عاشق سولنگي
سينيئر رڪن
17 جنوري پڻ عيد جو ڏينهن محسوس ٿيندو آهي

ادا عاشق اوهان جي مهرباني
جنوري جو مهينو اهو آهي جنهن ۾ اسان سنڌين کي ٻه تمام وڏا ڏاها ۽ مهان سوچ جا مالڪ هيرا مليا۔ هڪ سن وارو سائين جي ايم سيد ۽ ٻيو ڳڙهي خدابخش جو ذوالفقار علي ڀٽو۔
ٻنهي جي ياد ۾ ٿيندڙ ميڙاڪا انهيء جو ثبوت آهن ته هو ڪيڏا عظيم ۽ رهبر رهيا آهن۔ سائين جي ايم سيد سنڌي قوم کي سنڌيت جو احساس ڏياريو ۽ هڪ نه کُٽندڙ جدوجهد ڪئي۔ سندس اها جدوجهد عملي به هئي ، قلمي به هئي ۽ ڏاهپ ڀري به هئي۔ زندگيء جو گهڻو حصو نطربند رهندڙ سائين جي ايم سيد ڪڏهن به اصولن جي خلاف سياست نه ڪئي ۽ مرڻ گهڙيء تائين سنڌ ڪيس لڙندا رهيا۔ ڪيترن ئي ڪتابن جي ليکڪ سائين جي ايم سيد جي فلسفي کي سمجهڻ بنا سندس نالي تي سياست ڪرڻ جو مطلب سندس سان دغابازي ئي آهي۔
مونکي افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته سندس ئي نالي تي سياست ڪندڙ دوستن اسان سنڌين کي ڏک ڏنا آهن ، جنهن جو هڪ ننڍڙو ثبوت سچل ڳوٺ جي اندر داخل ٿيندڙ روڊ کي پهرين جنوري کان بند ڪري ان تي لڳايل استقباليه ڪئمپ آهي۔ اسان پنهنجي ماڻهن جي رستا روڪ ڪري ڪهڙو پيغام ڏيڻ ٿا چاهيون ؟ ڇا سيد جي سياست ان قسم جي هئي ؟؟
دعا آهي ته رب پاڪ اسان کي سندس ڏسيل فلسفي کي سمجهڻ ۽ ان تي عمل ڪرڻ جي توفيق ڏي ۔۔۔۔آمين ۔
دوستو بس ڏک اهو آهي ته اسانجو سنڌي ڪامريڊ سائين جي ايم سيد جي چيل قولن ڳالهين تي ڪون ٿا هلن دوستو پاڻ ۾ وڙهي ڪري سامراجن جي اڳيان ڏٺو ٿا ڪن ته پاڻ ۾ ئي ڪون سيٽ آهي ڳالهيون ٿا ڪن سنڌي جي آزاد ڪرائن جون بس دوستو اسانکي گهرجي ته پاڻ ۾ ايڪي اتحاد سان هلون۔۔۔۔