غلام قاسم تسنيمي
سينيئر رڪن
هر اسلامي حڪم ۽ عبادت، حڪمت سان ڀريل آهي؛ چو جو
1_سوين آيتون ۽ حديثون آهن جن ۾ ماڻهن کي سوچ ۽ ويچار جو حڪم ڏنو ويو آهي، ۽ ڪنهن به دين، اسلام جيتري ان جي تاڪيد نه ڪئي آهي.
2_ قرآن جي مشرڪن ۽ بت پرستن تي سخت تنقيد جو هڪ سبب انهن جي پنهنجي ابن ۽ ڏاڏان جي انڌي پيروي آهي.
3_ خود قرآن به ڪيترين ئي جاين تي احڪام ۽ شرعي دستور جي بيان سان گڏ انهن جي دليل به ذڪر ڪئي آهي.پاڪ امامن به پنهنجي روايتن ۾ ان حڪمت جو ذڪر ڪيو آهي. اسلامي دانشورن به ان موضوع تي مختلف ڪتاب لکيا آهن، جيئن علل الشرايع وغيره.
ٻيو ته انساني علم جي ترقي سان ڪجه اسلامي احڪام جو راز ظاهر ٿيندو وڃي ٿو، جيئن اسلام جي عمر وڌندي وڃي ٿي تيئن سندس عظمت ۾ واڌارو ايندو وڃي ٿو.
انهن سڀني ڳالهين با وجود ياد رکڻ گهرجي ته:
1_ضروري نه آهي ته هر دور جو هر ماڻهو هر حڪم جي سبب کان واقف هجي، ٿي سگهي ٿو ڪجه احڪام جي دليل کان اسان ناواقف هجون پر زماني جي گذرڻ سان ان جو علم حاصل ٿئي.
2_احڪام جي فلسفي ۽ حڪمت ۾ ان جي صرف مادي ۽ دنيوي فائدن کي ڏسڻ نه گهرجي بلڪه ان جي معنوي ۽ آخرتي فائدن ڏانهن به توجه ڪرڻ گهرجي.
3_جيڪو به انسان، الله تعالى کي حڪيم ۽ عليم مڃي ٿو صرف ان بنياد تي ته ڪنهن حڪم جي راز ۽ سبب جو علم نٿو رکي ، ان کي ڇڏي نٿو سگهي.بلڪل ائين جيڪڏنهن ڪو مريض چوي ته جيستائين هن دوا جي خصوصيات جي خبر نه پوندي، نه پيئندس، اهو ته پوء سور ۾ تڙپي تڙپي مري ويندو. البته هو دوا پيئڻ سان گڏ ان جي معرفت حاصل ڪرڻ جي به ڪوشش ڪري سگهي ٿو.
4_جنهن به حڪم ۽ عبادت جي فلسفي ۽راز تي قرآن يا حديث مان ڪا مظبوط دليل نه هجي ان لاء هٿرادو دليل نه آڻڻ گهرجن.
5_ جيڪڏنهن جهان جي ڪجه رازن جو علم ٿئي ته ان تي غرور ۽ تڪبر نه ڪرڻ گهرجي، ۽ اها اميد نه رکڻ گهرجي ته هر شي جي حڪمت ڄاڻي وٺنداسين.
ان مقدمي کان پوء قرآن ۽ حديث ۾ بيان ٿيل ڪجه اهڙا نمونا ذڪرڪجن ٿا جن ۾ احڪام جي فلسفي ڏانهن اشارو ڪيو ويو آهي.
قرآني نمونا
قرآن، نماز جي باري ۾ فرمائي ٿو: ”ان الصلواه تنهى عن الفحشاء والمنڪر“[1]بيشڪ نماز بي حيائي ۽ برائي کان روڪي ٿي.
ٻئي جڳه تي فرمائي ٿو:”اقم الصلواه لذڪري“[2] مو کي ياد ڪرڻ لاء نماز قائم ڪر.
وري ارشاد آهي:” الا بذڪرالله تطمئن القلوب“[3] الله کي ياد ڪرڻ سان دلن کي چين ملندوآهي.
روزي لاء فرمائي ٿو: روزو ان ڪري واجب ڪيو ويو آهي ته جيئن” لعلڪم تتقون“[4] توهان پرهيزگار ٿي سگهو. چو جو گهڻن گناهن جي جڙ ڪاوڙ ۽ شهوت آهي ۽ روزو انهن جي سرڪشي کي ڪنٽرول ڪري ٿو، انهي ڪري رمضان المبارڪ ۾ جرم گهٽ ٿين ٿا.
حج جي باري ۾ ملي ٿو:”ليشهدوا منافع لهم“[5] حج لاء وڃو جيئن گهڻا فائده حاصل ڪيو. حج جا اجتماعي، ۽ سياسي آثار ڪنهن کان ڳجها نه آهن.
زڪات جي باري ۾ فرمائي ٿو:”خذ من اموالهم صدقه تطهرهم بها“[6] انهن کان سندن مال جو زڪات وٺ ته جيئن انهن کي (حب دنيا ۽ بخل کان) پاڪ ڪرين.
شراب ۽ جوا جي باري ۾ فرمائي ٿو:”يريد الشيطان ان يوقع بينڪم العداوه والبغضاء في الخمر والميسر و يصدڪم عن ذڪرالله“[7] شيطان، شراب ۽ جوا ذريعي توهان ۾ دشمني وجهڻ چاهي ٿو ۽ توهان کي الله جي ياد کان پري ڪرڻ چاهي ٿو.
قصاص جي باري ۾ فرمائي ٿو:”ولڪم في القصاص حياه“[8] قصاص ۾ توهان جي لاء زندگي آهي. ڇو جو جيڪڏنهن معاشري ۾ ظالم کي سزا نه ملي ته اهو معاشرو مرده ٿئي وڃي ٿو، ۽ امن امان (جا اجتماعي زندگي آهي) ختم ٿي وڃي ٿو.
اهي قرآني آيتن جا ڪجه نمونا هئا جن ۾ احڪام جو فلسفو ۽ راز ٻڌايو ويو آهي.
حديثي نمونا
حديثن ۾ انهي موضوع تي تمام گهڻو مواد آهي، جنهن مان اسان صرف امام علي عليه السلام جا ڪجه جملا هتي آڻيون ٿا:
” فرض الله الايمان تطهيرا من الشرڪ والصلوات تنزيها عن الڪبر والزڪواه تسبسبا للرزق“[9] الله تعالى ايمان کي شرڪ کان پاڪ ڪرڻ لاء واجب ڪيو آهي، نماز کي تڪبر کان پاڪ ڪرڻ لاء، جڏنهن ته زڪات کي روزي وڌائڻ لاء واجب ڪيو آهي.
مولا جي انهي فرمان ۾ ويه کان وڌيڪ حڪمن جو سبب ۽ حڪمت بيان ٿئي آهي.
-----------------------------------------------------------------------------
[1] _ سورت عنڪبوت،آيت 45
[2] _ سورت طه،آيت 14
[3] _سورت رعد،آيت 28
[4] _ سورت بقره،آيت 183
[5] _سورت حج،آيت 28
[6] _سورت توبه،آيت 103
[7] _ سورت مائده،آيت 91
[8] _ سورت بقره،آيت 179
[9] نهج البلاغه، حڪمت، 252