• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سپريم ڪورٽ جي سينيئر ترين جج جسٽس جاويد اقبال جا ماءُ پيءُ لاهور ۾ پراسرار نموني قتل

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
سپريم ڪورٽ جي سينيئر ترين جج جسٽس جاويد اقبال جا ماءُ پيءُ لاهور ۾ پراسرار نموني قتل، گهر مان لاش مليا

لاهور/اسلام آباد (بيورو رپورٽ/مانيٽرنگ ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ جي سينيئر ترين جج جسٽس جاويد اقبال جي ماءُ پيءُ کي ڪالهه لاهور جي انتهائي سيڪيورٽي هيٺ رهندڙ ڇانوڻي واري علائقي ۾ واقع ڪيولري گرائونڊ ۾ گهر اندر پراسرار نموني قتل ڪيو ويو آهي، صدر ۽ وزيراعظم واقعي جو نوٽيس وٺندي رپورٽ طلب ڪري ورتي، وفاقي گهرو وزير ڳجهن ايجنسين تي مشتمل جاچ ٽيم جوڙي ڇڏي، رپورٽن موجب رات لاهور جي ڇانوڻي واري علائقي ۾ واقع جسٽس جاويد اقبال جي گهر ۾ سندس والد چوڌري عبدالحميد ۽ ماءُ آمنه جا لاش مليا، سي سي پي او لاهور موجب نامعلوم هٿياربندن گهر ۾ گهڙي ڌاڙي جي ڪوشش ڪئي، مزاحمت تي کين قتل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته قتل جي واردات بابت اڃا ڪابه ڳالهه واضح نه ٿي سگهي آهي، ٻڌايو پيو وڃي ته عبدالحميد ۽ آمنه کي منهن تي ڪپڙو ڏئي قتل ڪيو ويو آهي، ڪيولري گرائونڊ واري علائقي ۾ سيڪيورٽي جا انتهائي سخت انتظام هوندا آهن، غير لاڳاپيل شخص کي بنا اجازت داخل ٿيڻ نه ڏنو ويندو آهي، ٻئي طرف پوليس علائقي کي گهيري ۾ آڻي گهٽي جي گارڊن ۽ جسٽس جاويد اقبال جي گهر جي ملازمن کي حراست ۾ ورتو آهي، ٻئي طرف پوليس جو چوڻ آهي ته ٻنهي جي جسمن تي تشدد جا ڪي به نشان نه مليا آهن، سپريم ڪورٽ جي جسٽس جاويد اقبال جي والدين جي قتل جي خبر ٻڌي چيف جسٽس آف پاڪستان افتخار محمد چوڌري، پنجاب جو نامزد گورنر لطيف کوسا ۽ سپريم ڪورٽ جا جج افسوس ڪرڻ لاءِ جسٽس جاويد اقبال جي گهر پهچي ويا، ڪالهه لاهور ۾ جسٽس جاويد اقبال جي گهر ۾ ڌاڙي دوران مزاحمت تي جسٽس جاويد اقبال جي والدين کي قتل ڪرڻ واري واقعي جي خبر ميڊيا تي اچڻ بعد ججز ڪالوني اسلام آباد ۾ واقع جسٽس افتخار محمد چوڌري ۽ ٻين ججن پهچي افسوس جو اظهار ڪيو، جڏهن ته پنجاب لاءِ نامزد گورنر سردار لطيف کوسا پڻ واقعي جو ٻڌي فوري طور تي سندس گهر پهچي ويو ۽ جسٽس جاويد اقبال سان افسوسناڪ واقعي تي افسوس جو اظهار ڪيو، لطيف کوسا ٻڌايو ته جسٽس جاويد اقبال جو چوڻ هو ته سندس والدين کي منهن تي وهاڻو ڏئي قتل ڪيو ويو، هن چيو ته جاچ جاري آهي، قاتل جلد گرفتار ڪيا ويندا، جڏهن ته صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم يوسف رضا گيلاني جسٽس جاويد اقبال جي والدين جي قتل جي واقعي تي نوٽيس وٺندي فوري انڪوائري ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي ۽ هدايت ڪئي آهي، ڪالهه لاهور ۾ جسٽس جاويد اقبال جي والدين جي قتل واقعي تي صدر آصف علي زرداري سخت افسوس ڪندي تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ فوري طور تي واقعي جي انڪوائري ڪرڻ جو حڪم ڏنو، جڏهن ته وزيراعظم يوسف رضا گيلاني پڻ واقعي جو نوٽيس ورتو ۽ جاچ رپورٽ ٻن ڏينهن ۾ طلب ڪري ورتي، وزيراعظم واقعي تي سخت افسوس ڪندي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي،

ٻئي طرف گهرو معاملن جي وفاقي وزير رحمان ملڪ جسٽس جاويد اقبال جي والدين جي قتل واقعي جي جاچ لاءِ گڏيل جاچ ٽيم جوڙي ڇڏي، جيڪا آءِ ايس آءِ، آءِ بي ۽ ايف آءِ اي تي ٻڌل هوندي، ذريعن موجب گڏيل جاچ ٽيم واقعي بابت جامع جاچ ڪندي ۽ گهڻ رخي جاچ لاءِ جلد واقعي واري هنڌ پهچندي، جاچ ٽيم لاهور پوليس ۽ ڳجهن ادارن کان معلومات حاصل ڪندي ۽ جاچ کي گهڻ رخو رکندي، مختلف پهلوئن جي ڇنڊ ڇاڻ ڪئي ويندي. هوڏانهن پنجاب جي قانون واري وزير راڻا ثناءَ الله چيو آهي ته آءِ جي پنجاب جي سربراهي ۾ اعليٰ سطحي جاچ ڪاميٽي جوڙي آهي، جيڪا ذاتي دشمني، ملڪيت جي تڪرار، ڦر يا ڌاڙي جي واردات ۽ جسٽس جاويد اقبال جي گم ٿيل ماڻهن جي ڪميشن جو سربراهه هجڻ بابت رخن کان جاچ ڪندي، هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته ممتاز قادري کي تقرير ذريعي اشتعال ڏياريندڙ مولوين خلاف به ڪارروائي ڪئي ويندي. هوڏانهن مقتول جي گهر جي مٿي حصي ۾ ڪرائي تي رهندڙ 2 شاگردياڻين کي حراست ۾ ورتو ويو آهي، پوليس رات دير سان ابتدائي جاچ رپورٽ جاري ڪندي چيو آهي ته لاش 5 کان 6 ڪلاڪ پراڻا هئا، معلوم ٿيو آهي ته مقتول پنهنجي گهريلو ملازمه تي چوري جو ڪيس داخل ڪرايو هو، پوليس ان رخ کان به جاچ ڪري رهي آهي.​

ائين نه چونديس ته جسٽس جاويد جي والدين جو قتل ججن لاءِ پيغام آهي پر ان کي رد به نٿا ڪري سگهون:عاصمه

اسلام آباد (بيورو رپورٽ/مانيٽرنگ ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن سپريم ڪورٽ جي سينيئر جج جسٽس جاويد اقبال جي والدين عبدالحميد جي قتل تي اڄ سوڳ جو اعلان ڪري ڇڏيو، اڄ سپريم ڪورٽ سميت عدالتن ۾ ڪم جاري رھندو، سپريم ڪورٽ بار جي صدر عاصمه جھانگير چيو آھي ته جسٽس جاويد اقبال جي والد جي قتل تي ججن سان ھمدردي جو اظھار ڪرڻ لاءِ سوڳ جو اعلان ڪيو آھي، پاڪستان جون حالتون ڪنهن کان لڪل ناھن، سڀاڻي ڪنھن جو وارو اچي ان جي خبر ناھي، عدالتن ۾ اڄ ڪم جاري رھندو پر ججز ڪوشش ڪن ته جلدي ڪم پورو ڪري لاھور ۾ تعزيت لاءِ پھچن، آئون به تعزيت لاءِ وينديس، ھڪ خانگي ٽي وي چئنل مطابق اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ھن چيو ته جسٽس جاويد اقبال جي والدين جي قتل کي سياست جي ور نه چڙھڻ ڏينداسين، ائين نه چونديس ته اھو قتل ججن لاءِ ڪو پيغام آھي پر ائين ٿي به سگھي ٿو، ان کي رد نٿو ڪري سگھجي، هن چيو ته جسٽس جاويد اقبال گم ٿيل ماڻهن سميت ڪيترن ئي حساس ڪيسن جي ٻڌڻي ڪري رھيو ھو پر معاملي کي سياسي نه بڻايو ويندو، اسان کي تشدد تي تاڙيون نه وڄائڻ گھرجن، اسان کي فيصلو ڪرڻو پوندو ته اسان امن چاھيون ٿا يا تشدد چاھيون ٿا، پاڪستان ۾ ڪنھن جي به زندگي محفوظ ناھي، جسٽس جاويد اقبال جي والدين جي قتل پٺيان ڪنھن جا ھٿ آھن خبر ناھي، ڪرمنل عنصر دھشتگرد يا ايجنسيون ان جي باري ۾ ڪجهه به نه ٿو چئي سگھجي، ملڪ ۾ خوف واري صورتحال آھي، اسان طرفان ھڙتال نه ھوندي، سوڳ ملھائينداسين، قتل واقعي جي جاچ ٿيڻ گھرجي پر جاچ ھر شخص لاءِ ھڪ ليول جي ھجڻ گھرجي، اسان انڪوائري کي مانيٽر ڪنداسين، رياست کي ماڻھن جي سيڪيورٽي لاءِ جوڳا انتظام ڪرڻ گھرجن.​

روزانه ڪاوش جي خبر
 
جواب: سپريم ڪورٽ جي سينيئر ترين جج جسٽس جاويد اقبال جا ماءُ پيءُ لاهور ۾ پراسرار نمون

اڃان هاڻي ئي ته ٻڌو هيوسين ته پاڪستان ۾ عدليه آزاد ۽ ججن تي انصاف وارا فيصلا ڪرڻ لاءِ ڪوبه دٻاؤ نه آهي۔۔۔ پر هي ته ڪو فلمي سين ٿي ويو۔۔۔ دعا آهي ته شل ائين نه هجي جيئن سوچجي پيو۔۔ ھوئن بھ اڄ ڪالھھ پاڪستان ۾ پراسرار قتل ٿي رھيا آھن...
 
جواب: سپريم ڪورٽ جي سينيئر ترين جج جسٽس جاويد اقبال جا ماءُ پيءُ لاهور ۾ پراسرار نمون

اڃان هاڻي ئي ته ٻڌو هيوسين ته پاڪستان ۾ عدليه آزاد ۽ ججن تي انصاف وارا فيصلا ڪرڻ لاءِ ڪوبه دٻاؤ نه آهي۔۔۔ پر هي ته ڪو فلمي سين ٿي ويو۔۔۔ دعا آهي ته شل ائين نه هجي جيئن سوچجي پيو۔۔ ھوئن بھ اڄ ڪالھھ پاڪستان ۾ پراسرار قتل ٿي رھيا آھن...

بس دعا آهي ته الله بهتري ڪري

سلمان تاثير جو بيگناه قتل ۽ جسٽس جاويد اقبال جي والدين جو قل جڏهن هو مِسنگ پرسنس وارو اهم ڪيس هلائي رهيو آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ڳاله سمجه ۾ ڪونه ٿي اچي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
 
Back
Top