هن وقت ڪهڙي محاذ تي جنگ وڙهي سگهجي ٿي

'مقالا' فورم ۾ ڏاڏل شينو طرفان آندل موضوعَ ‏13 جنوري 2011۔

  1. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    [justify]هن وقت ڪهڙي محاذ تي جنگ وڙهي سگهجي ٿي ۔
    هن وقت ڪهڙي محاذ تي جنگ وڙهي سگهجي ٿي ، اڄ دنيا جنهن چوراهي تي بيٺي آهي سو انفارميشن ۽ ٽيڪنالوجي جو ماڳ آهي۔ اسان وٽ جيڪو وري نعرو ٿو لڳي پيو سو ته اوهان قوم پرستن کي هن شهر ڪراچي توڙي ٻهراڙين جي وسندين ۾ ڏسو ٿا پيا ، جن هٿن ۾ بدلي جي لاءِ اڄ قلم، ڪتاب هجن ها ، جن جوانن جو رخ ڪتب خانن ڏانهن هجي ها جن جو مشغلو علم ۽ ادب سان پيار هئڻ گهرجي ها تن هٿن ۾ قلم جي جڳھ ڪلاشنڪوف ۔ڪتب خانن جي بجاءِ شراب خانن و جواخانن ۽ فحاشي جي اڏن ڏانهن رُخ آهي ۔جاتي علم ۽ ادب جن جو مشغلو هجڻ گهرجي ها سو نوجوان جهالت ۽ بي ادبي جا نوان نوان رستا ٺاهيندو ٿو وتي ۔ اوهان ڏسو علم جي ڪيتري ضرورت هر دؤر کي رهي آهي ۽ رهندي دنيا تائين علم جي ضرورت دنيا کي رهندي۔
    فتحِ بدر کان پوءِ جن جنگي قيدين کي آزادي ڏني وئي تن جو تاوان ڏهن مسلمانن کي علم جو زيور ڏيڻو هو ۔ سوال اهو پيدا ٿو ٿئي ته اهي قيدي ته ڪافر هيا پوءِ انهن اسلام انهن ڪافرن سان ڪهڙي علم جي سودي بازي ڪئي ، سائين اهو لکڻ پرهڻ وارو علم ئي هو ، جتي تربعت هوندي آهي جي اُتي علم جي دولت اچي وڃي ته سمجهو اهو قومن ۾ انقلاب برپا ٿي سگهي ٿو۔
    اسان وٽ ته هر شئي اُبتي آهي جتي ٿورو گهڻو علم آهي ته ادب نظر نٿو آچي اُتي ذاتي مفادات جو اڻڳڻت سلسلو نظر ٿو اچي پيو ۽ نتيجو اوهان جي سامهون آهي ته اسانجي قوم جي ڏينهون ڏينهن حالت ابتري جي طرف گامزن آهي ۔ آ نه ٿو سمجهان ته ڪنهن دين ۾ علم کي اهميت نه هوندي منهنجو اديان جو ايترو مطالعو ناهي جو آ ان جي وضاحت ۾ ويهي ڪجھ لکان ، پر اندازو ضرور آهي ته ڪو به دين حصولِ علم ۾ رُڪاوٽ نٿو ٿي سگهي
    جاري
    وسلام
    حصو ٻيون
    پٺين دؤرن ۾ جي هوشوهجي يا دودو جي انهن پنهنجي وطن جي حفاظت ڪئي ته ائين نه هو ته اهي
    ڪي پنهنجي وقت جي هٿيار کان بي خبرهيا ته سندن دشمن سان ڪهڙي ريت مقبلو بهتري انداز ۾ ٿي سگهي ٿو، آءُ سمجهان ٿو ته اهي ماڻهون پنهنجي وقت جا بهترين اپ ڊيٽڊ ماڻهوهيا ۔ ائين نه هو ته جذبات ۾ اُٿي تلوار هٿ ۾کئي ۽ دشمن جي پٺيان ڪاهجي پيا پوءِ يا دُشمن سان وڙهندي مري ويا يا دشمن کي مات ڏناؤن۔

    اڄ اسان کي ڏسڻو آهي ته دشمن اسان تي ڪهڙا هربا ٿو هلائي جيڪي انجا هٿ آهن انهن هٿن کي ڪيئن ڀڃي سگهجي ٿو۔ مثال جي هو اسان ۾ مذهبي منافرت جو فصل پوکي چڪو آهي ته اسان کي اها وڍڻو آهي ۽ جن ماڻهن کي اوزار بڻائي اسان کي هڪ نه ٿو ٿيئڻ ڏئي ته اسان کي اهڙن ماڻهن جي مخالفت ڪرڻي پوندي ، معاشري ۾ هر ماڻهون تي ڪانه ڪا ذميداري هوندي آهي ۽ جيڪو ذميداري نه ٿو نڀائي اهو سمجهو لاشعوري طور تي دشمن جو ساٿ ڏئي ٿو۔
    اسان کي پنهنجي پس گردائي ۾ دشمن کي ڳولڻو آهي يقين رکو جيڪو به قوم سان ناانصافي ٿو ڪري اهو قوم جو دشمن آهي پوء اهوپورو ادارو هجي يا شخصيت ۔ استاد جي پنهنجي فرض ۾ ڪوتاهي ٿو ڪري ته اهو قوم جو دشمن آهي ، جي ڊاڪتر پنهنجي فرض ۾ ڪوتاهي ٿو ڪري ته اهو قوم جو مجرم آهي، ڪو فحاشي جو بازار گرم ڪري نوجوانن کي برائي ڏانهن راغب ٿو ڪري ته اهو قوم جو دشمن آهي ۔ قومون تبديليون ، انقلاب آڻينديون آهن ، پر اهي قومون تڏهن انقلاب آڻينديون آهن جڏهن ان قوم جا اڪثر افراد اپڊيٽڊ هوندا آهن۔
    ڏسو جڏهن ڪنهن به مقام تي ڪو غلطي ڪندو آهي يا ڪنهن ماڳ تي ڪجھ غلط ٿي رهيو هوندو آهي ته هر انسان سمجهندو آهي ته هتي ڪاخرابي آهي (ڇو جو غلط ۽ صحيح جو علم انسان جي فطرت ۾ سمايل آهي ۔) جنهن بنياد تي هي سمجهي ٿو ته هي خراب نتيجا ڇو ٿا نڪرن ۔ پر اڪثر چپ ان لاءِ هوندا آهن جو انهن ۾ انجي رڊِ عمل سهڻ جي سهپ ناهي هوندي يا گهڻي ڀاڱي اهو ٻڌڻ ۾ ايندو آهي ته منهنجو ڇا وڃي ۔ جڏهن ڪو اٿي غلط کي غلط چوندو آهي تڏهن اڪثريت ان غلط کي غلط چوندي آهي ، پوء جي انجو ردِ عمل ڌماڪيدار ٿيندو آهي ته تمام ٿورڙا ٿابت قدم رهندا آهن۔ جيڪي ثابت قدم رهندا آهن تن کي ملندي به قيامت تايئن يا ان کان بعد جي زندگي۔ تاريخ هميشه انهن سورمن کي ياد رکيو آهي جن تاريخ ۾ ٿابت قدمي جو ثبوت ڏنو آهي ۔
    ته اسان کي پنهنجي محاذ جي شروعات پنهنجي مڪتب کان ڪرڻي آهي پوءِ اهو مڪتب استاد هجي يا ماءُ جي جهولي هجي۔
    دوستو آڄ جي دؤر ۾ دشمن جيڪو انفارميشن و ٽيڪنالوجي سان ليس آهي انجو مقابل ان علمي ميدان ۾ اڳتي وڌي ئي ڪري سگهجي ٿو نه ته اسان سان هر زماني ۾ اها حالت ٿيندي رهندي جيڪا اڄ اسان جو مقدر بڻجي چڪي آهي جنهن ۾ اسانجو عزتون ، جان توڙي مال لٽجندو ٿو نظر اچي ۽ اسا ان تي خاموش تماشائي بڻيا ويٺا آهيون ۔ هر نبي کي معجزو ان زماني جي علم سان مليو هو تڏهن وڃي قوم
    ڪا تبديل آئي هئي ۽ قرآن انسان جي ڊڪٽ بوڪ آهي اسان کي قرآن اپڊيٽڊ رهڻ لاءِ علم جي دعوت هر زماني ۾ ڏيندو رهيو آهي ۽ اڄ به ڏئي ٿو۔
    ڏاڏل تڏهن ته اُرندو سج
    علم جو پوکيندا سين ٻج[/justify]
     
  2. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    جواب: هن وقت ڪهڙي محاذ تي جنگ وڙهي سگهجي ٿي

    السلام عليڪم ادا ڏاڏل واقعي توهان تمام بهترين انداز ۾ علم جي محاذ جو تذڪرو ڪيو آهي۔
    ڪنهن داناء جو قول آهي ته اگر ڪنهن قوم کي تباهه ۽ برباد ڪرڻو هجي ته ان قوم کان علم جو زيور کسيو وڃي۔ مهرباني ادا ڏاڏل
     
  3. همانگير سولنگي

    همانگير سولنگي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏8 جولائي 2010
    تحريرون:
    1,101
    ورتل پسنديدگيون:
    86
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپيوٽر آپريٽر
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: هن وقت ڪهڙي محاذ تي جنگ وڙهي سگهجي ٿي

    تمام سهڻي ونڊ ادا
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو