اسڪين ڪيل ڪاغذن منجهان ٽيڪسٽ کي ڪاپي ڪريو۔۔۔

'سافٽويئر' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏13 جنوري 2011۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جيڪڏهن توهان جو باس 100 کن پيپر توهان جي حوالي ڪندي چوي ته سڀاڻي اهي سڀ ٽائيپ ڪري مون ڏانهن ميل ڪجان ءِ ته توهان جي ڪيفيت ڪيئن هوندي۔۔۔ ~X(
    پر هاڻي روئڻ :(( بجاءِ اهڙو ڪم ملڻ تي توهان جي ڪيفيت بلڪل هوندي مختلف :">
    ڇو ته مان توهان لاءِ کڻي آيو آهيان۔۔۔ FreeOCR نالي اهڙو مفت وارو سافٽويئر جنهن ذريعي بس توهان اهڙن ڪاغذن کي اسڪين ڪندا وڃو ۽ اسڪين ٿيل پيپرن منجهان ٽيڪسٽ ڪاپي ڪندا وڃو۔۔۔

    [​IMG]

    هن سافٽويئر جي خاص خوبين ۾ شامل آهن۔۔۔
    300dpi تائين گِهري اسڪيننگ
    تصويرن جي سپورٽ
    هي سافٽويئر Optical Character Recognition (OCR) استعمال ڪندو آهي جنهن کي گوگل مينٽين ڪري ٿو
    هي سافٽويئر پي ڊي ايف جهڙن فائلن کي به ايڪروبيٽ ريڊر يا ٻين سافٽويئرس جي انسٽال نه هجڻ باوجود کولي ٿو۔۔
    انگريزي کان علاوه ڪيترين ئي ٻولين کي سپورٽ ڪري ٿو۔۔

    هي مفت جو سافٽويئر آهي جنهن کي هتي ڪلڪ ڪري ڊائونلوڊ ڪري سگهجي ٿو۔۔۔
     
  2. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    جواب: اسڪين ڪيل ڪاغذن منجهان ٽيڪسٽ کي ڪاپي ڪريو۔۔۔

    يار وڏي ڪم جي شي آندي اٿئي
    مونکي اڪثر اهڙا پرابلم ايندا رهندا آهن
    ورڊ جي فائيل ته ڪاپي ٿي ويند آهي پر اڪسل نه ٿيندي آهي
    ء ٻيو وري جڏهن ايڊٽ ڪندو آهين ته سيڪوئنس خرارب ٿي
    ويندي آهي

    هن کي آزمائي ڏسندس
     
  3. بشيراحمد

    بشيراحمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 نومبر 2009
    تحريرون:
    436
    ورتل پسنديدگيون:
    379
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    423
    جواب: اسڪين ڪيل ڪاغذن منجهان ٽيڪسٽ کي ڪاپي ڪريو۔۔۔

    سائين مهرباني سنڌي ۽ اردو او سي آر جو جو مستقبل قريب ۾‌ امڪان آهي ؟
     
  4. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: اسڪين ڪيل ڪاغذن منجهان ٽيڪسٽ کي ڪاپي ڪريو۔۔۔

    تمام بهترين سافٽ ويئر آهي ادا

    ان سان ڪافي دوستن جي ڪم ۾ آساني پيدا ٿئي ويندي

    مان ته ان کي دائونلوڊ ڪري ڇڏيو آهي

    سدائين گڏ
     
  5. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    جواب: اسڪين ڪيل ڪاغذن منجهان ٽيڪسٽ کي ڪاپي ڪريو۔۔۔

    ادا هي ونڊ مارچ ۾ ڏٺي هئم ۽ استعمال به ڪري ڏٺم ته ڪم ڪيائين پئي۔ پر پوءِ ونڊوز انسٽاليشن ۽ هارڊ ڊسڪ جي خرابي ٿيڻ ڪري ڊيٽا اڏامي وئي ۽ هي سافٽويئر به هليو ويو۔ اڄ مون وٽ 3 پرنٽيڊ پيج آهن ۽ اهي آفيس ۾ هڪ انسٽريومينٽ سان اٽيچ هڪ پي سي مان پرنٽ ڪيا اٿم ۽ هاڻي ٽائيپ ڪرڻا هئا۔ ڇو ته جنهن پي سي مان اهي پرنٽ ڪيا اٿم ان ۾ يو ايس بي لڳائڻ جي اجازت ناهي ۽ سي ڊي رائيٽر به ناهي جو اها ڊيٽا ڪاپي ڪجي۔ اچانڪ ياد آيو اها شئي سنڌسلامت تي هئي۔ پر ڳولڻ وڏو مسئلو هو۔ ڇو ته نه موضوع جي هيڊنگ ياد هئي نه وري ان جي ونڊ ڪندڙ جو نالو ذهن ۾ هو۔ پوءِ سافٽويئر سيڪشن ۾ وڃي هڪ هڪ ڪري موضوع ڦلهوريم تڏنهن وڃي هي مليو۔ مهرباني ڪري انهي جو ڪو حل آهي ته ٻڌايو ۽ جي ناهي ته ڪو حل ڪڍو جو ڪا پرڻي ونڊ جلدي لڀي وڃي ۔(جڏنهن ان جي ونڊ ڪندڙ جو نالو به ياد نه هجي ۽ موضوع جي هيڊنگ به ياد نه هجي۔)
     
  6. يونس ملڪاڻي

    يونس ملڪاڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2011
    تحريرون:
    499
    ورتل پسنديدگيون:
    834
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    پرائمري ٽيچر، تعليم کاتو حڪومت سنڌ
    ماڳ:
    ملڪاڻي شريف ضلع بدين
    جواب: اسڪين ڪيل ڪاغذن منجهان ٽيڪسٽ کي ڪاپي ڪريو۔۔۔

    ادا حفيظ واقعي جينين مسئلو پيش ڪيو اٿئو اهو مسئلو مونسان ته ڪافي ڀيرا پيش اچي چڪو آهي ان جو ڪو حل واقعي به نڪرڻ گهرجي منهنجي خيال ۾ هر مهيني ڪيٽيگري وائيز الڳ الڳ فولڊر ٺاهي ان مهيني جون ونڊون ان مهيني جي فولڊر ۾ رکجي يا وري اهڙو ڪو حل ڪڍجي جنهن سان ڪم ۾ آساني ٿئي
     
  7. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: اسڪين ڪيل ڪاغذن منجهان ٽيڪسٽ کي ڪاپي ڪريو۔۔۔

    دوست عبدالحفيظ لغاري ۽ يونس ملڪاڻي صاحب ۔۔۔۔
    سنڌ سلامت جي ڊيٽابيس جي سائيز ڏينهون ڏينهن وڌي رهي آهي جنهن کي سهيڙڻ تي پڻ گفتگو جاري آهي۔۔۔ آهستي آهستي توهان کي فورم تي تبديليون نظر اينديون رهنديون۔۔۔ ان هوندي به سنڌ سلامت فورم تي ڳولا کي سهل بنائڻ لاءِ مکيه صفحي تي سائيڊ بار بلاڪ تي مٿان مٿان گوگل سرچ لڳل آهي۔۔۔ جتي توهان ڳوليندڙ موضوع جو ڪوبه خاص لفظُ يا لفظ سنڌي ۾ لکي ڳولا ڪريو توهان جي اڳيان تڪڙو ۽ درست نتيجو سامهون ايندو جئين توهان هن موضوع متعلق ياد ايندڙ ڪي لفظ جهڙوڪ:
    اسڪين ڪيل پيپر
    اسڪين ڪيل
    اسڪين وارو ٽيڪسٽ
    اسڪين ڪري ٽيڪسٽ ڪاپي ڪريو
    اسڪين ٿيل ڪاڳرن مان اکر ڪاپي ڪريو

    يا ان سان ملندڙ جلندڙ ڪجهه لفظ لکي جڏهن ڳولا ڪندو ته پهريون يا ٻيو موضوع يقينن توهان جو مطلوبا موضوع هوندو۔۔۔ ڪافي رڪن سنڌ سلامت تي ڳولا ڪرڻ دوران گوگل ڪسٽم ڳولا کي استعمال ڪندا آهن ۽ بهترين نتيجا حاصل ڪندا آهن۔۔۔ توهان ڪوشش ڪري ڏسو ۔۔۔ ڪنهن مونجهاري جي صورت ۾ ٻيهر رابطو ڪريو۔۔ مهرباني
     
  8. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: اسڪين ڪيل ڪاغذن منجهان ٽيڪسٽ کي ڪاپي ڪريو۔۔۔

    سائين رشيد صاحب ادي بشير جو هي سوال در اصل منهنجو سوال به آهي، ڀلو ٿي ادي بشير جو پڇي ورتائين آءُ 2 ڏينهن کان سوچيان پيو ته سوال ڪريان يا نه؟
    مهرباني۔۔۔
     
  9. بشيراحمد

    بشيراحمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 نومبر 2009
    تحريرون:
    436
    ورتل پسنديدگيون:
    379
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    423
    جواب: اسڪين ڪيل ڪاغذن منجهان ٽيڪسٽ کي ڪاپي ڪريو۔۔۔

    ادا طاهر ريمائنڊ ڪرائڻ جي مهرباني
    ڪنهن به ساٿي کي ڄاڻ هجي ته شيئر ڪري
    منهنجي معلومات جي مطابق
    سنڌي او سي آر ، مهراڻ يونيورسٽي ۾ ڪنهن اشٽوڊنٽ جو پي ايڇ ڊي پروجيڪٽ آهي
    پر انهي بابب ڪجھ به ڪنفرمشن نه آهي ۔
     
  10. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: اسڪين ڪيل ڪاغذن منجهان ٽيڪسٽ کي ڪاپي ڪريو۔۔۔

    بلڪل ادا بشير آءُ عربي جي حوالي سان ان جو سوال ڪري رهيو هوس جو منهنجو اڪثر ڪم عربي ۾ ئي ٿيندو آهي۔ وري به عربي فورمز تي سرچ ڪرڻ جي ڪوشش ڪريان ٿو، جيئن ڪجهه هٿ لڳو ته اوهان سان شيئر ڪبو ان شاءَ الله ڪجهه دير ضرور لڳندي جو في الحال پاڻ وٽ زونگ زنده باد لڳو پيو آهي، پنهنجي علمي ڪم کان جيئن ٿورڙي فرصت ملي ٿي فورم تي هليو ايندو آهيان۔
     
  11. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    جواب: اسڪين ڪيل ڪاغذن منجهان ٽيڪسٽ کي ڪاپي ڪريو۔۔۔

    ادا رشيد صاحب اوهان جي رهنمائي لاءِ مهرباني۔ ونڊ جاري رهي ڪم ٿيندو رهي۔ آمين
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو