شيخ اياز جي لکيل نثر مان لازوال چونڊ

'سنڌي ادب' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏11 جنوري 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [justify] منهنجا سڀئي مائٽ مسلم ليگي هئا ۽ هو مهاتما گانڌيءَ کي ”مها طمع“ گانڌي ڪوٺيندا هئا. منهنجو ويجهو عزيز مرحوم واجد علي شيخ شڪارپور مسلم ليگ جو پريزيڊنٽ ۽ مسجد منزل گاهه تحريڪ جو ليڊر هو ۽ جي اها تحريڪ پيدا نه ٿئي ها ته مرحوم الله بخش سومرو شهيد نه ٿئي ها ۽ جي الله بخش سومرو شهيد نه ٿئي ها، ته سنڌ اسيمبلي پاڪستان جو ٺهراءُ بحال نه ڪري سگهي ها. ان ڪري پاڪستان کان پوءِ شڪارپور جا مسلم ليگي شيخ شهر تي حاوي هئا ۽ پاڻ کي قانون جي گرفت کان آجو سمجهندا هئا.

    شڪارپور ۾ مارچ 1947ع کان اڳ ئي لڏ پلاڻ شروع ٿي وئي هئي ۽ هندو پنهنجا ماڳ مڪان ڇڏي، گهرن کي تالا ڏيئي، ڀارت وڃي رهيا هئا. مان انهن ڏينهن ۾ ايل. ايل. بي جي پوئين امتحان جي تياريءَ لاءِ شڪارپور آيل هئس. (مان ڇا لاءِ ڄاڻي واڻي ايل. ايل. بي جي پوئين سالياني امتحان ۾ نه ويٺو هوس ۽ سپليمينٽري لاءِ تياري ڪري رهيو هوس. اهو منهنجي رومانوي زندگيءَ سان تعلق رکي ٿو، جنهن جو ذڪر مان ٻئي ڪنهن هنڌ ڪندس.)
    ڪراچيءَ ۾ مان ميٺارام هاسٽل جي ڀرسان آکاڙي ۾ طرح طرح جون ورزشون ڪندو هئس ۽ نيٽيءَ جيٽيءَ جي ڏاڪڻ وٽان سمنڊ م لهي اونهاري سياري ترندو هئس. (مون ساورڪر جي جيوڻيءَ ۾ پڙهيو هو ته انگريز هن کي گرفتاريءَ هيٺ پاڻيءَ جي جهاز ۾ وٺي وڃي رهيا هئا ته هو سئيز واهه ۾ ٽپو ڏيئي، تري، ڪناري تي پهتو هو ۽ قاهره جي گهٽين ۾ گم ٿي ويو هو ۽ نيٺ وڃي پئرس پهتو هو، جتي هن 1857ع جي بغاوت تي پنهنجو مشهور انقلابي ڪتاب لکي شايع ڪيو هو.) ايتريءَ ورزش مون کي لئي جي آلي لڪڻ وانگر ايڏو ته لچڪيدار بڻائي ڇڏيو هو، جو مان روشن دانن مان سرڪي، ڪمري ۾ لهي ويندو هئس.

    1947ع جي لڏ پلاڻ ۾ هزارين شڪارپوري هندو پنهنجو سامان سڙو ڇڏي، گهرن کي تالا هڻي، انهيءَ اميد سان هندستان هليا ويا هئا ته فساد جلد ئي ختم ٿي ويندا، ٿوري وقت ۾ امن امان بحال ٿي ويندو ۽ هو پنهنجن گهرن ۾ موٽي ايندا. ان لڏ پلاڻ سبب پاڙن جا پاڙا ويران ٿي ويا هئا. اسان جي پاڙي کي هڪ پاسي نيڀن پور هئي، جتي شيخ ۽ ڀُٽا رهندا هئا، جنهن جي پريان شاهي باغ هو، ٻئي پاسي راڻي پور واري پير صالح شاهه جو اوتارو هو، جنهن جي ڀرسان ڪوري ۽ ڊکڻ رهندا هئا ۽ باقي ٻن پاسن کان هندن جا گهر ۽ حويليون هيون. انهن گهرن جي وچ ۾ رڳو ٻه ٽي گهر شيخن ۽ کنهباٽين جا هوندا هئا.

    لڏ پلاڻ کان پوءِ رات جي وقت منهنجا ٻه ٽي مائٽ چوريءَ تي نڪرندا هئا ۽ هندن جي گهرن جا تالا ڀڃي، انهن جو سارو سامان کڻي ايندا هئا. هڪ ڀيري هو پنهنجي چوريءَ جي باري ۾ ڳالهيون ڪري رهيا هئا ته مون هنن کي چيو، ”اوهان ته پڙهيل ڳڙهيل آهيو، سڀاڻي چوري ڪندي پڪڙيا وڃو ته ڇا ڪندءُ؟“
    انهن مان هڪ جواب ڏنو، ”پڪڙجڻ جو ڪو سوال ئي نه ٿو اٿي پهريون ته رات جو چوڌاري سڃ وسندي آهي، اصل ڪڪڙو ڪُون لڳي پئي هوندي آهي، ۽ ٻيو ته اسان پاڻيءَ ۾ پسيل ڪپڙو ڪلف تي رکي مٿان واهولي جا ڌڪ هڻندا آهيون ته ڪلف ڀڄي پوندو آهي ۽ ڪو آواز به نه ٿيندو آهي ۽ اسان ماٺ ڪري سامان گهر کڻي ايندا آهيون.“

    مون ڪجهه سوچي، هنن کي چيو، ”اڄ رات مان به اوهان سان هلندس.“

    جڏهن رات جو هئو مئو ٽريو، تڏهن اسان چار ڄڻا نڪتاسين. اسان جي پاڙي جي پٺيان گهگهراڻين جو پاڙو هوندو هو. اسان ان پاڙي ۾ ڪنهن سيٺ جي وڏي مڪان وٽ بيٺاسين. ٻاهرئين دروازي کي لوهي تالو لڳل هو، جنهن تي منهنجي هڪ مائٽ پاڻيءَ ۾ ڀنل انگوڇو ٻٽو چوٽو ڪري رکيو ۽ پوءِ ان تي واهولي جا چار پنج ڌڪ هنيائين، ته بنا ڪنهن آواز جي تالو ڀڄي پيو. تالو ڀڃي اسان اندر وياسين ته ڏٺوسين ته ايوان سان لڳ ٽي ڪمرا هئا جن مان ٻن کي تالا لڳل هئا ۽ هڪڙو ڪمرو اندران بند هو، جنهن جو روشن دان کليل هو. منهنجي مائٽ الاهي تالا ڀڃڻ ٿي چاهيا ته مون هن کي روڪي چيو، ”آءُ ٿو اندران وڃي ڪمرو کوليان.“ پوءِ ٽپو ڏيئي، مون ٻئي هٿ روشن دان ۾ لڳل لوهي سيخ ۾ وڌا، ۽ ٻانهن جي زور تي بدن مٿي ڇڪي، روشن دان مان هڪ نانگ وانگر نڪري، هيٺ ٽپو ڏنم. پوءِ مون ماچيس جي تيلي ٻاري، بجليءَ جو بٽڻ ڳولي لڌو ۽ بتي ٻاري، ڏسڻ ۾ ائين پئي آيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ ڪمرو بند ڪري ڪو ٻاهر ويو هو. المارين ۾ ڪجهه ڪپڙا ۽ ٽوال تهه ٿيا رکيا هئا، ڀرسان پٽ تي ڪپڙي مان ٺهيل هڪ گڏي پئي هئي، جنهن کي هڪ چوٽي هئي ۽ ڇاتيءَ تي ڪپڙي مان ٺهيل ٻه اُرهه هئا، ۽ جنهن جو سارو سرير ننگو هو. مان چئي نه ٿو سگهان ته گڏي هندو هئي يا مسلمان. گڏي هٿ ۾ کڻي، مان ان کي ڏسندو رهيس ۽ ان جي ننڍڙيءَ مالڪياڻيءَ جو تصور ڪندو رهيس، جا کوکراپار ٽپي بمبئي/بنارس/ ڪلڪتي يا ٻئي ڪنهن شهر هٿين خالي وڃي پهتي هئي. مان ڪافي دير ان گڏيءَ کي ڏسندو رهيس ۽ منهنجا مائٽ منهنجو انتظار ڪري ٿڪجي پيا. مون کي ڏاڍا سڏ ڪيائون پر جڏهن هنن کي ڪو جواب نه مليو، تڏهن هو ڪلف کي واهولا هڻڻ لڳا. هو اڄ تائين ڪلف کي واهولا هڻي رهيا آهن، واهولا هڻي رهيا آهن؛ واهولا هڻي رهيا آهن.......
    (ڪتاب: جڳ مڙيو ئي سپنو)[/justify]
     
  2. رضوان گل۔

    رضوان گل۔
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    67
    ورتل پسنديدگيون:
    33
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Sindhi
    ماڳ:
    Sindhi
    جواب: شيخ اياز جي لکيل نثر مان لازوال چونڊ

    پيارا سليمان اياز جي نثر مان تمام خوبصورت چونڊ ڪئي اٿوَ ، اهو سلسلو جاري رهڻ گهرجي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو