نثارناز
سينيئر رڪن
سنڌي فنڪاره پارس علي پارس جي 22 سالگره 9 جنوري 2011ع پريس ڪلب حيدرآباد ۾ ملهائي وئي
پيارا سنڌي دوستو ۽ سنڌ سلامت جا ساٿيو السلام عليڪم ، جيئي سنڌ، گُذريل آچر 9 جنوري 2011ع تي پريس ڪلب حيدرآباد ۾ سنڌي فنڪاره پارس علي پارس جي سالگره جي هڪ رنگا رنگ تقريب ٿي جنهن ۾ فنون لطيفه ، شوبز ۽ عام خواتين ۽ حضرات وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي۔ محترمه پارس علي پارس چند ڏينهن پهرين ٽنڊو محمد خان اچي مونکي سنڌ سلامت جي ڪارڪن جي حيثيت سان انهي سالگره ۾ شرڪت جي دعوت ڏئي وئي هُئي۔ آئون هميشهه اها ڳالهه ورجائي ورجائي چوندو آهيان ته جتي ڳالهه سنڌ سلامت کي جرڪائڻ جي هُجي جهونو نثارناز هر حال ۾ اُتي ضرور پهچندو آهي۔ آچر واري ڏينهن شام جو پنجين وڳي آئون پنهنجي ڪئميرا کڻي حيدرآباد لا نڪتس، ٺيڪ 6 وڳي حيدرچوڪ گاڏي کاتو حيدرآباد ۾ پهتس، جيئن ته سنڌيڪا ڪتاب گهر ۾ عبدالغفور سمون مونکي منتظر مليو، سنڌيڪا ڪتاب گهر جي انچارج ۽ نامور شاعر محترم آزاد گوپانگ چانهه پيئاري ان کان پو ڊي سي هائوس وارو رستو وٺي ريڊيو پاڪستان وارو روڊ وٺي پنجن منٽن ۾ پريس ڪلب حيدرآباد پهچي وياسين، اتي محترم عمران پارس علي پارس جو جيون ساٿي اسان کي وڌي اچي ڀليڪار چئي ڪافي چهرا ، شوبز سان تعلق رکندڙ اُتي موجود هُئا۔ جنهن ۾ فقير معظم علي، حُسين بخش خاصخيلي، وڪيل مڱريو، مهراڻ ٽي وي تي موالي جو ڪردار ادا ڪندڙ موالي، جڏهن ته فنڪارن ۾ پاڪستان جو نامور فنڪار ڪامي شاهه، گُل حسن گُل، هميرا سارنگ ، اديب ۽ شاعرن ۾ سنڌ جي ناليواري شاعره محترما زيب نظاماڻي ، تازو سنڌ ۾ تهلڪو مچائڻ واري ڪتاب اگهاڙو سچ جو خالق سنڌي اديب آغا قيوم، ۽ ڪافي سارا جڳمڳائيندڙ چهرا موجود هُئا، حال جي سامهون هڪ وڏو اسٽيج ٺاهيو ويو هو، جنهن سنڌ جي روايتي سُونهن رليون انتهائي خوبصورت انداز سان لڳايون ويون هُيون انهي سالگره واري تقريب ۾ هاڻي انتظار هو ته صرف محفل جِي راڻي پارس علي پارس جو جيڪا اڃا ڪانه پهتي هُئي۔ جيئن ته آئون ٽي درجي وارو شاعر آهيان سو پنهنجي حقيقت کي سُڃاڻيندي هميشهه محفل ۾ سجايل آخري ڪرسي تي وڃي ويهندو آهيان ، عبدالغفور سمون اسٽيج تي ويٺل سڀني فنڪارن سان هيلو ها ڪري رهيو هو، سنڌ سلامت لا انهن شخصيات جون تصويرون ڪڍي رهيو هو۔ ٿوري دير کان پو عبدالغفور سمون وٽ آيو، چوڻ لڳو ته سائين توهان کي ڪوئي اڳئين سيٽ تي ياد ڪري رهيو آهي، ڪير پيو ياد ڪري مون فقير کي ، چوڻ لڳو ته توهان اڳيان وڃو توهان کيس سُڃاڻي ويندا۔ اڳيان وڌيس ته هڪڙو همراهه ٻکين پئجي ويو، چوڻ لڳو ته سائين نثارناز مان توهان جو فين آهيان منهنجو نالو غلام سرور چاچڙ آهي، توهان جي رپورٽون سنڌ سلامت لا ۽ توهان جي محنت فيس بُڪ تي ڪنهن کان به ڳُجهي ڪانهي، آئون توهان جي سنڌ سلامت جو ميمبر پڻ آهيان ، پاڻ وڌيڪ چوڻ لڳو ته هو نواب شاهه ۾ پي ٽي سي ايل ۾ انٽرنيٽ ۽ ڊي سي ايل جي شعبي ۾ هڪڙو آفيسر آهي۔ مونکي به محترما پارس علي پارس دعوت ڏني هُئي پارس علي پارس کان مون توهان جي باري ۾ پڇيو هو ته سائين نثار ناز توهان جي سالگره ۾ ايندو ته هُن ٻُڌايو ته ها سائين نثار ناز کي مان خود دعوت ڏئي آئي آهيان هو ا يندو، مون سرور چاچڙ کان پڇيو ته توهان کي ڪئين خبر پئي ته پارس علي پارس جي سالگره ۾ مان شرڪت ڪندس، چوڻ لڳو ته توهان اڳم ۾ ڪيئي ڀيرا پارس علي پارس جي سڀني تقريبن کي سنڌ سلامت تي ڪوريج ڪئي آهي ان ڪري ۔ اڇا مون ڪنڌ لوڏي هائوڪار ڪئي۔ مون سڀ کان پهرين پنهنجي ڪئميرا ۾ محترم غلام سرور چاچڙ جي تصوير محفوظ ڪئي ۔ ايتري ۾ تمام خوبصورت آواز ڪنن ۾ پيو هيلو، ناز ڪجهه ڪنڌ هيڏانهن به ورائي آئون به هن تقريب ۾ موجودآهيان ، اڙي زيب صاحبه توهان ، چيائين هائو جتي نثار هوندو اتي زيب ڪانه هُوندي ڇا! ڇا مطلب چيائين ته تون شاعر آهين مطلب توکي سمجهڻ گهرجي، سوچڻ لڳس، اڙي ها ها، توهان پنهنجي جيون ساٿي مرحوم نثار حسيني جي حوالي سان ڳالهه ڪئي آهي۔ زيب نظاماڻي صاحبه چيو ته آخر شاعر آهين جلدي کوڙو ڀڃي وئين ۽ حيرت ۾ ڀرجي وئي مونکي شاباسون ڏيڻ لڳي۔ چوڻ لڳي نثارناز آئون سمجهندي هُيس ته تون فقير ماڻهو آهين پنهنجي ذات کان سوا ڪنهنکي سُڃاڻندو به ڪونه هوندين تون ته وڏو اُستاد آهين۔ نه نه زيب صاحبه مان ته اهو ئي ڪچ جو ڪوڙو رانڌيڪو اهو ئي ٽي درجي وارو شاعر۔ چوڻ لڳي ڇورا شاعري ۾ ڪي به درجا ڪونه ٿيندا آهن، زيب کي داد ڏيندي مون چيو ته توهان مونکي ڇورو چئي واهه جو سُڃاتو آهي، واقعي منهنجا امي ابو هن دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويا آهن يتيم ته آهيان نه ان ۾ تو ڇورو چئي منهنجي حقيقت کي اڃان به وائکو ڪيو آهي ، چوڻ لڳي ڪونه سڌرندي تون ۔ چيومانس ته زيب آهين ته نثار کي سُڌاري ڏيکار۔ مُنهنجي انهي ڳالهه تي زيب ڪنهن اونهي خيالن جي وهڪري ۾ لُڙهندي وئي، مان سندس انهن خيالن جي وهڪري کي پڙهندي موقعي جو فائدو وٺي سڀ کان آخري سيٽ تي وڃي ويٺس۔ حالانڪه اڳئين سيٽن تي زيب نظاماڻي صاحبه جي پاسي ۾ ڪافي سيٽون خالي هُيون ۔ محترما زيب نظاماڻي صاحبه ۽ محترم غلام سرور چاچڙ عبدالغفور سمون کي بار بار چوندا رهيا ته نثار ناز کي چئو ته هو اڳيان اچي ، ليڪن مون چيو ته ايندس في الحال مونکي پوئين سيٽن تي ويهڻ ڏيو۔ ٺيڪ 9 وڳي محترما پارس علي پارس اڇي وڳي ۾ ملبوس بلڪل ڪنهن اپسرا وانگر لڳي رهي هُئي۔ سڀ کان پهرين ان جي نظر مون تي پئي سڌو هلي آئي چوڻ لڳي سر توهان اچي ويا، توهان جو فين غلام سرور چاچڙ به آيو آهن هن فنڪشن ۾ مونکي موبائل تي هُن ٻُڌايو۔ چيومانس ها پارس آئون ان سان ملي چُڪو آهيان۔ مون سندس ڪجهه تصويرون ڪڍيون۔ خير هاڻي پيش آهن پارس علي پارس جي سالگره جون تصويرون جهلڪيون خالص سنڌ سلامت جي پنهنجي پيشڪش۔
سنڌي فنڪاره پارس علي پارس جي سالگره ۾ ڪيڪ ڪاٽڻ جون تصويرون جڏهن سندس پاسي ۾ سنڌي ٽوپي وارو سائين اسان جي سنڌ سلامت جو ميمبر محترم غلام سرور چاچڙ نمايان آهي
سنڌ جي نامياري شاعره محترما زيب نظاماڻي صاحبه پارس علي پارس کي اجرڪ اوڍائي ۽ هڪ ٻئي کي ڪيڪ کارائڻ جا خوبصورت منظر
سنڌ سلامت جي جهوني نثار ناز سان محفل جي ڊيل پارس علي پارس سالگره جي موقعي تي