عبادت جو فلسفو

'مقالا' فورم ۾ غلام قاسم تسنيمي طرفان آندل موضوعَ ‏12 جنوري 2011۔

  1. غلام قاسم تسنيمي

    غلام قاسم تسنيمي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    225
    ورتل پسنديدگيون:
    156
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    علم پرائڻ ۽ پکيڙڻ
    ماڳ:
    ڪوٽڙي
    هر اسلامي حڪم ۽ عبادت، حڪمت سان ڀريل آهي؛ چو جو

    1_سوين آيتون ۽ حديثون آهن جن ۾ ماڻهن کي سوچ ۽ ويچار جو حڪم ڏنو ويو آهي، ۽ ڪنهن به دين، اسلام جيتري ان جي تاڪيد نه ڪئي آهي.

    2_ قرآن جي مشرڪن ۽ بت پرستن تي سخت تنقيد جو هڪ سبب انهن جي پنهنجي ابن ۽ ڏاڏان جي انڌي پيروي آهي.

    3_ خود قرآن به ڪيترين ئي جاين تي احڪام ۽ شرعي دستور جي بيان سان گڏ انهن جي دليل به ذڪر ڪئي آهي.پاڪ امامن به پنهنجي روايتن ۾ ان حڪمت جو ذڪر ڪيو آهي. اسلامي دانشورن به ان موضوع تي مختلف ڪتاب لکيا آهن، جيئن علل الشرايع وغيره.

    ٻيو ته انساني علم جي ترقي سان ڪجه اسلامي احڪام جو راز ظاهر ٿيندو وڃي ٿو، جيئن اسلام جي عمر وڌندي وڃي ٿي تيئن سندس عظمت ۾ واڌارو ايندو وڃي ٿو.

    انهن سڀني ڳالهين با وجود ياد رکڻ گهرجي ته:

    1_ضروري نه آهي ته هر دور جو هر ماڻهو هر حڪم جي سبب کان واقف هجي، ٿي سگهي ٿو ڪجه احڪام جي دليل کان اسان ناواقف هجون پر زماني جي گذرڻ سان ان جو علم حاصل ٿئي.

    2_احڪام جي فلسفي ۽ حڪمت ۾ ان جي صرف مادي ۽ دنيوي فائدن کي ڏسڻ نه گهرجي بلڪه ان جي معنوي ۽ آخرتي فائدن ڏانهن به توجه ڪرڻ گهرجي.

    3_جيڪو به انسان، الله تعالى کي حڪيم ۽ عليم مڃي ٿو صرف ان بنياد تي ته ڪنهن حڪم جي راز ۽ سبب جو علم نٿو رکي ، ان کي ڇڏي نٿو سگهي.بلڪل ائين جيڪڏنهن ڪو مريض چوي ته جيستائين هن دوا جي خصوصيات جي خبر نه پوندي، نه پيئندس، اهو ته پوء سور ۾ تڙپي تڙپي مري ويندو. البته هو دوا پيئڻ سان گڏ ان جي معرفت حاصل ڪرڻ جي به ڪوشش ڪري سگهي ٿو.

    4_جنهن به حڪم ۽ عبادت جي فلسفي ۽راز تي قرآن يا حديث مان ڪا مظبوط دليل نه هجي ان لاء هٿرادو دليل نه آڻڻ گهرجن.

    5_ جيڪڏنهن جهان جي ڪجه رازن جو علم ٿئي ته ان تي غرور ۽ تڪبر نه ڪرڻ گهرجي، ۽ اها اميد نه رکڻ گهرجي ته هر شي جي حڪمت ڄاڻي وٺنداسين.

    ان مقدمي کان پوء قرآن ۽ حديث ۾ بيان ٿيل ڪجه اهڙا نمونا ذڪرڪجن ٿا جن ۾ احڪام جي فلسفي ڏانهن اشارو ڪيو ويو آهي.

    قرآني نمونا

    قرآن، نماز جي باري ۾ فرمائي ٿو: ”ان الصلواه تنهى عن الفحشاء والمنڪر“[1]بيشڪ نماز بي حيائي ۽ برائي کان روڪي ٿي.

    ٻئي جڳه تي فرمائي ٿو:”اقم الصلواه لذڪري“[2] مو کي ياد ڪرڻ لاء نماز قائم ڪر.

    وري ارشاد آهي:” الا بذڪرالله تطمئن القلوب“[3] الله کي ياد ڪرڻ سان دلن کي چين ملندوآهي.

    روزي لاء فرمائي ٿو: روزو ان ڪري واجب ڪيو ويو آهي ته جيئن” لعلڪم تتقون“[4] توهان پرهيزگار ٿي سگهو. چو جو گهڻن گناهن جي جڙ ڪاوڙ ۽ شهوت آهي ۽ روزو انهن جي سرڪشي کي ڪنٽرول ڪري ٿو، انهي ڪري رمضان المبارڪ ۾ جرم گهٽ ٿين ٿا.

    حج جي باري ۾ ملي ٿو:”ليشهدوا منافع لهم“[5] حج لاء وڃو جيئن گهڻا فائده حاصل ڪيو. حج جا اجتماعي، ۽ سياسي آثار ڪنهن کان ڳجها نه آهن.

    زڪات جي باري ۾ فرمائي ٿو:”خذ من اموالهم صدقه تطهرهم بها“[6] انهن کان سندن مال جو زڪات وٺ ته جيئن انهن کي (حب دنيا ۽ بخل کان) پاڪ ڪرين.

    شراب ۽ جوا جي باري ۾ فرمائي ٿو:”يريد الشيطان ان يوقع بينڪم العداوه والبغضاء في الخمر والميسر و يصدڪم عن ذڪرالله“[7] شيطان، شراب ۽ جوا ذريعي توهان ۾ دشمني وجهڻ چاهي ٿو ۽ توهان کي الله جي ياد کان پري ڪرڻ چاهي ٿو.

    قصاص جي باري ۾ فرمائي ٿو:”ولڪم في القصاص حياه“[8] قصاص ۾ توهان جي لاء زندگي آهي. ڇو جو جيڪڏنهن معاشري ۾ ظالم کي سزا نه ملي ته اهو معاشرو مرده ٿئي وڃي ٿو، ۽ امن امان (جا اجتماعي زندگي آهي) ختم ٿي وڃي ٿو.

    اهي قرآني آيتن جا ڪجه نمونا هئا جن ۾ احڪام جو فلسفو ۽ راز ٻڌايو ويو آهي.

    حديثي نمونا

    حديثن ۾ انهي موضوع تي تمام گهڻو مواد آهي، جنهن مان اسان صرف امام علي عليه السلام جا ڪجه جملا هتي آڻيون ٿا:

    ” فرض الله الايمان تطهيرا من الشرڪ والصلوات تنزيها عن الڪبر والزڪواه تسبسبا للرزق“[9] الله تعالى ايمان کي شرڪ کان پاڪ ڪرڻ لاء واجب ڪيو آهي، نماز کي تڪبر کان پاڪ ڪرڻ لاء، جڏنهن ته زڪات کي روزي وڌائڻ لاء واجب ڪيو آهي.

    مولا جي انهي فرمان ۾ ويه کان وڌيڪ حڪمن جو سبب ۽ حڪمت بيان ٿئي آهي.
    -----------------------------------------------------------------------------
    [1] _ سورت عنڪبوت،آيت 45

    [2] _ سورت طه،آيت 14

    [3] _سورت رعد،آيت 28

    [4] _ سورت بقره،آيت 183

    [5] _سورت حج،آيت 28

    [6] _سورت توبه،آيت 103

    [7] _ سورت مائده،آيت 91

    [8] _ سورت بقره،آيت 179

    [9] نهج البلاغه، حڪمت، 252
     
  2. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: عبادت جو فلسفو

    سائين جزاڪ الله
    الله اوهان جي علم و حلم ۾ اضافو ڪري
    وسلام
     
  3. جواد رضا

    جواد رضا
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 جنوري 2010
    تحريرون:
    508
    ورتل پسنديدگيون:
    111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    ڌنڌو:
    لکڻ ۽ پڙهڻ
    ماڳ:
    شهدادپور
    جواب: عبادت جو فلسفو

    ادا الله اسان سڀني مسلمانن کي عبادت جي توفيق عطا فرمائي۔
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: عبادت جو فلسفو

    سائين تسنيمي صاحب مهرباني

    هميشه وانگر سهڻو ، ڏاهپ ڀريو ، نصيحت آميز ۽ قيمتي ليک ونڊڻ لاء اوهان جا ٿورائتا آهيو۔ رب جا اڻ ڳڻيا احسان آهن جنهن اسان کي علم عطا ڪيو آهي ۽ عقل سليم ڏنو آهي ۔ پوء اسان کي به پنهنجي رب کي وسارڻ نه کپي ۽ رب پاڪ جا احسان ڳائڻ جو سندر مثال آهي عبادتِ الاهي۔ لطيف سرڪار فرمايو آهي :

    ڪوڙين ڪايائُون تُنهنجيون، لِکَن لَکَ هزارَ؛
    جِئُ سڀڪنهن جئَ سين، دَرسن ڌارون ڌَار؛
    پِرَيمِ تنهنجا پارَ، ڪهڙا چئِي ڪيئن چوان

    دعا آه ته رب پاڪ اوهان کي خوش رکي ۽ سڀني مسلمانن کي عبادتِ الاهيء جو شرف بخشي۔ دعائن ۾ ياد رکجو۔
     
  5. غلام قاسم تسنيمي

    غلام قاسم تسنيمي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    225
    ورتل پسنديدگيون:
    156
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    علم پرائڻ ۽ پکيڙڻ
    ماڳ:
    ڪوٽڙي
    جواب: عبادت جو فلسفو

    سائين ڏاڏل، ادا عمران ۽ ڀاءُ وساڻ الله اوهان کي خوش رکي۔ ۽ اسان سڀني کي پنهنجي عبادت جو مزو چکرائي، جنهن به ان وادي ۾ قدم رکيو آهي انهن جو چوڻ آهي ته ان کان وڌيڪ ڪا شي مزي واري نه آهي، الله اسان کي پنهنجو عرفان عطا ڪري۔
     
  6. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: عبادت جو فلسفو

    سائين جزاڪ الله
     
  7. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: عبادت جو فلسفو

    جيڪڏهن سڀ لکجن ها ته اڃان اڃاري جي نڙي تر ٿئي ها ۔۔۔ اوهان قرآني نمونا ڏنا ۽ حديثي نمونا چئي، حضرت علي ڪرم الله وجهه جي قول تي هليا ويا ۔۔۔

    جيڪڏهن حديثي نمونا به هجن ها ته ڪجهه اڃاري کي وڌيڪ تر ٿيڻ ۾ مدد ملي ها ۔۔۔

    دين جو علم ايترو وسيع آهي جو عمر ساري ور ور ڪري پڙهبو ته نيون نيون حڪمتون پيون ملن ۔۔۔ انڪري دين جي علم جي پياس ڪڏهن ختم ٿي ڪون سگهندي چاهي مٽ پي وڃجن ۔۔۔

    جزاڪ الله خئير ۔۔۔۔
     
  8. همانگير سولنگي

    همانگير سولنگي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏8 جولائي 2010
    تحريرون:
    1,101
    ورتل پسنديدگيون:
    86
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپيوٽر آپريٽر
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: عبادت جو فلسفو

    سائين جزاڪ الله
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو