5. ملڪ جي قومي دولت کي پوءِ ڍاوا ۽ صنعتڪارَ لٽيندا.
    6. طبقن جي وچ ۾ ڇڪتاڻ جو فائدو پوءِ ڍاون کي پوندو.
    7. احساس محرومي ۽ ويڳاڻپ جي ڪري نوجوان نسل مذهب ۽ پاڪستان جي نظرئي تان هٿ کڻي ويندو،
    8. بين الاقوامي طاقتون سازشيون ڪري پاڪستان تي ڪنٽرول حاصل ڪنديون.
    ورهاڱي کان پوءِ سنڌ ۽ سنڌو راڪاس جي چنبي ۾ اچي ويو آهي. اڻکُٽ مسئلا وڌي وڻ ٿي پيا آهن، جن جي حل ٿيڻ جي ڪابه صورت ڏسڻ ۾ ڪانه ٿي اچي . ماضي ۾ حسن . صداقت ۽ علم جا ترجمان سنڌ جا شهر ويراني جو ڏيک ڏيئي رهيا آهن . ماڻهن جي منهن تان سونهن ۽ مرڪ موڪلائي ويئي آهي . مشرق جي ملڪه ۽ ايشيا جو گيٽ وي ڪراچي تعصب جي نشاني تي چڙهيل آهي . ورهاڱي کان اڳ هن شهر جا روڊ صاف پاڻي سان ڌوپندا هئا سي اڄ انساني خون سان ڌوپي رهيا آهن . هيءُ شهر جهڙوڪر مانگر مڇ جو آستان ٿي پيو آهي . بي گناهه ماڻهن جي جسمن کي چيريو وڃي ٿو . اڀاڳن انسانن کي ڳڀا ڳڀا ڪري ماريو وڃي ٿو . حالتن جو جبر ۽ قهر ڏسيو ، شاهه لطيف جون چيل سٽون ياد اچو وڃن ٿيون.
    ڪو جو قهر ڪلاچ ۾ ، گهڙي سو نهي .
    خبر ڪونَ ڏئي، ته رڇَ ڪُڄاڙي رنڊيا؟​
    سنڌ ۾ 1520ع ۾ شاهه بيگ ارغون به فوجي آپريشن ڪيو هو . تنهن وقت به سنڌ سخت بحراني حالتن مان گذري رهي هئي، هتان جي محبت وطن ماڻهن، سنڌ کي اهڙين سخت بحراني حالتن کان بچايو هو . مايوسي جي ڪُن ۾ ڪرڻ بجاءِ سنڌ جي مزاج ۾ ٿيندڙ تبديلي ڏانهن ڌيان ڏنو وڃي. سنڌ جو مسئلو قومي ايڪتا جي ذريعي حل ٿي سگهي ٿو .سنڌ ايڪتا جي منتظر آهي . اها ايڪتا شاهه لطيف جي روحاني انقلابي فلسفي جي آڌار تي قائم ڪرڻ جي گھر آهي ۽ سڄاڻ جمهوري ملاح ئي خوني مانگر مڇ جهڙي ڍونگي ۽ روڳي سياست جو خاتمو ڪري سگهن ٿا .
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ڪو جو قهر ڪلاچ ۾

    سائين اوهان جا قرب

    بهترين مضمون آهي جنهن ۾ سنڌ تي ٿيل راتاهن ، سنڌ سان ٿيل ڏاڍ ۽ ظلم جو داستان لکيل آهي۔ سنڌ سان ڇا ڇا نه ڪيو ويو آهي۔ خبر ناهي ڇو پوء به اسان اڪيلا آهيون ڇڙ و ڇڙ آهيون ، منزل کان ڪوهين ڏور آهيون۔ اسان جي اڳواڻن کي اسان کان کسيو ويو آهي۔ اسان ۾ ڏار وجهڻ جون ڪيئي ڪوششُن ٿيون آهن۔ اسان کي قبيلن ۽ ذاتين م ورهائي الجهائي رکيو ويو آهي۔ اسان کان تعليم کسجي چڪي آهي ، ادارا تباه ٿي چڪا آهن ، سماجي قدرن کي ختم ڪيو ويو آهي۔

    اسان جي چڱائي هيٺين سٽن م سمايل آهي :

     
  3. قاسم علي شاه

    قاسم علي شاه
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2010
    تحريرون:
    40
    ورتل پسنديدگيون:
    1
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: ڪو جو قهر ڪلاچ ۾

    مهرباني سائين سليمان وسان، you know very well .
     
  4. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ڪو جو قهر ڪلاچ ۾

    مولانا ابوالڪلام جي مٿين ڪيل اڳڪٿين مان سندس ڏاهپ ۽ دورانديشيءَ جي خبر پوي ٿي ۔۔۔ هن وقت اهي سڀ حقيقتون اسانجي اکين آڏو آهن ۔۔۔

    سائين محترم قاسم علي شاه، انتهائي پيرائتو مضمون لکيو اٿوَ ۽ ٻولي به تمام سهڻي، ۽ سلڇڻي استعمال ڪئي اٿوَ ۔۔۔

    سائين شمشير الحيدري سنڌين جي محفل ۾ ڪا ڳالهه ڪندو آهي ته هي لفظ چوندو آهي ته؛

    ” اوهانجي ڳالهه اوهانجي محفل ۾ ڪجي ته ڪيئن ڪجي“

    سنڌ جي پيرائتي حقيقت سنڌين آڏو پيش ڪئي وئي آهي ۔۔۔

    ٿورا ناهن ٿورا ۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو