گمراه

'مقالا' فورم ۾ ڏاڏل شينو طرفان آندل موضوعَ ‏15 جنوري 2011۔

  1. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    [justify]
    گمراهي ​


    [justify]گمراهي انسان جي رستي تان ڀٽڪي وڃڻ کي چيو ويندو آهي ۔ جي انسان رستي تان ڀٽڪجي ويو آهي، ته پوءِ انسان جو رستو هيو ڪهڙو، جنهن تان انسان ڀٽڪجي ويو آهي؟ ۔

    مونکي ياد آيو ته هڪ سالڪ جي محفل ۾ ويٺا هياسون اتي هڪ طالبِعلم چيو ته سائين مون اڄ پڙهيو ته حضرت آدم عه جي دعا (ربنا ظلمنا ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔) پڙهڻ جي وڏي فضيلت آهي ۔
    سائينءَ جن پڇيو ته ان دعا جو ترجمو ڇا آهي؟
    چيائين سائين نه؛
    سائين جن ان کي ان دعا جو ترجمو ڪري ٻڌايو ته هاڻي تون ٻڌاءِ ته تو ڪهڙو ظلم ڪيو آهي؟ ڇو جو ان ظلم جو اقرار آهي ته (يشڪ مون پنهنجي نفس تي ظلم ڪيو آهي اي پروردگار جي تو مونکي معاف نه ڪيو ته بيشڪ مان خساري وارن مان ٿي ويندس )

    هاڻي حضرت آدم ته پنهنجي ان گناھ جو اقرار ڪيو آهي ته پروردگار تو مونکي جنت ۾ رکيو ۽ مون تي هڪ پابندي هئي ته مونکي هڪ شجر جي قريب نه وڃڻو هو پر آءُ تنهنجي حڪم کي ڇڏي ان وڻ جي قريب ويس اها مونکان غلطي ٿي ۔ ان موضوع تي گهڻو ڪجھ لکي توڙي غور ڪري سگهجي ٿو ۔ هاڻي تون ٻڌاءِ ته تون جي اها دعا پڙهندين ته پهريان ڪا اهڙي غلطي آهي تنهنجي ذهن ۾ جنهن کي تصور ۾ رکي تون ان غلطي جي معافي وٺين يا ڪڏنهن پنهنجي غلطين جو احساس ڪري ان دعا کي پڙهيو اٿئي.
    تنهن تي ان طالبعلم چيو بيشڪ انسان خطا جو پتلو آهي هر وقت خطاڪاريءَ ۾ ٻڏل رهي ٿو ۔
    سائين چيو پوءِ جي پنهنجي گناهن تي نادم آهين ؟ يا اهي گناھ ڇڏي ويو آهين ؟
    چيائين سائين ائين ڪونهي ۔
    سائين جن فرمايو ته عزيزِ جان در اصل ان دعا مان مراد آهي پنهنجي گناهن جي معافي ۔ توبه جو مطلب آهي تبديلي نه ڪي ڪن ڳاڙها ڪرڻ ۔ ثواب جو مطلب آهي اوهان تي ان دعا توڙي عمل جو اثر ۔

    ته مون عرض پئي ڪيو انسان جي پنهنجي رستي کان هٽيل آهي ته پهريان هن کي پنههنجو رستو سوچڻ ته گهرجي ته منهنجو رستو اصل ۾ آهي ڪهڙو۔
    قرآن ڪريم جي آيت اهي ته؛
    ( پنهنجو پاڻ کي يڪسو ٿي ڪري دين جي طرف متوجه ڪيو( جيڪو ) الله جي فطرت آهي جنهن تي انسان کي فطر(پيدا) ڪيو ويو آهي سوره الروم آيت 30)

    سالڪن جو چرڻ آهي انا فطرتالله هر انسان جي اندر موجود آهي جنهنکي ضمير يا روح توڙي باطني پيغمبر سڏيو وڃي ٿو۔ هاڻي جيڪو ان رستي کان يعني پنهنجي ضمير جي آواز کان جدا آهي سو گمراھ آهي۔
    (جاري)[/justify][/justify]
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: گمراه

    سڀ کان پهريان ته ڏاڏل سائين، اوهانجا لک ٿورا جو اوهان سهڻي سلوڪ وارو ليک ونڊ ڪيو آهي ۔۔۔؟ سمجهو ڪي سمجهن ۔۔۔
    هڪ عرض؛
    مون ان ليک جي ترتيب ڪئي آهي ۽ لفاظي غلطيون به درست ڪيون آهن ۽ ممڪن هاڻ ليک پڙهڻ ۾ آسان ۽ سمجهه ۾ پڻ سولو ٿيندو ۔۔۔ اوهانکي به گذارش آهي ته اوهان پهريان هر ليک ورڊ فارميٽ ۾ لکي پاڻ وٽ محفوط ڪندا وڃو ۽ ٻي ڳالهه ته اوهان ان مضمون کي هڪ يا ٻه دفعا پڙهي، پاڻ غلطيون درست ڪندا ته اڃان ڪم ڀلو ٿيندو ۔۔۔

    اوهانکي اها چوڻي ته ياد هوندي ته ”پهرين نظر ۾ جو سهڻو لڳندو سو هميشه سهڻو لڳندو آهي“ اوهانجا پيش ڪيل مضمون جيڪڏهن جاذب نگاهه هوندا ته پڙهڻ واري کي پاڻ ئي ڇڪي وٺندا ۔۔۔

    هاڻ اچجي اوهانجي مضمون تي ته، هي موضوع تمام ڳوڙهو ۽ فڪري آهي ۔۔۔ انکي سمجهڻ لاءِ دين جي بنياد جي ۽ انسان جي خلق کان واقف هجڻ ضروري آهي ۔

    جڏهن رب تعالا سڀ انساني ارواح خلق ڪيا ته کائنن واعدو ورتائين ته؛

    ”الست بربڪم” ڇا آءُ اوهانجو رب آهيان

    سڀني هڪ راءِ ٿي جواب ڏنو؛

    ”قالو بلا“ چيائون بيشڪ (اسانجو رب آهين)

    ”الست بربــڪم“، جڏهن ڪن پيوم،
    ”قالو بلا“ قلــب سين تڏهن تت چيوم،
    تنهين وير ڪيوم، وچن ويڙيچن سين۔

    هاڻ جڏهن ڪو به انسان ان ڪيل واعدي کان منهن موڙي رب جي ذات کي پٺي ڏئي ٿو ته هو گنهگار ٿئي ٿو ۽ واعدي خلافي ٿئي ٿي ۔۔۔ ان عمل جو پورائو به تڏهن ئي ٿيندو جڏهن انسان ان ڪيل اقرار کي وري قائم ڪري ۽ پنهنجو پاڻکي رب جي حوالي ڪري ۽ سڌي راهه تي هلي ۔۔۔

    والله علم
     
  3. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: گمراه


    ادا ڏاڏل جزاڪم الله مولا اوهان جي سمجه ۾ اڃا اضافو فرمائي

    ادا اوهان جي هي جملا تمام گهڻا مبهم آهين مون پنج دفعا ورائي ورائي پڙهڻ کان پوء به 100 فيصد نه سمجهي سگهيس ته اوهان ان ڪالم ۾ ڇا ٿا چوڻ چاهيو ۔
    بحر حال اوهان جي هي ڳاله پڙهي ڪري تعجب ٿيو اها اوهان جي استاد محترم جو نظريو آهي يا اوهان جو اهو ته اوهان ئي بهتر ٻڌائي سگهو ٿا پر اوهان لکيو ته حضرت آدم پهنجي ان گناه جو اقرار ڪيو آهي ۔
    ادا مون گهنهگار اهو پڙهيو آهي ته ۔ (بلڪل مختصر ته)۔ ۔ انبياء معصوم هوندا آهين ڇو ته هو الله تعالي جو دين باامانت پهچائڻ لاء امين اگر اهي گناه ڪن ته انهن جي عدالت ختم ٿي ويندي ۽ امين جو عادل هجڻ لازمي آهي ۔۔۔
    حضرت آدم کي گنهگار چوڻ چوڻ اهو صحيح نه آهي ۔ باقي لفظ ظلم جو استعمال ٿيڻ جو جواب اهو ئي آهي ته ءلم جي معني آهي وضع الشي في غير محله ۔ جنهن شي کي ان جي جاء تي رڪڻ جو حق هجي اتي ان کي نه رکيو وڃي ۔۔ سو ان مان ضروري لازم نٿو اچي ته جيڪڏنهن ڪنهن شي کي ان جي معقول ۽ مناسب جڳه تي نه رکيو وڃي ته اهو گناه آهي ۔ٿي سگهي ٿو گناه هجي ٿي سگهي ٿو گناه لازم نه اچي ۔۔۔۔۔۔
    جيسيتائين حضرت آدم عليه السلام جو قصو آهي ته اهو ترڪ اولي انهن کان سرزد ٿيو نه ڪي گناه ڪيو انهن ۔۔۔ اميد ته مهنجي به رهنمائي ڪندا ته ڇا واقعن گناه هو يا مهنجو مطالعو غلط آهي
     
  4. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: گمراه

    سائين خدا نه ڪري ته آڀو اهو خيال به ڪيان ته حضرت آدم گنهگار آهي نه ئي مون پنهنجي ڪنهن استاد جو ذڪر ڪيو آهي مون ته انهان جي آڏو هڪ سالڪ جو احوا ڪيو آهي۔ جن کان مون هميشه هي ٻڌو آهي ته هي قرآن انساني ڊاڪٽ بوڪ آهي هن ۾ انبياءِ جو ذڪر صرف ان مقصد ۾‌آهي ته انسان جي اندر ۾ جيڪو نفس آهي ان جي اصلاح ڪئين ڪري سگهجي ٿي ۔ هي قرآن جنهن جي سوره انبياء جي آيت نمبر 10 ۾ پروردگار بار بار اهو تذڪرو ڪيو آهي ته (هي قرآن جيڪو اسان اوهان تي نازل ڪيو آهي جنهن ۾ توهان جو ئي ذڪر آهي ته پوء‌ ڇا توهان غور نه ڪندؤ۔
    انبياء فقط نسان کي سمجهائڻ لاء اهو عمل ڪري سمجهائيندا آهن ته ڏسو هن عمل جي آخرت قيامت يعني نتيجو ڇا نڪرندو ۔ جيئن حضرت آدم عه جو واقعو آهي انهن حڪمِ خدا وندي جي ڀڃڪڙي جو راض ظاهر ڪيو ته ڏسو هن جو نتيجو هي آهي ۔ جي قومن جو ذڪر ۽ انبياء جو ذڪر متشابھ ڪلام آهي
    آءُ يا ان سالڪ جي نظريعي جي مطابق ططا يا جنهن کي ڪو فڪر ترڪِ اولى ٿو چئي پيو ان جا قائل ئي ناهيون ڇو جو اهي اصطلاهون (ترڪِ اولا يا خطا) پاڻ کي مطمئين ڪرڻ جا نالا آهن انهن سڀني خيالن جا ڪٿي نه ڪٿي تانا بانا وڃي طواهش نفس سان ملن ٿا جيڪا ڪه عفلتِ نفس جو ڪارڻ آهي ۽ انبياء معصوم انلاخطا آهن ۔
    باقي رهيو ان سالڪ جو سوالو ته مون عرض ڪيو ته انهن هڪ طالبِ علم تي سوال ڪيو جنهن ما انهن جي مُراد فقط ان طالبِعلم کي متوجھ ڪرڻ هو۔ آڀُ اهي تمام تفاصيل پنهنجي جاري مضون ۾ انشاء الله ڪرڻ وارو هيس ۽ انشاء الله ڪندس ۔



    سائين نثار صاحب مونکي پنهنجي خطائن جو نه فقط طيال آهي پر ملال پڻ آهي۔ اوهن پاڻ اندازو ڪيو هڪ ماڻهون محنت ڪري ۽ ان ۾ حسن عيان نه هجي ته ڇا انکي ملال نه هوندو۔
    هڪ ته الله حياتي ڏئيس هي مشن مونکي هلائڻ نٿي اچي هي اوهان دوستن جي محبت آهي ، ڪئي چڪر سوچيو آهي ته نيٽ ڪٽائي ٿو ڇڏيان ڇو جو گهڻي ڀاڱي ٿيو ائين آهي جو آء ڪا شي لکان ٿو ته عين وقت تي بجلي هلي ٿي وڃي ۔ هن‌ ۾ سندي ڳنپيج انسٽال جڪونهي ۔ اوهان به دعا ڪيو آءُ به دعا ٿو ڪرين ته سائين ممتاز وگهي صاحب کي ٽئيم ملي وڃي ته اهو سسٽم مونکي انسٽال ڪري ڏين ته ڪوشش ڪبي اوهان کي زحمت نه ٿئي۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو