سياري جي موسم ۾ هٿن جي حفاظت

'سورنهن سينگار' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏11 جنوري 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سياري جي موسم ۾ هٿن جي حفاظت

    رينا

    [justify] پنهنجي چمڙي جي صفائي ۽ خوبصورتي لاءِ اهو لازمي ناهي ته توهان چهري تائين ئي محدود رکو، اسان کي گهرجي ته جسم جي هر حصي هر عضوي کي خوبصورت بنائڻ جي ڪوشش ڪريون، هٿن جي صفائي سان عورت جي شخصيت جو اندازو ٿيندو آهي، هٿن کي هميشه صاف سٿرو رکڻ گهرجي، انهن تي ڪنهن قسم جا داغ ڌٻا نه پوڻ ڏيو، جيڪڏهن ڪنهن بيماري يا چمڙي جي خرابي سان هٿن جي نشونما متاثر ٿي رهي آهي ته فوري طور تي ان طرف توجهه ڏيو، هٿن کي صاف ۽ چمڪدار بنائڻ لاءِ ڪجهه نسخا هيٺ ڏجن ٿا اهي تمام گهڻا فائديمند آهن:

    هٿن ۽ آڱرين تي ڌٻا پئجي وڃن ته سرڪو ۽ پاڻي برابر وزن ملائي هٿن تي لڳايو ته داغ ڌٻا آهستي آهستي ختم ٿي ويندا.

    گهر جي ڪمن ڪارن سان به هٿن کي نقصان پهچي ٿو، ان لاءِ اسان گليسرين ۽ عرق گلاب برابر مقدار ۾ ملائي ان آميزي سان مالش ڪندا رهون ته توهان جا هٿ نرم، ملائم ۽ دلڪش ٿي ويندا. جيڪڏهن هٿ گهڻا خراب ٿي وڃن ته ماکي يا ليمي جو رس اڇي سرڪي ۾ شامل ڪري هٿن تي مالش ڪريو، ان کان علاوه هٿن جي ورزش ڏينهن ۾ هڪ ڀيرو ضروري آهي، عمر گذرڻ سان گڏو گڏ هٿن جا جوڙ ٿلها ۽ سخت ٿيڻ لڳندا آهن جنهن سبب هٿ بدنما ڏسڻ ۾ ايندا آهن ورزش جا ٻه ٽي طريقا هي آهن:

    (1) هٿ جي آڱوٺي ۽ ٻئي هٿ جي آڱرين کي آڱوٺي ۾ ڦاسائي واري واري جهلي ڇڪيو. هڪ هٿ جون سڀ آڱريون ائين ڪري پوءِ ٻئي هٿ جي آڱوٺي سان ٻئي هٿ جي سڀني آڱرين کي ائين ئي ڪريو.

    (2) ميز تي پهرين هٿ جي آڱرين جا منهن لٽڪايو ۽ آهستي آهستي آڱرين تي زور ڏيندا ميز جي سطح تي سڄي هٿ جي تري ڦهلائي ڇڏيو.

    (3) ميز جي ويجهو ويهي آڱرين کي اهڙي طرح حڙڪت ڏيو جيئن ساز وڄائيڻ وقت حرڪت ڏيندا آهيو، انهيءَ ورزش دوران رت ۾ گردش پيدا ٿيندي آهي ۽ عضوا ڦهلجندا ۽ سڪڙندا آهن، آڱرين جي خوبصورتي لاءِ بهترين ورزش آهي.

    (4) ٻنهي هٿن جي آڱرين کي هڪ ٻئي ۾ ڦاسائي مخالف طرف ڏانهن ڇڪيو.

    (5) هٿ جي ٻنهي ترين کي هڪ ٻئي تي رکي رڳڙيو اهو عمل ڪيترائي ڀيرا ڪريو، هٿن کي نرم ۽ نازڪ بنائڻ لاءِ هٿ ڌوئڻ کانپوءِ ڪو به هينڊ لوشن لڳايو ڇو ته جيڪڏهن هٿ نرم ۽ نازڪ هجن ته ڪنهن به عورت جي عمر جو اندازو لڳائڻ مشڪل ٿي ويندو آهي.[/justify]

    روزانه ڪاوش تان ورتل
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو