مخدوم محمد زمان طالب المولى جي ورسيء تي کيس ڀيٽا

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏11 جنوري 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,830
    ورتل پسنديدگيون:
    27,207
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]


    مخدوم محمد زمان طالب المولى 4 آڪٽوبر 1919 تي هالا ۾ پيدا ٿيو ۔ شروع کان ئي سندس طبيعت شاعريء طرف لاڙو ڪيو بيٺي هئي۔ انکانسواء پاڻ مخدوم نوح جي درگاه جا گادي نشين هئڻ ڪري پيري مريديء ڏانهن به منسوب هئا۔ تمام حليم بردبار ۽ نفيس طبيعت جا مالڪ هئا۔ سندن سماجي خدمتون به گهڻيون ٿيل آهن. پاڻ شاعريء جا 30 کان وڌيڪ ڪتاب لکيا۔

    مخدوم طالب المولا سنڌ جي اها شخصيت آهي جنهن ادب ، ادبي ماڻهن، لوڪ موسيقي، سنڌ جي لوڪ ورثي ۽ ادبي ادارن لاء تمام گهڻو ڪم ڪيو آهي۔ ذوالفقار علي ڀٽو سان گڏ پيپلز پارٽيء جو بنياد رکيائون ۽ ايم آر ڊي ۽ ون يونت جي تحريڪن ۾ پاڻ پنهنجي سروري جماعت سان گڏ حصو ورتائون۔ سندن شاعري سنڌ جي ڪيترن ئي فنڪارن ڳائي آهي پر رونا ليلى کي خاص مقام حاصل آهي۔

    11 جنوري 1993 تي وفات ڪيائون ۽ هالا ۾ دفن آهن۔


    [​IMG]









     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,016
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: مخدوم محمد زمان طالب المولى جي ورسيء تي کيس ڀيٽا

    ادا سليمان اوهان جا لک ٿورق ۽ قرب جاني جو اوهان مخدوم محمد زمان طالب المولي جهڙي شخصيت جي زندگي تي روشني وڌي ۔۔۔۔۔۔ ادا طالب المولي جي شخصيت پهنجي زندگي ۾ هڪ خاص مقام رکي ٿي اها ان لحاظ سان ته پاڻ رڳو شاعر ئي نه پر هڪ سماجي ڪرڪن به هئا انهن جو به سنڌي قوم لاء ڪيئي خدمات آهين ۔۔۔۔۔
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,830
    ورتل پسنديدگيون:
    27,207
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: مخدوم محمد زمان طالب المولى جي ورسيء تي کيس ڀيٽا

    مخدومي دنيا ۾ ڪو وڏو منصب ته ڪونهي ڪو!

    [justify]هڪ دفعي سيد صالح محمد شاهه عرف فتح خان ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي پروگرام سگهڙن جي ڪچهريءَ ۾ مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جي شخصيت بابت ڳالهائيندي چيو هو ته، ڳالهه ٻولهه جا اعليٰ اصول مهذب پڻو ۽ ميٺاج ته ڪو هالا جي رُوحاني پيشوا کان سکي! ڪچهرين ۾ گفتار، نصيحتون ۽ نڪتا ته اسان به بيان ڪندا آهيون پر ٻوليءَ ۾ جيڪو ”عجز“ جو عنصر محسوس ٿيو، سو مون شايد ئي ڪنهن کان ٻُڌو هجي. گفتگو ۾ همعصرن سان هونئن به ڌيمي ۽ نرم لهجي سان لبريز پئي نظر آيا پر خادمن سان به ادبي ٻولي پئي استعمال ڪيائون. بجاءِ امر ڪرڻ جي، اجتماعي انداز ۾ جمع صيغا زبان جي زينت پئي بڻيا. مخدوم محمد زمان طلب الموليٰ چوٿين آڪٽوبر 1919ع ڌاري مخدوم ميان غلام محمد قريشي جي گهر ۾ اکيون کوليون. مخدوم صاحب جي تعليم ۽ تربيت باقاعدي ڪنهن ڪاليج يا يونيورسٽيءَ ۾ ڪانه ٿي، البت خانداني روايتن موجب قرآن پاڪ ۽ سنڌي گهر ۾ پڙهيائون، جڏهن ته گلستان، بوستان ۽ فارسيءَ جا ٻيا ڪتاب به پڙهي پورا ڪيائون. مخدوم صاحب کي سندن والد صاحب چيو ته ڪتابن جو علم ايترو ڪافي آهي ۽ هاڻي وڃي ماڻهن کي پڙهه، سو سندن والد صاحب 1933ع ۾ سنڌ جي بزرگ ۽ شاعر منٺار فقير راڄڙ (جيڪو مخدوم صاحب وارن جو مريد هو) سان گڏ مريدن ۾ موڪليائون. منٺار فقير روزانو هڪ عدد ڏهر شريف لکي ڏيندو هو ۽ خليفو صُحب فقير ان ڏهر کي سُريلي آواز ۾ جهونگاريندو هو. اهڙي ريت منٺار فقير جي ڏهرن مخدوم صاحب جي من ۾ شاعريءَ جو شوق پيدا ڪيو ۽ پاڻ پهريون شعر اهو لکيائون؛

    يا الاهي يار مون ايندو ڪڏهن،
    درد دِل جو دور هي ٿيندو ڪڏهن

    ان شعر سان سندن شاعريءَ جو سفر شروع ٿيو ته پاڻ ڪيئي ڪتاب لکي ورتائون. پاڻ پهريون تخلص ”بيوس“ پوءِ ”فراقي“ بعد ۾ ”زمان شاهه“ ۽ آخر ۾ ”طالب الموليٰ“ ڪتب آندائون. شاعر سان گڏ هو ناليوارو نثر نويس پڻ هو. سندن نثري ڪتابن ۾ ياد رفتگان، ڪافي، لغات سنڌي، مخففات، خودشناسي ۽ اسلامي تصوف وغيره پڻ تمام گهڻو مقبول آهن. سائين جي ايم سيد مخدوم صاحب جي علمي ۽ ادبي ڪارج بابت لکي ٿو ته، ”پاڻ 1936ع ۾ هالا جي شهر ۾ ”انجمن علم و ادب“ جو بنياد رکيائون، جنهن هيٺ اڪيچار ادبي ڪانفرنسون منعقد ٿيون. ادبي ڪمن ۾ اُنس هئڻ ڪري هالا ۾ پريس ”الزمان“ کولي ويئي، ان مان ڪافي وقت تائين پاسبان ۽ الزمان اخبارون ڇپجنديون رهيون. 1950ع ۾ رسالو فردوس پڻ سندن نگرانيءَ ۾ نروار ٿيو ۽ ”غريب“ ۽ ”شاعر“ نالن سان رسالا به شايع ٿيا. جڏهن سنڌ ۾ 1946ع ۾ سنڌي شاعرن جي جماعت ”جميعت الشعراءُ“ جُڙي ته پاڻ ان ۾گهري دلچسپي وٺڻ لڳا. نتيجي ۾ جيڪب آباد ۾ ٿيل ڪانفرنس ۾ شاعرن جو سرپرست ۽ گهوٽڪي ڪانفرنس ۾ کين شاعرن جو صدر منتخب ڪيو ويو. مخدوم صاحب کي راڳ رنگ سان به بيحد محبت هوندي هئي. اهو ئي سبب هو جو 1955ع ۾ ”اداره رُوح ادب سنڌ“ جي سهڪار سان هالا ۾ راڳ جي رهاڻ رکيائون، جيڪا پنهنجي نوعيت جي نرالي رهاڻ هئي. پاڻ شاهه لطيف يادگار ڪاميٽيءَ جا 1955ع کان ميمبر رهيا ۽ حيدرآباد ريڊيو اسٽيشن جي مشاورتي ڪاميٽيءَ ۾ به سندن نالو نمايان رهيو. مخدوم صاحب جي ڪرت رڳو شعر و شاعري ڪرڻ ۽ ڪانفرنسون ڪوٺائڻ تائين محدود نه هئي، پاڻ سنڌي ٻوليءَ جي بقا جي جنگ به بيباڪيءَ سان وڙهيائون. جڏهن 1961ع ۾ کين سنڌي ادبي بورڊ جو چيئرمين مقرر ڪيو ويو، ان وقت ون يونٽ ۾ سنڌ ۽ سنڌين خلاف ڪات ڪهاڙا کنيا پئي ويا، مورڳو سنڌي ٻوليءَ جي بورڊ کي ميسارڻ جا سانباها پئي ٿيا، تڏهن مخدوم صاحب جي جرئتمنداڻي جدوجهد ئي هئي، جنهن بورڊ کي بحراني ڪيفيت مان بچائي ورتو. تعليمي ميدان ۾ هاءِ اسڪول طالب الموليٰ دادو ۽ هاسٽل، هالا ۾ تعليمي ادارا سندن ئي ڪاوشن جو نتيجو آهن. سياست جي ميدان ۾ 1953ع جي چونڊن ۾ سنڌ اسيمبليءَ جا ميمبر بنا مقابلي منتخب ٿيا، بعد ۾ قومي اسيمبليءَ جا ميمبر چونڊيا ويا. مخدوم طالب الموليٰ پ پ پ جو بانيڪار ميمبر هو. هن علمي ادبي کيتر ۾ قلمي پورهئي جي حوالي سان سٺ سال کن سنڌي ٻوليءَ لاءِ وقف ڪيا. سندن اهم ترين تصنيفن مان بي پير اکيون، ڇپر ۾ ڇڙيون، آب حيات، ديوان طالب الموليٰ، ڪچڪول، رباعيات طالب، شيطان، چهنڊڙيون ۽ مصريءَ جون تڙون سميت 25 کان مٿي ڪتاب ڇپجي چڪا آهن ۽ باقي ڪافي مواد اڃا اڻ ڇپيل آهي. خاص ڪري سندن تحقيقي مقالو ”ڏهر“ علمي لحاظ کان هڪ شاهڪار حيثيت رکي ٿو. مخدوم صاحب فقيراڻي طبيعت جا مالڪ هئا، پنهنجي پيري ۽ اميري بابت اهي سٽون اچاريندا هئا ته،

    ڪندي ڇا اسانکي پيري اميري،
    اسان لئي ڪافي آهي فضيلت فقيري

    عاجزيءَ سان اُنس ته ايتريقدر هوندو هو جو ڪنهن ڪنهن مهل ته خادم ۽ خليفا به شرمسار ٿي چوندا هئا ته اهو ڪم اسين ڪريون ها، پر پاڻ جواب ۾ اهو شعر پڙهندا هئا:

    اگر خدمت ڪرڻ جي ناهه طاقت طالب الموليٰ،
    پوءِ مخدومي دنيا ۾ ڪو وڏو منصب ته ڪونهي ڪو​


    پاڻ 11 جنوري 1993ع ۾ هن فاني دنيا مان موڪلائي وڃي مالڪ حقيقي سان مليا.[/justify]

    عبدالرئوف سومرو/عمر ڪوٽ

    روزانه ڪاوش تان ورتل
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,645
    ورتل پسنديدگيون:
    5,647
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: مخدوم محمد زمان طالب المولى جي ورسيء تي کيس ڀيٽا

    سندس سمورا لکيل گيت ٻڌي اسل اندر ٺري پوندو آهي۔۔۔ اڄ موقعي جي مناسبت سان سندس گيت ”تنهنجيون ڳالهيون سڄڻ پئي ڳائيندس۔۔۔“ جي ملي وڃي ته ضرور ٻڌرائجو۔۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,830
    ورتل پسنديدگيون:
    27,207
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: مخدوم محمد زمان طالب المولى جي ورسيء تي کيس ڀيٽا

    ادا رشيد مهرباني

    اوهان جنهن ڪلام جو ذڪر ڪيو آهي " تنهنجون ڳالهيون سڄڻ پئي ڳائيندس " ان جي شاعري مخدوم امين فهيم جي آهي جنهن به مخدوم طالب المولى وانگر نه صرف شاعري ڪئي آهي پر سماجي ڪمن ۽ سياست ۾ به پاڻ ملهايو آهي۔

    اوهان جي پسند جو ڪلام حاضر آهي :

    http://www.youtube.com/watch?v=XB0fZD5XpvI&feature=related
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. غلام مرتضى وساڻ

    غلام مرتضى وساڻ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    191
    ورتل پسنديدگيون:
    25
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: مخدوم محمد زمان طالب المولى جي ورسيء تي کيس ڀيٽا

    مخدوم صاحب سنڌ جي انهن شاعرن مان آهي جيڪي سنڌ جي هڪ وڏي گادي سان واسطو رکن ٿا۔ سندن سمورو خاندان سنڌي ادب ۽ موسيقي سان سلهاڙيل آهي۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,757
    ورتل پسنديدگيون:
    2,734
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    جواب: مخدوم محمد زمان طالب المولى جي ورسيء تي کيس ڀيٽا

    ادا مخدوم صاحب سنڌ جي انهن شاعرن مان آهي جنهن کي تمام گهڻو پسند ڪيو وڃي ٿو
    مخدوم صاحب جي شاعري هجي ء رونا ليلي جو آواز هجي پوء ٻڌڻ سان من ٺريو پوي

    ادا موقعي جي مناسبت سان تمام سٺو ونڊ ڪيو اٿو

    مهرباني
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,645
    ورتل پسنديدگيون:
    5,647
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: مخدوم محمد زمان طالب المولى جي ورسيء تي کيس ڀيٽا

    تصحيح ڪرڻ ۽ فرمائش پوري ڪرڻ جي مهرباني
     
  9. آرزو

    آرزو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏22 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    914
    ورتل پسنديدگيون:
    144
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: مخدوم محمد زمان طالب المولى جي ورسيء تي کيس ڀيٽا

    [​IMG][/CENTER][/IMG]
     
  10. آرزو

    آرزو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏22 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    914
    ورتل پسنديدگيون:
    144
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: مخدوم محمد زمان طالب المولى جي ورسيء تي کيس ڀيٽا

    ڪنهن وٽ هن شاعري جو وڊيو ملندي۔۔۔
    هون به منهنجي فرمائش پوري ڪرڻ کان سنڌ سلامت جا دوست قاصر رهندا آهن۔۔۔
     
  11. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,830
    ورتل پسنديدگيون:
    27,207
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: مخدوم محمد زمان طالب المولى جي ورسيء تي کيس ڀيٽا

    ادا اوهان جا قرب جو اوهان مخدوم طالب المولا جي سهڻي دزائن ڪيل شاعري ونڊ ڪئي۔

    واقعي اسان مياري آهيون جو اوهان جي فرمائش پوري ناهيون ڪري سگهيا۔ ڦلپوٽي فقير کي عرض آهي ته ادا آرذو جي فرمائش پوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪري۔

    اوهان جا لک لائق جو اوهان موضوع جي مناسبت سان بهترين ونڊ ڪيو
     
  12. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,830
    ورتل پسنديدگيون:
    27,207
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: مخدوم محمد زمان طالب المولى جي ورسيء تي کيس ڀيٽا

    اڪثر ڪري سڀ اهوئي سوچيندا آهن ته رونا ليلا طالب المولا کي ئي ڳايو آهي۔ ان ۾ اوهان به غلط ناهيو۔ اوهان تمام بهترين ڪلام جي فرمائش ڪئي هئي جنهن جي موسيقي مرحوم فيروز گل جي ترتيب ڏنل هئي ۽ رونا ليلا ڪمال انداز سان ڳايو آهي۔
     
  13. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,830
    ورتل پسنديدگيون:
    27,207
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: مخدوم محمد زمان طالب المولى جي ورسيء تي کيس ڀيٽا

    اڄ وري مخدوم طالب المولا جي ورسي ۽ سندس ياد۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    تنهنجون ڳالهيون سڄڻ پئي ڳائيندس ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    سنڌ جي ادبي، سماجي ۽ سياسي شخصيت کي سندس ورسيء ڏينهن سنڌ سلامت پاران ڀيٽا پيش ڪجي ٿي۔

    [​IMG]
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  14. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,874
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: مخدوم محمد زمان طالب المولى جي ورسيء تي کيس ڀيٽا

    سنڌ کي سهڻن گيتن سان ٽمٽار ڪندڙ ... سنڌي ٻوليءَ ۾ شاعريءَ جا درياهه وهائڻ وارو ... سنڌين جي دلين کي پنهنجن گيتن سان ڌڙڪائڻ وارو ... طالب المولا ...
    سهڻيون اکيون، تنهنجيون سڄڻ،
    جنهنکي ڏسن، تنهنکي ڪهن،


     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  15. خير محمد

    خير محمد
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 اپريل 2012
    تحريرون:
    2
    ورتل پسنديدگيون:
    7
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    زميندار
    ماڳ:
    کپرو ضلع سانگهڙ
    جواب: مخدوم محمد زمان طالب المولى جي ورسيء تي کيس ڀيٽا

    اي زماني کان ڏکويل ٿي نه گريان غم نه ڪر
    بي سرو ساماني تنهنجو آھ سامان غم نه ڪر

    هڪ نظر سان تنگدستي تنگداماني کي ڏس
    پو نه ٿي سگهندين ڪنهين جي زيرِاحسان غم نه ڪر

    بي ڌڙڪ تون يار ۽ اغبار وٽ وڃ باصفا
    پيش ڪش رکجئين اول پنهنجا دل وجان غم نه ڪر

    تون غمن جي فوج کان هڪ تر به پاسو ڪيم ڪج
    بيوسيلن جي مدد آ شاهِ مردان غم نه ڪر

    عاشق بيدل اڪيلو پاڻ کي هر گز نه ڄاڻ
    هجر ۾ توساڻ گڏ آ سوز پنهان غم نه ڪر

    تنهنجي ڪشتي جو رسولﷺ آهي نا خدا
    ٿي نه هر گز هاڻ حيران ۽ پريشان غم نه ڪر

    طالب الموليٰ زماني جي حوادث کان نه ڊڄ
    هر گهڙي ۾ تنهنجو آ مولا نگهبان غم نه ڪر
    هالا 13 فيبروري 1949
    موڪليندڙــ خير محمد هنڱورجو کپرو
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  16. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,830
    ورتل پسنديدگيون:
    27,207
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    بيت
    (1)
    ٿو چمان پنهنجا پير، جو وٺي تو وٽ آئيا،
    طالب مولا تي ڪيئون، ڀلائي جا ڀيرَ،
    اَوير ۽ سويرَ، قدمن تان قربان ٿيان.
    (2)
    ٿو پنهنجا پير چمان، جو وٺي تو وٽ آئيا،
    طالب مولا طلب ۾، تن تان گهورَ ٿيان،
    مران جي جيان، ته به قدمن تان قربان ٿيان.
    (3)
    قدمن تان قربان ٿيان، جو هليا وٽ حبيب،
    هيرايان هٿن سان، قربائتي قريب،
    نه ته ڪڏهن ڏسان هاڪينڪي، لالڻ يار لبيب،
    طلب، ٿيان طبيب، جو پرينءَ وٽ پهچائيؤن.
    (4)
    پير گهڻئي پٿون ٿيا، ته به رسيا محبَ مڪان،
    طالب مولا طلب ۾، کڻي سورن جا سامان،
    هلي پهتا در حبيب جي، ڪمي ڪيائون ڪان،
    اکين تي احسان، قدمن ڪيا ڪيترا.
    (5)
    هلي حبيبن وٽ جو، پيرن پهچايو،
    تڪليفن تن کي، نه هرگز هٽايو،
    پهتا در دلبر جي، ٿيو سانگ سجايو،
    طالب مولا طلب جو، تن ناتو نڀايو،
    اُت پيرن پڄايو، جت پڄڻ ڀيڻي ڪانه هئي.
    (6)
    دلبر گهڻو دور هو، اُت پڄايو پيرن،
    جن رَندَ سڀيئي رت ڪيا، تن شابسون هجن،
    ويچارن وَڙَ ڪيا، مون مٿي ميرن،
    مڃيا احسان اُنِ جا، چاهه منهنجا چشمن،
    سي چميو ۽ چمجن، طالب مولا طلب ۾.
    (7)
    اکيون به آهن اکيون، پر پيرن سان نه پڄن،
    هو رُئن ٿيون رت ڦڙا، هي ڦٽجيو ٿا ڦٽجن،
    هو بيوس آهن برهه ۾، هي هيجئون اٿيو هلن،
    هو نهارين نجيب کي، هي تر نٿا ترسن،
    هو اٻاڻڪيون عجيب لئه، هي رندن منجهه رُلن،
    احسان ڪيا اکين تي، پرت منجهان پيرن،
    طالب مولا طلب ۾، چميو چميو چمجن،
    جهلئي نٿا جهلجن، هلندي پنهنجي حبيب ڏي.
    (8)
    هلندي حبيبن ڏي، رند نه ڏسن راهه،
    هلن سڌا هيج مان، قرب مان ڪن ڪاهه،
    اکين جي به انهن ۾، اميد ئي آهه،
    پير جيڪي پٿون ٿيا، چمجن منجهان چاهه،
    طالب مولا تن جي، سڪ جي ڇا ساراهه،
    رسيا راتو واهه، هلي در دوست جي.
    (9)
    بلڪل اُتان نه ڀُليا، جڏنهن نينهن نيا،
    پهتا در دوست جي، ڇوهؤن کڻي ڇيا،
    طالب موليٰ طلب ۾، سڌيءَ واٽ ويا،
    پٿون پير ٿيا، ته به ڦٽيل ڦريا ڪينڪي.
    (10)
    رويو رويو اکيون، اچو پيرن مٿي پون،
    چميون تن کي چاهه مان، ڌوڙ سندن ٿيون ڌون،
    اينهين اشارن ۾، چريون گونگيون چون،
    ته هي سلامت هون، اسان سندا آسرا.
    (11)
    ڇونه چمان پنهنجا، هي پير پيارا،
    رت وهائن راهه ۾، ويتر ويچارا،
    احسان ڪن اکين تي، سوين سچارا،
    طالب مولا طلب ۾، سونهن سڪ وارا،
    هلن در دوست جي، سي بيحد ڀلارا،
    سدا سوڀارا، تر ترسن ڪينڪي.
    (12)
    اکيون ته اکين سان مليو، وڃيو وصال به ڪن،
    رئن ته عجيب اگهن ٿا، هر هر ساڻ هٿن،
    لاڙيو لڙڪ لهوءَ جا، پرين سان پرچن،
    پير ويندي پر ڏي، جتي به ڪانه وجهن،
    ڦٽيل ويچارا فراق جا، صحت به نه سنڀرن،
    هي مجروح ٿين محب لئه، ته به حڪيمن وٽ هلن،
    طالب مولا تن کي، ڪيو ننگو نصيبن،
    رحم نه آندو روح ۾، مٿن محبوبن،
    سي چميو ڇو نه چمجن، جي ڪڇن پڇن ڪينڪي.
    (13)
    گونگيون اکيون آگميو، ٿيون پچن ۽ پڄرن،
    لڪيو لڪيو لوڪ کان، راتو ڏينهن روئن،
    آخر اچيو انهن کي، عجيب ٿا اگهن،
    ۽ پير سدائين پرت ۾، وٺيو رند رُلن،
    راهون مڙيئي رت سان، ڳوليو، ڳاڙهيون ڪن،
    ڪن احسان اکين تي، جو نرمل وٽ نين،
    طالب، لاتو تن کي، هٿ نه حبيبن،
    پيارن سپرين، ڪڏهن پير نه پڇيا.
    (14)
    پيرن ڪڏهن پرين جي، منزل ڪانه مٽي،
    هلندي حبيبن ڏي، نه همت سندن هٽي،
    راهه مڙئي رت سان، تن قرب مان ڪٽي،
    ته به طالب پرت پٽي، ٻهڳڻ ٻڌن ڪانه ڪا.
    (15)
    جي اکيون پير هجن، ته پتو پوين، پنڌ جو،
    ته اُگهاڙا عشق ۾، ڪئن ٿا سور سهن،
    ڪئن ٿا ڦٽ فراق جا، چڪيو ۽ چڪن،
    رت ٿين جي راهه ۾، ته به هيجئون پيا هلن،
    ڪنجهن ڪرڪن ڪينڪي، توڙي پٿون ٿيو پون،
    پهچن جڏهن پرين وٽ، ته به ڏوراپا نه ڏين،
    طالب موليٰ طلب ۾، پڻ اها صحت سندن،
    ڪڏهن ڏٺو ڪينڪي، هن ڏي حبيبن،
    سنڀرن ڪڏهن ڪونه ڪو، ته ڪا پٽي ٻڌين پرين،
    ته به رڙهيو رڙهيو رڙهن، حبيب جي حضور ڏي.
    (16)
    جي اکيون هجن پير، ته پتو پوين پنڌ جو،
    جن کي اچي ڪانه ڪا، جُنبندي ڪڏهن جهير،
    هڪجهڙي هنن لاءِ، ٿي اوير ۽ سوير،
    ڪڏهن ڪن نه قريب سان، نينهن سندي نبير،
    هلندي در دوست جي، شوق ۾ آهن شير،
    طالب موليٰ تن جي، مٿان نه لٿي مير،
    هر دم اٿن هير، هلڻ جي حبيب ڏي.
    (17)
    اکيون ته اونداهيءَ ۾، واٽ وڃايو وهن،
    حڪم هلين ڪونه ڪو، ۽ وسان ٿيون وڃن،
    گونگيون ڪن گهمسان ڪئين، پر ڪجهه ئي ڪين ڏسن،
    لڙڪ گهڻئي لاڙين ٿيون، ڪارڻ قريبن،
    پر پير ويندي پرين ڏي، بلڪل بس نه ڪن،
    اوجهڙ ۾ عجيب لاءِ، ٿا لاکيڻا لوچن،
    پهچن وڃيو پر وٽ، مُورهؤن ڪين مُڙن،
    طالب موليٰ طلب ۾، ڪمال ڪيو قدمن،
    انهن اڻموٽن، اکين تي احسان ڪيا.
    (18)
    ٿا پير پڄائين، هلي در دوست جي،
    طالب موليٰ طلب ۾، ٿا قريب ڏي ڪاهين،
    گونگيون اکيون انهن جا، ٿورا ڪيئن لاهين،
    انهن تي آهين، رحمتون رحمان جون.
    (19)
    اکيون ته برابر گونگيون، پر ڏسيو ٿيون سگهن،
    پير ويچارا پٿون ٿيل، ڏسن ۽ نه ٻڌن،
    اکيون ته هنجون هاريو، ڪي ٻڌايو به ڏين،
    پير پنهنجي درد جي، ڳالهه ڪٿي به نه ڪن،
    اکيون ته آخر محب جي، اچڻ سان اُگهجن،
    پير سدائين صبر ۾، سوين سور سهن،
    طالب موليٰ تن، وڏا قرب ڪمائيا.
    (20)
    اکيون ته برابر گونگيون، پر زبانون ته اٿن،
    هي بي زبانا برهه ۾، سختيون سڀ سهن،
    هو اشارن سان عجيب وٽ، ڪجهه ته چيو ڏين،
    هي سدا صبر شڪر ۾، ڦٽجيو ٿا ڦٽجن،
    هو پرچيو نيٺ پرين سان، وڃيو چار ٿين،
    هي هردم پنهنجي پر کان، پري ئي رهن،
    هو پين مي محبت جي، ۽ ٿيو مست وتن،
    هي هميشه هڪجهڙا، هجر منجهه هلن،
    هو هر هر حبيبن سان، وڙهيو وريو پرچن،
    هي طالب موليٰ ڪڏهن، راڻل سان نه رُسن،
    ته به ڪرم ٿئي ڪونه ڪو مٿي مظلومن،
    پرت وڏي پيرن، ڦٽجن ڦرن ڪينڪي.
    (21)
    اکين تي احسان ڪيئون، جو سهڙيا ساجن سينءَ،
    رهبر ٿي رسيا، پنڌ ڪٽي هو ڪيئن،
    طالب موليٰ تيئن ٿيو، جيءَ ٿي چيو جيئن،
    پهتا وٽ پرينءَ، پيرن پڄاڻيون ڪيون.
    (22)
    پيرن پڄاڻيون ڪيون، جئن عاشق مست عليل،
    پرين پيارن ڏي، ويا عشق منجهان اصيل،
    رُليا ڪين راهه ۾، جئن رُلن ٿا رذيل،
    قرب جا قتيل، پهتا در دوست جي.
    (23)
    پيرن پڄاڻيون ڪيون، ڦٽجي خوب ڦٽيا،
    پرين پيارن ڏي، هلندي ڪونه هٽيا،
    ويچارن ورهه ۾، سانگا سڀ سٽيا،
    اکين روئي اُگهيا، لٽ ۾ جئن لٽيا،
    گس ۾ ڪين گهٽيا، طالب موليٰ طلب ۾.
    (24)
    پيرن پڄاڻيون ڪيون، پاڙون پنڌ پٽيئون،
    هلندي حبيبن ڏي، سڀئي سک سٽيئون،
    ٿي زخمي پنهنجو پاڻ کي، لٽ ۾ خوب لٽيئون،
    وڏا ور واٽن جا، ڪري قرب ڪٽيئون،
    ڪڏهن جاني يار کان، جدا ڪونه جٽيئون،
    وري در دوست جو، مورهون ڪين مٽيئون،
    عجيب لاءِ اکين سان، رهي راند کٽيئون،
    ڦٽي روز ڦٽيئون، تريون طالب پانهنجون.
    (25)
    پيرن پڄاڻيون ڪيون، جهلئي ڪين جهليا،
    پنڌ ۾ جيئن پيا، ته ڪنهين ڪونه پليا،
    اتي ويا هليا، جت طالب منزل محب جي.
    (26)
    پيرن پڄاڻيون ڪيون، اٿيو پنڌ پون،
    اڻتڻ پنهنجي عجيب جي، اٺئي پهر اٿن،
    طالب مولا طلب ري، سُڌ نه ٻي سمجهن،
    جهل نه ڏني جڏن، ويٺا ڪڏهن نه واٽ تي.
    (27)
    اکيون سڪنديون ئي رهيون، سڪ ۾ روز سدا،
    طالب موليٰ طلب ۾، ڪيا سبب خود خدا،
    پر ڪيا قدمن حق ادا، هلڻ جا حبيب ڏي.
    (28)
    اکين ڪري عاجزيون، پيرن تي پيئي،
    ڪيئون التجا انهن کي، ڏهه ڏهه چميون ڏيئي،
    ته پڄايو پريت مان، نرمل وٽ نيئي،
    سدا سڪون جن لئه، سڄڻ ڏسون سيئي،
    طالب موليٰ تن کي، جانب مليا جيئي،
    قربائتن ڪيئي، اکين تي احسان ڪيا.
    (29)
    ڊوڙي ڊوڙي پهتا، عجيب جي آستان،
    پسايئون پرينءَ جا، مڙئي ماڳ مڪان،
    ڏسي نور نرمل جو، ڪيائون اطمينان،
    طالب، قدمن کي ڏنا، الله وڏا ايمان،
    اهي سڀ احسان، اکين مڃيا انهن جا.
    (30)
    راهان ڪڏهن نه رهيا، هي قربائتا قدم،
    ڪٿي کنيئون ڪينڪي، دلبر ڌاران دم،
    لاٿئون سڀ اکين جا، جيڪي گوندر غم،
    طالب موليٰ تن کي، هئا اندر منجهه الم،
    ته به ڪيئون اهڙا ڪم، جو ڪنهن کان ٿيا ڪينڪي.
    (31)
    ڪيا ڪرم ڪريم پر، پير کڻي پريام،
    پهچي در پرين جي، چاهه منجهان چميام،
    دَزَ تنين جي تهدليؤن، لڱن سان لاتيام،
    ميرا ٻيئي محبتي، چشمن تي چايام،
    آئي جهير اکين کي، ته پرين خود پسيام،
    ٿيس سرخرو سڄڻ وٽ، جو منهن سان ٻئي مليام،
    لڙڪن سان لالن جي، ڌوڙ سڀئي ڌوتيام،
    اکين سندي آب سان، چهڪ سندن چيٺيام،
    مڙيئي مڃيام، طالب احسان انهن جا.
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  17. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,830
    ورتل پسنديدگيون:
    27,207
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
  18. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,830
    ورتل پسنديدگيون:
    27,207
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    [​IMG]
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  19. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,830
    ورتل پسنديدگيون:
    27,207
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اگر خدمت ڪرڻ جي ناهه طاقت طالب الموليٰ،
    پوءِ مخدومي دنيا ۾ ڪو وڏو منصب ته ڪونهي ڪو

    طالب المولا جي ورسيء تي سندس ياد
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  20. Moazzam baloch

    Moazzam baloch
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 جولائي 2012
    تحريرون:
    61
    ورتل پسنديدگيون:
    83
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    288
    وڃي ويهي رهي مونکان ڏاڍو پري، تنهنجي ويئي سري منهنجي ڪين سري
    تون امين ٿي اچ انصاف ڪري، ڀلا توکي ڪئين مان ڀلائيندس............
    تنهنجون ڳالهيون سڄڻ پئي ڳائيندس ،
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو