هر طرف داستانن جا انبار ک؛ ملڪ الائي ڪهڙي سمت سفر ٿو ڪري پيو ايتري ته سمجھ اچي ٿي پئي ته تباهي جي طرف سفر جاري و ساري آهي پر هاڻي اهو تباهي جي ڪهڙي تاريخ رقم ڪندو ان جو ڪاٿو لڳائڻ انتهائي مشڪل آهي ۔ ڪو به ادارو اهڙو ناهي جنهن کي چئجي ته هي ڪو ٺيڪ آهي ، جنهن طرف ڏس ته ڪاريءَ وار ڪک آهن۔ وري انهن ڪامورن توڙي سياستدانن ۾ ته اها شرم واري اک به نظر ڪانه ٿي اچي جو چؤن ڪڏنهن ته انهن جو پيٽ ڀربو ۽ انسانيت وارو کائيندي ۔ مايوسي آهي ته ڪفر پر هنن پنهجن اڳواڻن کي ڏسي هر روز مايوسي وڃي ٿي وڌندي ڪا روشني جي لاٽ گهٽ ۾ گهٽ انهن ۾ ته نظر نه ٿي اچي ۽ نه ئي وري قوم ۾ ڪو انقلابي شعور نظر ٿو اچي ۔ اسان وٽ عجيب مسئلو آهي جيڪي ماڻهون ديانتدار آهن سي مقبول ناهن ۽ وري جيڪي مقبول آهن سي خائن آهن ديانتدار ناهن۔ پر اهو سوچي ڪري ڪڏنهن نه ڪڏهن ڪو اهڙو ليڊر اڳواڻ ضرور ايندو جنهن جي قوم کي جڏنهن اڪائي لڳندي تڏنهن هي سڀ ٻُڙيون ڪارگر ٿي وينديون ۔ پوءِ خبر ناهي اها دل کي دلاسي واري ڳالھ آهي يا ڪو اهڙو واقعو رونما ٿيندو جڏنهن ظلم جي ڪرندي ديوار(جاري)
جواب: هر طرف داستانن جا انبار ادا اوهان جي دعا واري ڳالھ تان اله اڪبر آبادي جو هي شعر ذهن ۾ تري آيو نه هاٿون ۾ جنبش نه پاؤن ۾ زور ، اي خدا تيري دشمن سي ڪيسي هم لڙين فقط دُعا يه ڪرتي هين هم ليٽي ليٽي، ڪه خدا ڪري جرمن ڪي توپون ۾ ڪيڙي پڙين وسلام
جواب: هر طرف داستانن جا انبار [justify]ادا ڏاڏل ڪ پڙهيوسين ته اهو به هلندڙ هو ۽ هاڻي ک پڙهيسون ته اها به هلندڙ آهي، پر هيٺ اچي خبر پئي ته ان هلندڙ ک جي ڪ آهي ۔۔۔ پر ک جي شروعات ناهي ۔۔۔ خئير ٻئي مضمون ملائجن ته مقصد ساڳيو ٿئي ٿو ته؛ اسين عوامي ۽ سماجي طور ايترا ته لٽجي ۽ ڦٽجي چڪا آهيون، جيئن وڏي جنگ ۽ گهمسان جي ويڙهه کان پو هر طرف لاش هوندا آهن ۽ زخمين جي آه و پڪار هوندي آهي ۽ تباهه و برباد شهر هوندو آهي ۔۔۔ ان حالت مان نڪري ٻاهر اچڻ ڪنهن سورهيه سماج جو وڙ آهي، باقي اوهانجي ڳالهه جيئان ته سنڌ ۾ نه اڳواڻ نظر ٿا اچن ۽ نه عوام ۾ شعور ۽ همٿ ۔۔۔ بس هر طرف آه وپڪار ضرور آهي ۔۔۔ جنگ احد ۾ الله جو رسول زخمي حالت ۾ ، رسول جن جو چاچو ابو حمزهه شهيد، ۽ سيڪڙن جي تعداد ۾ اصحابن جا لاش، پو به رسول اڪرم جن مشرڪين جو پيشو ڪري هارايل جنگ به کٽي ورتي ۔۔۔ انڪري ئي ڀٽائي سڳوري فرمايو هو ته؛ سورهيه مرين سوڀ لئه، ته دل جا وهم وسار، کـــــڻ ڀالا، وڙهه ڀاڪــــــرين، آڏي ڍال مَ ڍار، مـــــٿـــان تيغ تــــــرار، مــــــار ته متــــارو ٿئيــن۔ هٿ مٿي آهن ۽ رب ۾ اميدون آهن ۔۔۔ انشاء الله نيٺ ته ڊهندي ڪيسين رهندي ڌوڪي جي ديوار۔ لک ٿورا سالڪن جا ۔۔۔[/justify]