• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

موبائل فون به ڪرائي تي ڏيڻ جي سروس شروع!

عرس پريو

سينيئر رڪن
اڄڪلهه موبائيل فون جو ننڍي وڏي تي جنون سوار آهي ۽ هر ماڻهو جي ڪوشش هوندي آهي ته سٺي ۾ سٺو ۽ مهانگي ۾ مهانگو موبائيل سيٽ وٺجي، شوقينن جي اهڙي چاهه کي نظر ۾ رکندي ڀارت ۾ هڪ نجي ڪمپني پاران موبائيل فونون ڪرائي تي ڏيڻ جي سروس شروع ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ نوڪيا، سام سنگ، ايئر ٽيل جي سادن سيٽن کان سواءِ بليڪ بيري پڻ ماهوار ڪرائي ته فراهم ڪيا وڃن ٿا، ڪمپني جي طئي ڪيل ريٽ موجب فون وٺندڙن کان روزانو 10 رپين کان 60 رپين تائين چارجز ورتا ويندا، ۽ جيڪڏهن ڪو شوقين چاهي ته سڄي مهيني جو ڪرايو هڪ ئي وقت ڏئي سگهي ٿو، ان سلسلي ۾ ڀارت جي 284 شهرن ۾ فرنچائيز آفيسون کوليون ويون آهن، جن ۾ ڪيرالا، راجستان، گجرات، هريانه، آندرا پرديش ۽ ڪرناٽڪا رياستون شامل آهن، اهڙي سهولت واري سروس شروع ٿيڻ سان موبائيل فون وٺڻ ۾ رڪارڊ تيزي اچي وئي آهي، موبائيل فون ڪرائي تي وٺڻ وقت اميدوار کان سڃاڻپ ڪارڊ ۽ رهائشي سرٽيفڪيٽ ورتو وڃي ٿو، جڏهن ته ميمبرشپ جي 462 رپيا فيس مقرر ڪئي وئي آهي.
 
جواب: موبائل فون به ڪرائي تي ڏيڻ جي سروس شروع!

ادا اهيا ڀلي سروس آهي انهي کي اسان جي پنهنجي ملڪ ۾ اگر شروع ڪيو ويو تڏهن به منهنجي نظر ۾ سٺي موٽ ملندي۔
 
Back
Top