سنڌي فنڪاره پارس علي پارس جي 22 سالگره ملهائي وئي

'سنڌ سلامت شوڀز' فورم ۾ نثارناز طرفان آندل موضوعَ ‏11 جنوري 2011۔

  1. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    سنڌي فنڪاره پارس علي پارس جي 22 سالگره 9 جنوري 2011ع پريس ڪلب حيدرآباد ۾ ملهائي وئي​


    [JUSTIFY]پيارا سنڌي دوستو ۽ سنڌ سلامت جا ساٿيو السلام عليڪم ، جيئي سنڌ، گُذريل آچر 9 جنوري 2011ع تي پريس ڪلب حيدرآباد ۾ سنڌي فنڪاره پارس علي پارس جي سالگره جي هڪ رنگا رنگ تقريب ٿي جنهن ۾ فنون لطيفه ، شوبز ۽ عام خواتين ۽ حضرات وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي۔ محترمه پارس علي پارس چند ڏينهن پهرين ٽنڊو محمد خان اچي مونکي سنڌ سلامت جي ڪارڪن جي حيثيت سان انهي سالگره ۾ شرڪت جي دعوت ڏئي وئي هُئي۔ آئون هميشهه اها ڳالهه ورجائي ورجائي چوندو آهيان ته جتي ڳالهه سنڌ سلامت کي جرڪائڻ جي هُجي جهونو نثارناز هر حال ۾ اُتي ضرور پهچندو آهي۔ آچر واري ڏينهن شام جو پنجين وڳي آئون پنهنجي ڪئميرا کڻي حيدرآباد لا نڪتس، ٺيڪ 6 وڳي حيدرچوڪ گاڏي کاتو حيدرآباد ۾ پهتس، جيئن ته سنڌيڪا ڪتاب گهر ۾ عبدالغفور سمون مونکي منتظر مليو، سنڌيڪا ڪتاب گهر جي انچارج ۽ نامور شاعر محترم آزاد گوپانگ چانهه پيئاري ان کان پو ڊي سي هائوس وارو رستو وٺي ريڊيو پاڪستان وارو روڊ وٺي پنجن منٽن ۾ پريس ڪلب حيدرآباد پهچي وياسين، اتي محترم عمران پارس علي پارس جو جيون ساٿي اسان کي وڌي اچي ڀليڪار چئي ڪافي چهرا ، شوبز سان تعلق رکندڙ اُتي موجود هُئا۔ جنهن ۾ فقير معظم علي، حُسين بخش خاصخيلي، وڪيل مڱريو، مهراڻ ٽي وي تي موالي جو ڪردار ادا ڪندڙ موالي، جڏهن ته فنڪارن ۾ پاڪستان جو نامور فنڪار ڪامي شاهه، گُل حسن گُل، هميرا سارنگ ، اديب ۽ شاعرن ۾ سنڌ جي ناليواري شاعره محترما زيب نظاماڻي ، تازو سنڌ ۾ تهلڪو مچائڻ واري ڪتاب اگهاڙو سچ جو خالق سنڌي اديب آغا قيوم، ۽ ڪافي سارا جڳمڳائيندڙ چهرا موجود هُئا، حال جي سامهون هڪ وڏو اسٽيج ٺاهيو ويو هو، جنهن سنڌ جي روايتي سُونهن رليون انتهائي خوبصورت انداز سان لڳايون ويون هُيون انهي سالگره واري تقريب ۾ هاڻي انتظار هو ته صرف محفل جِي راڻي پارس علي پارس جو جيڪا اڃا ڪانه پهتي هُئي۔ جيئن ته آئون ٽي درجي وارو شاعر آهيان سو پنهنجي حقيقت کي سُڃاڻيندي هميشهه محفل ۾ سجايل آخري ڪرسي تي وڃي ويهندو آهيان ، عبدالغفور سمون اسٽيج تي ويٺل سڀني فنڪارن سان هيلو ها ڪري رهيو هو، سنڌ سلامت لا انهن شخصيات جون تصويرون ڪڍي رهيو هو۔ ٿوري دير کان پو عبدالغفور سمون وٽ آيو، چوڻ لڳو ته سائين توهان کي ڪوئي اڳئين سيٽ تي ياد ڪري رهيو آهي، ڪير پيو ياد ڪري مون فقير کي ، چوڻ لڳو ته توهان اڳيان وڃو توهان کيس سُڃاڻي ويندا۔ اڳيان وڌيس ته هڪڙو همراهه ٻکين پئجي ويو، چوڻ لڳو ته سائين نثارناز مان توهان جو فين آهيان منهنجو نالو غلام سرور چاچڙ آهي، توهان جي رپورٽون سنڌ سلامت لا ۽ توهان جي محنت فيس بُڪ تي ڪنهن کان به ڳُجهي ڪانهي، آئون توهان جي سنڌ سلامت جو ميمبر پڻ آهيان ، پاڻ وڌيڪ چوڻ لڳو ته هو نواب شاهه ۾ پي ٽي سي ايل ۾ انٽرنيٽ ۽ ڊي سي ايل جي شعبي ۾ هڪڙو آفيسر آهي۔ مونکي به محترما پارس علي پارس دعوت ڏني هُئي پارس علي پارس کان مون توهان جي باري ۾ پڇيو هو ته سائين نثار ناز توهان جي سالگره ۾ ايندو ته هُن ٻُڌايو ته ها سائين نثار ناز کي مان خود دعوت ڏئي آئي آهيان هو ا يندو، مون سرور چاچڙ کان پڇيو ته توهان کي ڪئين خبر پئي ته پارس علي پارس جي سالگره ۾ مان شرڪت ڪندس، چوڻ لڳو ته توهان اڳم ۾ ڪيئي ڀيرا پارس علي پارس جي سڀني تقريبن کي سنڌ سلامت تي ڪوريج ڪئي آهي ان ڪري ۔ اڇا مون ڪنڌ لوڏي هائوڪار ڪئي۔ مون سڀ کان پهرين پنهنجي ڪئميرا ۾ محترم غلام سرور چاچڙ جي تصوير محفوظ ڪئي ۔ ايتري ۾ تمام خوبصورت آواز ڪنن ۾ پيو هيلو، ناز ڪجهه ڪنڌ هيڏانهن به ورائي آئون به هن تقريب ۾ موجودآهيان ، اڙي زيب صاحبه توهان ، چيائين هائو جتي نثار هوندو اتي زيب ڪانه هُوندي ڇا! ڇا مطلب چيائين ته تون شاعر آهين مطلب توکي سمجهڻ گهرجي، سوچڻ لڳس، اڙي ها ها، توهان پنهنجي جيون ساٿي مرحوم نثار حسيني جي حوالي سان ڳالهه ڪئي آهي۔ زيب نظاماڻي صاحبه چيو ته آخر شاعر آهين جلدي کوڙو ڀڃي وئين ۽ حيرت ۾ ڀرجي وئي مونکي شاباسون ڏيڻ لڳي۔ چوڻ لڳي نثارناز آئون سمجهندي هُيس ته تون فقير ماڻهو آهين پنهنجي ذات کان سوا ڪنهنکي سُڃاڻندو به ڪونه هوندين تون ته وڏو اُستاد آهين۔ نه نه زيب صاحبه مان ته اهو ئي ڪچ جو ڪوڙو رانڌيڪو اهو ئي ٽي درجي وارو شاعر۔ چوڻ لڳي ڇورا شاعري ۾ ڪي به درجا ڪونه ٿيندا آهن، زيب کي داد ڏيندي مون چيو ته توهان مونکي ڇورو چئي واهه جو سُڃاتو آهي، واقعي منهنجا امي ابو هن دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويا آهن يتيم ته آهيان نه ان ۾ تو ڇورو چئي منهنجي حقيقت کي اڃان به وائکو ڪيو آهي ، چوڻ لڳي ڪونه سڌرندي تون ۔ چيومانس ته زيب آهين ته نثار کي سُڌاري ڏيکار۔ مُنهنجي انهي ڳالهه تي زيب ڪنهن اونهي خيالن جي وهڪري ۾ لُڙهندي وئي، مان سندس انهن خيالن جي وهڪري کي پڙهندي موقعي جو فائدو وٺي سڀ کان آخري سيٽ تي وڃي ويٺس۔ حالانڪه اڳئين سيٽن تي زيب نظاماڻي صاحبه جي پاسي ۾ ڪافي سيٽون خالي هُيون ۔ محترما زيب نظاماڻي صاحبه ۽ محترم غلام سرور چاچڙ عبدالغفور سمون کي بار بار چوندا رهيا ته نثار ناز کي چئو ته هو اڳيان اچي ، ليڪن مون چيو ته ايندس في الحال مونکي پوئين سيٽن تي ويهڻ ڏيو۔ ٺيڪ 9 وڳي محترما پارس علي پارس اڇي وڳي ۾ ملبوس بلڪل ڪنهن اپسرا وانگر لڳي رهي هُئي۔ سڀ کان پهرين ان جي نظر مون تي پئي سڌو هلي آئي چوڻ لڳي سر توهان اچي ويا، توهان جو فين غلام سرور چاچڙ به آيو آهن هن فنڪشن ۾ مونکي موبائل تي هُن ٻُڌايو۔ چيومانس ها پارس آئون ان سان ملي چُڪو آهيان۔ مون سندس ڪجهه تصويرون ڪڍيون۔ خير هاڻي پيش آهن پارس علي پارس جي سالگره جون تصويرون جهلڪيون خالص سنڌ سلامت جي پنهنجي پيشڪش۔[/JUSTIFY]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]
    سنڌي فنڪاره پارس علي پارس جي سالگره ۾ ڪيڪ ڪاٽڻ جون تصويرون جڏهن سندس پاسي ۾ سنڌي ٽوپي وارو سائين اسان جي سنڌ سلامت جو ميمبر محترم غلام سرور چاچڙ نمايان آهي

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]
    سنڌ جي نامياري شاعره محترما زيب نظاماڻي صاحبه پارس علي پارس کي اجرڪ اوڍائي ۽ هڪ ٻئي کي ڪيڪ کارائڻ جا خوبصورت منظر
    [​IMG]
    سنڌ سلامت جي جهوني نثار ناز سان محفل جي ڊيل پارس علي پارس سالگره جي موقعي تي​
     
  2. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: سنڌي فنڪاره پارس علي پارس جي 22 سالگره ملهائي وئي

    سنڌ سلامت پاران پارس علي پارس کي جنم ڏينهن جون واڌايون ڏيندي ڪجهه وڌيڪ تصويرون توهان سان ونڊ ڪريان ٿو

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]
    پارس علي پارس جي سالگره جي موقعي تي خواتين به وڏي تعداد ۾ شريڪ ٿيون​
     
  3. امين سمون

    امين سمون
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    47
    ورتل پسنديدگيون:
    23
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Sindhi
    ماڳ:
    Sindhi
    جواب: سنڌي فنڪاره پارس علي پارس جي 22 سالگره ملهائي وئي

    پهرين ته محترما پارس کي دل سان جنم ڏينهن جي مبارڪ باد۔ پو پوِڙهي شينهن نثارناز جي محنتن کي سلام۔
     
  4. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: سنڌي فنڪاره پارس علي پارس جي 22 سالگره ملهائي وئي

    واھ واھ سائين تمام بهترين تصويرون۔۔۔هڪ هڪ تصوير لاجواب۔شيئر ڪرڻ جي مهرباني۔
    پارس علي پارس کي اسان جي طرفان به جنم ڏينهن جو واڌايو۔۔۔۽ وڏي ڄمار جي دعا۔
     
  5. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: سنڌي فنڪاره پارس علي پارس جي 22 سالگره ملهائي وئي



    سائنين مون جهوني پارا ن ۽ سنڌ سلامت جي پوري ٽيم پاران پارس علي پارس کي ان جي جنم ڏينهن تي ضرور واڌايون ۽ کوڙ ساريون دعائون ضرور پهچائجو
     
  6. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سنڌي فنڪاره پارس علي پارس جي 22 سالگره ملهائي وئي

    سائين نثار ناز سلام

    سڀ کان پهريان ته سنڌي فنڪاره پارس علي پارس کي سالگره مبارڪ ۽ اوهان جا به ٿورا جو هي سهڻو پروگرام ۽ ان جي رپورٽ سهڻين تصويرن سان گڏ اسان سان ونڊ ڪيوَ۔

    مون عورت اداڪارائن ۽ فنڪارائن کي سالگره ملهائيندي ته ڏٺو آهي ۽ ٻڌو آهي پر ڪهڙي سالگره نمبر اهو ڪوبه ڪونه ٻڌائيندو آهي پر اوهان پارس جي 22 سالگره ٻڌائي پهريون سچ سامهون آندو آهي يا ٿي سگهي ٿو هن کي اها خبر ناهي ته اوهان نمبر 22 به دوستن سان ونڊ ڪيو آهي۔

    اوهان جا ٻيهر ٿورا جو اوهان هي تفصيلي رپورٽ ونڊ ڪئي۔
     
  7. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: سنڌي فنڪاره پارس علي پارس جي 22 سالگره ملهائي وئي

    ادا محمد سليمان سچ يا ڪوڙ مونکي جيڪو دعوت نامون مليو ان ۾ 22 سالگره لکيل هُئي ان کان علاوه ڪيڪ جي مٿان پڻ 22 وارو انگ ميڻ بتي وارو رکيل هو ان ڪري مون 22 سالگره لکي توهان جون مُبارڪون پارس علي پارس پاڻ مشاهدو ڪري چُڪي هوندي۔ اڃان کوڙ ساريون تصويرون رهن ٿيون جيڪي ٿوري ديرکان پو ونڊ ڪندس توهان جي همت افزائن لا انتهاهي ٿورائتو آهيان۔
     
  8. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: سنڌي فنڪاره پارس علي پارس جي 22 سالگره ملهائي وئي

    ڀلا راڻا اڃان تائين اهو جهونو شينهن کڻيو اچين امين سمان واڳ ڌڻي تو وس ڀلا جي تون ان ۾ خوش آهين ته مان پوڙهو شينهن ئي سهي توهان جون مُبارڪون پارس علي پارس پاڻ پڙهي چُڪي آهي۔ همت افزائيون مون مسڪين کي توهان ڏياريون ٿورائتو آهيان۔
     
  9. آرزو

    آرزو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏22 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    914
    ورتل پسنديدگيون:
    144
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: سنڌي فنڪاره پارس علي پارس جي 22 سالگره ملهائي وئي

    محترم دوستو،
    شينهن ۽ گهوڙا ڪڏهن به پوڙها ناهن ٿيندا،
    بهترين ونڊ ۽ سالگراهه مبارڪ۔۔۔
     
  10. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: سنڌي فنڪاره پارس علي پارس جي 22 سالگره ملهائي وئي

    ادا سنڌ سلامت جا عاشق توهان جون واڌايون محترما پارس علي پارس يقينن هي پوسٽ پڙهي قبول ڪيون هونديون، باقي منهنجي هن پوسٽ کي تو لاجواب چيو لکين ٿورا۔
     
  11. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: سنڌي فنڪاره پارس علي پارس جي 22 سالگره ملهائي وئي

    محترم زبردستي وارا نوجوان جهونا توهان جون ۽ سنڌ سلامت جي سموري سٿ جون جنم ڏينهن واريون واڌايون محترما پارس علي پارس تائين پهچايون ويون آهن، جنهن جي جواب پارس علي پارس توهان جا ٿورا مڃيا آهن۔ مهرباني ادا
     
  12. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: سنڌي فنڪاره پارس علي پارس جي 22 سالگره ملهائي وئي

    [JUSTIFY]ادا آرزو توهان هن ونڊ کي بهترين چيو ۽ سالگره مُبارڪ لکيو توهان جي سالگره جون مُبارڪون محترما پارس علي پارس تائين پهچايون ويون آهن۔ باقي هميشهه اهو ٻُڌندا آهيون ته گهوڙا نه ٿيندا آهن پوڙها، اڄ تون انهي محاوري ۾ شينهن جو به اضافو ڪري ڇڏيو، مطلب ته اسان جي سنڌ سلامت ۾ سڀ جا سڀ جيڏس جوڙ گڏ ٿيا آهيون، هڪڙي کي لڪايون ته ٻيو حاضر۔ ادا آرزو هي جهونو نڪو شينهن آهي ۽ نڪو گهوڙو آهي، جيڪڏهن توهان قبول ڪيو ته صرف نثار ناز آهي جي نه قبول ڪيو تڏهن به نثار ناز آهي۔ الله سائين توهان کي آباد رکي آمين۔[/JUSTIFY]
    هي ڪجهه وڌيڪ تصويرون انهي سالگره جي تقريب واريون توهان سان ونڊ پيو ڪريان

    [​IMG]
    اسان جو مين ڪئميرا مين عبدالغفور سمون سنڌ سلامت پاران پارس علي پارس کي سالگره جو تحفو ڏيئي رهيو آهي۔

    [​IMG]

    [​IMG]
    محترم غلام سرور چاچڙ صاحب محترما پارس علي پارس کي سالگره جو تحفو ڏيئي رهيو آهي

    [​IMG]
    اسان وارو دوست محترم وڪيل منڱريو پارس علي پارس کي سالگره جي موقعي تي تحفو ڏيئي رهيو آهي۔

    [​IMG]
    نواب شاهه کان ڪهي آيل هڪ مهمان محترما پارس علي پارس کي سالگره جو تحفو ڏيئي رهيو آهي۔

    [​IMG]

    [​IMG]
    پارس علي پارس کي سندس سالگره جي موقعي تي مشهور شاعر محترم آزاد گوپانگ پارس علي پارس جي تصويري تحفي طور ڏني جڏهن ته وچ ۾ مهراڻ ٽي وي جو ڊائريڪٽر محترم خالد ڪليار به موجود آهي

    [​IMG]
    مهراڻ ٽي وي جو سينئر ڊائريڪٽر محترم خالد ڪليار پارس علي پارس کي سالگره جو تحفو ڏيئي رهيو آهي۔

    [​IMG]
    ٻن مهمان عورتن پارس علي پارس کي گُلن جا هار پارايا

    [​IMG]
    سڪرنڊ جو مهمان محترم پارس علي پارس کي تحفو ڏيئي رهيو آهي​
     
  13. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: سنڌي فنڪاره پارس علي پارس جي 22 سالگره ملهائي وئي

    هن سالگره ۾ آيل سنڌ جي مشهور شاعره زيب نظاماڻي صاحبه ساري محفل جي نگاهن جو مرڪز هُئي۔ پاڻ هن تقريب ۾ سندس نڪور شاعري به پڙهي۔

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]
     
  14. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: سنڌي فنڪاره پارس علي پارس جي 22 سالگره ملهائي وئي

    ڪجهه دوستن جون تصويرون جيڪي هن سالگره جي تقريب ۾ شريڪ هُئا۔
    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]
     
  15. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: سنڌي فنڪاره پارس علي پارس جي 22 سالگره ملهائي وئي

    آخر ۾ محترما پارس علي پارس جا دلڪش انداز
    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]
     
  16. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: سنڌي فنڪاره پارس علي پارس جي 22 سالگره ملهائي وئي

    السلام عليڪم سائين نثار ناز صاحب

    سائين سڀ کان پهريائين ته مان پارس علي پارس کي سندس 22 سالگره جي موقعي تي دل جي گهرائين سان مبارڪ باد پيش ڪريان پيو
    ان کان پو۽ توهان کي به مبارڪ باد پيش ڪجي ٿئي جو توهان هن سخت سردي ۾ ڪافي سفر طئي ڪري وڃي پارس علي پارس جي سالگره اٽينڊ ڪئي ۽ وري پو۽ تفصيلي حال احوال سنگت سان ونڊ ڪيو

    اهڙي بهترين رپورٽنگ تي توهان کي جس هجي

    سدائين گڏ
     
  17. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: سنڌي فنڪاره پارس علي پارس جي 22 سالگره ملهائي وئي

    مهرباني فقير وحيد ڦلپوٽا تنهنجي سالگره جون واڌايون پارس علي پارس تائين پهچايون ويو آهن ، توهان جي همت افزائين جي مهرباني
     
  18. Abdul Wahid Soomro

    Abdul Wahid Soomro
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2010
    تحريرون:
    1,057
    ورتل پسنديدگيون:
    353
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    government job
    ماڳ:
    Bhitshah
    جواب: سنڌي فنڪاره پارس علي پارس جي 22 سالگره ملهائي وئي

    واھ واھ سائين تمام بهترين تصويرون۔۔۔هڪ هڪ تصوير لاجواب۔شيئر ڪرڻ جي مهرباني۔
    پارس علي پارس کي اسان جي طرفان به 22 جنم ڏينهن جو واڌايو۔۔۔۽ وڏي ڄمار جي دعا۔
    ۽ اها به دعا آهي ته پارس علي پارس جو هر ڏينهن هن جي جنم ڏينهن وانگر خوش گذري۔ آمين
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو