بصارت ۽ بصيرت

'مقالا' فورم ۾ ڏاڏل شينو طرفان آندل موضوعَ ‏14 جنوري 2011۔

  1. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    بصارت و بصيرت​




    [justify]
    چوڻي آهي ته سالڪ جي هڪ نگاھ هزاين مجذوب پيدا ڪري سگهي ٿي پر هزارين مجذوب ملي ڪري هڪ سالڪ نه ٿا پيدا ڪري سگهن۔ پوءِ سچ آهي يا غلط ان کي هرڪو پنهنجي پنهنجي نگاھ سان ڏسي ۽ پسي ٿو۔ هر اک ڏسڻ واري ناهي هوندي ، ڪي انڌا به سڄا هوندا آهن ته ڪي سڄا به انڌا هوندا آهن۔ حضرت علي عه جو فرمانِ اطهر آهي ته سڄي آهي اها اک جيڪا ڏسي ڪري عبرت حاصل ڪري ۽ انڌي آهي اها اک جيڪا ڏسي ڪري عبرت حاصل نه ٿي ڪري ، مقامِ عبرت ته تمام گهڻا آهن پر عبرت حاصل ڪرڻ وارا تمام ٿورا آهن۔ ڪي ڪن هوندا آهن جيڪي ٻڌي ڪري به ڪجھ ناهن ٻڌندا ته ڪي ڪن ڏسي ڪري ٻڌندا آهن جيئن چوڻي آهي ٿورو چيو گهڻو سمجهيو ،ڪي سينا سمنڊ کان به گهرا هوندا آهن ته ڪي سينا جهرڪي جي چنهنب کان به ننڍا هوندا آهن۔ ڏسندي جانور جي اک به آهي ، ٻڌندو جانور جو ڪن به آهي ، ڌڙڪندو جانور جو دل به آهي ، وجودي بقا جي لاءِ جانور به فڪرمند آهي پر ان ۽ انسان جي فڪر توڙي ، ٻڌڻ سوچڻ ،ڏسڻ وغيره ۾ اگر ڪو فرق آهي ته اهو آهي ان جي بصارت ۽ بصيرت جو ۔جي انسان پنهجي اصلاح نٿو ڪري ته قرآن انکي به جانور سڏيو آهي جي ٻڌي، ڏسي توڙي انهن واقعات کان عبرت حاصل نه ٿا ڪن ته انهن انسانن کي قرآن انڌا ٻوڙا ۽ گهونگا سڏيو آهي ۔هڪڙي شي هوندي آهي ٻي شي جي حقيقت هوندي آهي ، شئي جي ايتري قدر ناهي هوندي جيتري انجي حقيقت جي قدر هوندي آهي۔ اوهان ڏسو جي پئسن جو نوٽ هجي جي ان کي ڏسجي ته اهو بظاهر ته هڪ ڪاغذ آهي پر انجي حقيقت ڇا آهي هر خواهش جي پوري ڪرڻ جو زريعو آهي پوءِ چوندا آهيون ته ادا دولت مٺي آهي جي انجي حقيقت ڏي ڏسجي ته دولت مٺي ناهي هوندي پر ان دولت سان پوري ٿيندڙ خواهش مٺي هوند ي آهي۔ٻار کي انجو شعور ناهي هوندو ته هو پنهجن جي جهولي ۾ خاموش ۽ نه ڏسندڙ چهرن کي ڏسي ڇو رويندو آهي ، پنهجن جي جهولي ۾ کلندو آهي پر ان جي تحت الشعور ۾ اها ڳالھ فطرتي آهي ته هو جتي پنهنجي بقا ڏسندو آهي انهن وٽ خوش رهندو آهي۔ پوِ انسان پنهنجو دشمن واڻ ڪيئن ٿيو آهي ۔انسان پنهنجو دشمن خواشن جي لذت جي بنا تي آهي ‌جن هن دنيا جي لذت کي فقط ڏٺو، ان مان اٿندڙ طوفانن کي نه ڏٺو ته انهن ان لذتن جي محبت ۾ پاڻ سان دشمني جي راند رچائي ۔ مثال اسان کي اگر فلڪياتي ماهر ٻڌائين ته هتي اڄ هن وقت ضلضلي جا مڪان آهن ته اسين تسليم ڪرڻ لاءِ تيار آهيون پر جي اسان کي ان عبرت جي نگاھ جنهن ڪا غلط خبر نشر ناهي ٿي ان چيو ته تنهائي ۾ شهوتِ انساني جوش کائيندي آهي ۽ اسان کي ٻڌايوته ان جي حاڃن کان بچڻ لاءِ محرم و نامحرم جو خيال رکجي، ايتري تا ئين جو جڏهن ڀاءُ ۽ ڀيڻ هن عمر تي پهچن ته اسان کي انهن جا بسترا جدا ڪرڻ گهرجن ، جي_ غلط زريعي سان دولت ايندي ته انجا اوهان ۽ اوهان جي اولاد تي ڪهڙا اثرات مرتب ٿيندا۔دولت جي زيادتي اوهان ۾ براين جي پوک پوکيندي ۔ بيشڪ اهي ڪو ذاتي طور تي انهن جي اثرات کان بچي سگهي ٿو پر انهن جي ردِ عمل جا 100فيصد امڪان موجود آهن۔ پوءِ جن اکين ۾ بصيرت هئي انهن پنهنجو پاڻ ۽ پنهنجي ڪنبي کي بچايو۔ جي هر انسان هن دنيا کي عارضي سمجهي ها ته هتي هميشه رهڻ جو سامان نه ڪري ها ، جن ڏٺوته هتي ناهي رهڻو، ته انهن فقظ پنهنجي رستي جو ضروري سامان کنيو ۔ اوهان ٿورو يا گهڻو سفر هر ڪنهن ڪيو هوندو پوءِ ڇا سفر ۾ ٿورڙو سامان جيڪو ضرورت جو هوندو آهي اهو کڻدا آهيون، پر جن کي اها ڳااله سمجھ ۾ ايندي آهي ته خوامخواھ رستي تي گهڻو سامان کڻي پاڻ کي پريشان ناهي ڪرڻو ته انهن پنهنجي ضرورت کي گهٽ ڪري رستي جي پريشاني کان بچايو آهي ۔( مونکي احساس آهي ته وڏو موضوع ڏسي تقريبن قارئين اڳتي گذري ويندا آهن انلاءِ وري ڪنهن ٻي ساعت حاضر ٿيبو انهي موضوع سان )
    جاري
    وسلام
    [/justify]
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: بصارت ۽ بصيرت

    تــــحــقــيــق جي تـون ڀـري ، مـــٿـــي ريء کــڻــيــج
    جا حاج هٿــن ريء نه ٿئي ، سا ٺونٺون ٿي ڪريج
    هــــڪــــل حــــقـــيــقـــت جــي ، ٻــوڙو ٿي ٻــڌيج
    انــڌو ٿـــي پـــسـيــج ، مـــشـــاهـــدو مــحــبـوب جو.

    سهڻا دوست ڏاڏل سائين، ان ساڳئي موضوع سان ملندڙ جلندڙ هڪ موضوع جيڪو لطيف جي مٿئين بيت کان شروع ٿيو هو سو هيٺ لنڪ تي ڪلڪ ڪري پڙهندا ۔۔۔

    http://www.sindhsalamat.com/showthread.php?t=2688

    بيشڪ انسان ظاهر حواسن ۽ باطني حواسن جو مجموعو آهي ۔۔۔ جيئن عبدالڪريم بلڙي واري فرمايو هو ته ؛

    هي ڪن گڏهه هاڻا وڪڻي، ڪن ڪي ٻيا ڳنهيج
    پريـــان سنــــــدي ڳالــــهڙي تــــون، تنيـــــن ســان سڻيج

    تمام سهڻو موضوع پيش ڪيو اٿوَ ۔۔۔ جزاڪ الله
     
  3. همانگير سولنگي

    همانگير سولنگي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏8 جولائي 2010
    تحريرون:
    1,101
    ورتل پسنديدگيون:
    86
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپيوٽر آپريٽر
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: بصارت ۽ بصيرت

    بهترين ڪوشش ادا جاري رکجو۔
     
  4. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: بصارت ۽ بصيرت




    سائين جزاڪ الله اوهان جا احسان

    وسلام
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو