جنگ جو محاذ

'مقالا' فورم ۾ ڏاڏل شينو طرفان آندل موضوعَ ‏13 جنوري 2011۔

  1. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    هن وقت ڪهڙي محاذ تي جنگ وڙهي سگهجي ٿي ۔

    هن وقت ڪهڙي محاذ تي جنگ وڙهي سگهجي ٿي ، اڄ دنيا جنهن چوراهي تي بيٺي آهي سو انفارميشن ۽ ٽيڪنالوجي جو ماڳ آهي۔ اسان وٽ جيڪو وري نعرو ٿو لڳي پيو سو ته اوهان قوم پرستن کي هن شهر ڪراچي توڙي ٻهراڙين جي وسندين ۾ ڏسو ٿا پيا ، جن هٿن ۾ بدلي جي لاءِ اڄ قلم، ڪتاب هجن ها ، جن جوانن جو رخ ڪتب خانن ڏانهن هجي ها جن جو مشغلو علم ۽ ادب سان پيار هئڻ گهرجي ها تن هٿن ۾ قلم جي جڳھ ڪلاشنڪوف ۔ڪتب خانن جي بجاءِ شراب خانن و جواخانن ۽ فحاشي جي اڏن ڏانهن رُخ آهي ۔جاتي علم ۽ ادب جن جو مشغلو هجڻ گهرجي ها سو نوجوان جهالت ۽ بي ادبي جا نوان نوان رستا ٺاهيندو ٿو وتي ۔ اوهان ڏسو علم جي ڪيتري ضرورت هر دؤر کي رهي آهي ۽ رهندي دنيا تائين علم جي ضرورت دنيا کي رهندي۔
    فتحِ بدر کان پوءِ جن جنگي قيدين کي آزادي ڏني وئي تن جو تاوان ڏهن مسلمانن کي علم جو زيور ڏيڻو هو ۔ سوال اهو پيدا ٿو ٿئي ته اهي قيدي ته ڪافر هيا پوءِ انهن اسلام انهن ڪافرن سان ڪهڙي علم جي سودي بازي ڪئي ، سائين اهو لکڻ پرهڻ وارو علم ئي هو ، جتي تربعت هوندي آهي جي اُتي علم جي دولت اچي وڃي ته سمجهو اهو قومن ۾ انقلاب برپا ٿي سگهي ٿو۔
    اسان وٽ ته هر شئي اُبتي آهي جتي ٿورو گهڻو علم آهي ته ادب نظر نٿو آچي اُتي ذاتي مفادات جو اڻڳڻت سلسلو نظر ٿو اچي پيو ۽ نتيجو اوهان جي سامهون آهي ته اسانجي قوم جي ڏينهون ڏينهن حالت ابتري جي طرف گامزن آهي ۔ آ نه ٿو سمجهان ته ڪنهن دين ۾ علم کي اهميت نه هوندي منهنجو اديان جو ايترو مطالعو ناهي جو آ ان جي وضاحت ۾ ويهي ڪجھ لکان ، پر اندازو ضرور آهي ته ڪو به دين حصولِ علم ۾ رُڪاوٽ نٿو ٿي سگهي
    جاري
    وسلام
     
  2. غلام قاسم تسنيمي

    غلام قاسم تسنيمي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    225
    ورتل پسنديدگيون:
    156
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    علم پرائڻ ۽ پکيڙڻ
    ماڳ:
    ڪوٽڙي
    جواب: جنگ جو محاذ

    بهترين محترم! واقعا هينئر تهذيب، تمدن جي بقاءُ جي جنگ آهي استعمار اهو چاهي ٿو ته مسلمانن کان انهن جي سچي تشخص کان جدا ڪيو وڃي۔ اڄڪلهه سرد ۽ نظرياتي جنگ آهي جنهن ۾ ڪاميابي ان جي ٿيندي جيڪو وقت جي تقاضائن مطابق پاڻ کي پنهنجي نظريي مطابق تيار ڪندو۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو