هر طرف داستانن جا انبار

'مقالا' فورم ۾ ڏاڏل شينو طرفان آندل موضوعَ ‏12 جنوري 2011۔

  1. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    هر طرف داستانن جا انبار ک؛

    ملڪ الائي ڪهڙي سمت سفر ٿو ڪري پيو ايتري ته سمجھ اچي ٿي پئي ته تباهي جي طرف سفر جاري و ساري آهي پر هاڻي اهو تباهي جي ڪهڙي تاريخ رقم ڪندو ان جو ڪاٿو لڳائڻ انتهائي مشڪل آهي ۔ ڪو به ادارو اهڙو ناهي جنهن کي چئجي ته هي ڪو ٺيڪ آهي ، جنهن طرف ڏس ته ڪاريءَ وار ڪک آهن۔ وري انهن ڪامورن توڙي سياستدانن ۾ ته اها شرم واري اک به نظر ڪانه ٿي اچي جو چؤن ڪڏنهن ته انهن جو پيٽ ڀربو ۽ انسانيت وارو کائيندي ۔ مايوسي آهي ته ڪفر پر هنن پنهجن اڳواڻن کي ڏسي هر روز مايوسي وڃي ٿي وڌندي ڪا روشني جي لاٽ گهٽ ۾ گهٽ انهن ۾ ته نظر نه ٿي اچي ۽ نه ئي وري قوم ۾ ڪو انقلابي شعور نظر ٿو اچي ۔ اسان وٽ عجيب مسئلو آهي جيڪي ماڻهون ديانتدار آهن سي مقبول ناهن ۽ وري جيڪي مقبول آهن سي خائن آهن ديانتدار ناهن۔ پر اهو سوچي ڪري ڪڏنهن نه ڪڏهن ڪو اهڙو ليڊر اڳواڻ ضرور ايندو جنهن جي قوم کي جڏنهن اڪائي لڳندي تڏنهن هي سڀ ٻُڙيون ڪارگر ٿي وينديون ۔ پوءِ خبر ناهي اها دل کي دلاسي واري ڳالھ آهي يا ڪو اهڙو واقعو رونما ٿيندو جڏنهن ظلم جي ڪرندي ديوار(جاري)
     
  2. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    جواب: هر طرف داستانن جا انبار

    بس ادا هن ملڪ جو الله هي حافظ آ

    دعا ئي ڪري سگهجي ٿي
     
  3. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: هر طرف داستانن جا انبار

    ادا اوهان جي دعا واري ڳالھ تان اله اڪبر آبادي جو هي شعر ذهن ۾ تري آيو
    نه هاٿون ۾ جنبش نه پاؤن ۾ زور ، اي خدا تيري دشمن سي ڪيسي هم لڙين
    فقط دُعا يه ڪرتي هين هم ليٽي ليٽي، ڪه خدا ڪري جرمن ڪي توپون ۾ ڪيڙي پڙين
    وسلام
     
  4. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: هر طرف داستانن جا انبار انجو ڪارڻ

    هن جو مضمون جو ٻيو حصو ڪ آهي
     
  5. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: هر طرف داستانن جا انبار

    [justify]ادا ڏاڏل ڪ پڙهيوسين ته اهو به هلندڙ هو ۽ هاڻي ک پڙهيسون ته اها به هلندڙ آهي، پر هيٺ اچي خبر پئي ته ان هلندڙ ک جي ڪ آهي ۔۔۔ پر ک جي شروعات ناهي ۔۔۔

    خئير ٻئي مضمون ملائجن ته مقصد ساڳيو ٿئي ٿو ته؛
    اسين عوامي ۽ سماجي طور ايترا ته لٽجي ۽ ڦٽجي چڪا آهيون، جيئن وڏي جنگ ۽ گهمسان جي ويڙهه کان پو هر طرف لاش هوندا آهن ۽ زخمين جي آه و پڪار هوندي آهي ۽ تباهه و برباد شهر هوندو آهي ۔۔۔ ان حالت مان نڪري ٻاهر اچڻ ڪنهن سورهيه سماج جو وڙ آهي، باقي اوهانجي ڳالهه جيئان ته سنڌ ۾ نه اڳواڻ نظر ٿا اچن ۽ نه عوام ۾ شعور ۽ همٿ ۔۔۔ بس هر طرف آه وپڪار ضرور آهي ۔۔۔

    جنگ احد ۾ الله جو رسول زخمي حالت ۾ ، رسول جن جو چاچو ابو حمزهه شهيد، ۽ سيڪڙن جي تعداد ۾ اصحابن جا لاش، پو به رسول اڪرم جن مشرڪين جو پيشو ڪري هارايل جنگ به کٽي ورتي ۔۔۔

    انڪري ئي ڀٽائي سڳوري فرمايو هو ته؛

    سورهيه مرين سوڀ لئه، ته دل جا وهم وسار،
    کـــــڻ ڀالا، وڙهه ڀاڪــــــرين، آڏي ڍال مَ ڍار،
    مـــــٿـــان تيغ تــــــرار، مــــــار ته متــــارو ٿئيــن۔

    هٿ مٿي آهن ۽ رب ۾ اميدون آهن ۔۔۔ انشاء الله

    نيٺ ته ڊهندي ڪيسين رهندي ڌوڪي جي ديوار۔

    لک ٿورا سالڪن جا ۔۔۔
    [/justify]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو