معذوري مجبوري نه آهي

'مقالا' فورم ۾ khadim ghirano طرفان آندل موضوعَ ‏16 جنوري 2011۔

  1. khadim ghirano

    khadim ghirano
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    118
    ورتل پسنديدگيون:
    118
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    نصرپور سنڌ
    معذوري مجبوري نه آهي
    خادم گھراڻو
    اڄ سڄي دنيا ۾ معذورن جو عالمي ڏينهن ملهايو پيو وڃي معذُور به اسان جي هن سماج جو حصو آهن اسان هڪ نظر غور سان ڪنداسين ته اسان کي اهڙا ڪافي ماڻهو ملندا جيڪي معذور ته نه آهن پر معذوري جو ڍونگ ڪري معذور انسانن جو حق کائي رهيا آهن . ڪي وري پنڻ جي ڪاروبار جي پٺيان آهن پنڻ هڪ وڏي بيماري آهي . جيڪا اسان وٽ ناسور جي شڪل اختيار ڪري ويئي آهي اسان وٽ پنڻ جي لاءِ مختلف طريقا ايجاد ڪيا ويا آهن . پر اسان غور ڪنداسين ته اسان جي سماج ۾ ڪافي اهڙا معذور آهن جيڪي باهمت آهن محنت کي ترجيح ڏيئي رهيا اهي پنڻ کي بيماري سمجھي رهيا آهن اسان وٽ ڪافي اهڙا ماڻهو به ٿي گذريا آهن جيڪي معذور هوندي وڏا ڪارناما ڪري ويا ڪنهن وقت اسان ڪورس جي ڪتابن ۾ هڪ عورت بابت پڙهيو هو ته اها نابين هئي پر ان تعليم جي لاءِ وڏي جدوجهد ڪئي هئي اسان وٽ انڌن ٻوڙن گونگن جي لاءِ اسڪول آهن جتي اهي پڙهي ڪامياب هنر سکي ڪامياب زندگي گذاري رهيا آهن مون ڪافي معذورن سان ملاقات ڪئي انهن جو اهو چوڻ آهي ته ڪير ٿو چوي ته معذوري مجبوري آهي گوپال داس مينگھواڙ جنهن هن سال مئٽرڪ جي امتحان ۾ اي ون گريڊ کنيو آهي جيڪو معذور آهي پر ڪمپيوٽر جي سافٽ ويئر ۽ ونڊو انسٽاليشن ڄاڻي ٿو سنڌي اردو انگريزي ڪمپوزنگ جو به ماهر آهي هن ٻڌايو ته ننڍپڻ ۾ بخار ٿيو آهي انجيڪيشن جي ري ايڪشن جي ڪري معذور بنجي ويس پر مون همت نه هاري خادم گھراڻو مير عرفان علي دائود پوٽي منهنجي رهنمائي ڪئي جنهن ڪري اڄ آئون هن مقام تي پهتو آهيان مون کي انجنيئر ٿيڻ جو شوق آهي جيڪڏهن اسان جا معذور معذوري کي مجبوري نه سمجھن ته ڪهڙو به ڏکيو ڪم هجي اهي ڪري ويندا .بادل هوت بلوچ جنهن به ساڳي ڳالهه ڪئي ته آئون بيماري جي ڪري معذور بنيس اهو هن وقت انٽر سائنس پاس آهي ريڊين ۽ ٽي وي مرمت ڪرڻ جو ماهر آهي هن چيو ته اسان کي پنهنجي هٿ سان ڪم ڪرڻ ۾ مزو ٿو اچي جيڪو حلال روزي ۾ برڪت آهي اها ٻئي ڪنهن ۾ نه آهي اسان محنت ڪريون ٿا محتاج نه آهيون مون پرائمري استاد جي نوڪري جي لاءِ اپلائي ڪيو هو پر مون کي نوڪري نه ملي اسان ڪڏهن به پاڻ کي بيوس محسوس نه ڪيو آهي . اهي ماڻهو معذور آهن پر انهن جا جذبا معذور نه آهن اهي انهن جي لاءِ سبق آهن مثال آهن جيڪي پورهيو ڪرڻ کان لنوائين ٿا . پپو گھراڻو جيڪو ڀت هيٺيان اچڻ کان پوءِ هڪ پير کان معذور ٿيو رازڪيڪم جو به ڪاريگر آهي اهو ڏينهن جو برياني وڪڻي ٿو رات جو پڪوڙا وڪڻي ٿو پنهنجي سڄي گھر کي هلائي رهيو آهن هنن چيو ته اسان کي اڃا تائين ڪابه امداد نه ملي آهي اسين جيڪڏهن امداد جي سهاري تي رهنداسين ته پوءِ زندگي ڪيئن گذارينداسين اسان کي رب پاڪ هٿ ڏنا آهن انهن سان محنت ڪريون ٿا . هڪ اهڙي ماڻهو سان به منهنجي ملاقات ٿي جيڪو مشڪل سان هلي رهيو هو جنهن جي چوڻ موجب آئون شروع کان ائين آهيان غربت سبب علاج ڪرائي نه سگھس آئون گهر جو سنڀاليندڙ آهيان هي ءُ منو ڀيل آهي جيڪو گاڏي تي گھٽي گھٽي وڃي ٻارن جا رانديڪا ۽ ٻيو سامان وڪڻي ٿو هن چيو ته محنت سان ئي منزل ملندي آهي اڄ تائين ڪابه امداد نه ملي آهي جيڪو ڪجھه ملي ٿو اهو شڪر ڪري کائون ٿا هن چيو ته مون کي گاڏو هلائڻ مهل سخت تڪليف ٿيندي آهي پر مون همت نه هاري آهي ڪنهن جو محتاج نه آهيان . اسان کي انهن جا جذبا جوان ڏسڻ ۾ اچن ٿا هنن جي همت کي سلام آهي سڄي دنيا اڄ اهڙن هيرن جو ڏينهن ملهائي رهي آهي جن معذوري کي مجبوري نه سمجھيو آهي پر محنت جو جذبو هنن وٽ وڌ کان وڌ آهي . ٻه نوجوان مون اهڙا به ڏٺا جيڪي سڄو ڏينهن هڪ ٽنگ تي بيهي ڪم ڪن ٿا انهن جي چوڻ موجب اسان کي ڪم ڪرڻ کان سواءِ زندگي جو مزو نٿو اچي جيڪڏهن محنت نه ڪنداسين ته پيٽ جي بک ڪٿان اجھائينداسين محنت ۾ سڀ ڪجھه آهي انهن ۾ هڪ مشهور شاعر استاد مرحوم سعدالله سپاهي ابڙو جو فرزند امان الله ابڙو جيڪو ڌوٻي جو دوڪان هلائي ٿو سڄو ڏينهن ڪپڙا استري ڪري ٿو ۽ ٻيو عبدالرشيد دائودپوٽو آهي هيءُ گرمين جي موسم ۾ شربت ۽ بوتلن جو دوڪان هلائي ٿو ۽ ڀاءُ جي ڪئبن هلائڻ ۾ مدد ڪري ٿو هيءُ نوجوان ڪرڪيٽ جو به بهترين بيٽسمين رانديگر آهي هن نوجوان جو ڀاءُ نديم اسان سڀني جي لاءِ هڪ مثال آهي جيڪو بجلي ٺاهڻ جو مڪمل ڪم ڪندو ريڊين مرمت ڪرڻ جو بهترين مستري آهي جيڪي ماڻهو محنت ڪندا آهن انهن کي انهن جي منزل ملي ويندي اسان وٽ جيڪي معذور آهن اهي اسان جي لاءِ سرمايو آهن هنن جي دل ۾ آهي ته اسان محنت ڪريون محنت سان هر مشڪل آسان آهي اڄوڪو ڏينهن جيڪو معذورن جو ڏينهن پوري دنيا ۾ ملهايو پيو وڃي هيءُ پنهنجي ڪاروبار سان ايترا ته مگن آهن جو هنن کي اها به پروڙ نه آهي ته دنيا ۾ عالمي ليول تي هنن انسانن جو به ڏينهن آهي جيڪو شاندار نموني ملهايو پيو وڃي .هنن وٽ اهوئي جذبو محنت ڪرڻ مزوري ڪرڻ حلال روزي حاصل ڪرڻ آهي هنن پنڻ کي ڪينسر جي مثال وانگر چيو آهي .اسان جا جيترا حق آهن اوترا انهن معذورن جا به آهن جيڪي معذور آهن انهن جي لاءِ هر کاتي ۾ ڪوٽا آهي جيڪڏهن انهن کي انهن جي ڪوٽا جي حساب سان نوڪريون ڏنيون وڃن ته اهي به روزگار سان لڳي سگھن ٿا . منهنجو هڪ پرائمري اسڪول ۾ وڃڻ ٿيو مون کي پنجين ڪلاس جو هڪ شاگرد مليو جيڪو لٺ جي سهاري تي هلي رهيو هو هيءُ ڏيارام ڀيل هو جنهن چيو ته مون کي پڙهڻ جو شوق آهي ان ڪري آئون پڙهي رهيو جيئن آئون پڙهي سٺو روزگار ڪريان هن شاگرد بابت اها خبر پئي ته اهو اسڪول جي هوشيار شاگردن مان آهي جيڪو محنتي شاگرد آهي خدا هن معصوم جو خواب پورو ڪري جنهن جي ننڍڙي دل ۾ وڏا جذبا آهن . جيڪي ماڻهو معذوري جي سوچن کان پري هوندا آهن انهن جي لاءِ اها ڪا ڳالهه نه آهي انهن جي چوڻ موجب ارادو مضبوط هجي ته هر مشڪل آسان آهي الله بچايو مغل جيڪو هالا پراڻا جو آهي هن وقت منهنجي ڳوٺ ۾ رهي ٿو اهو گڏهن تي مٽي بجري ڍوئڻ جو ڪم ڪري ٿو هن جي چوڻ موجب جيڪڏهن ڌنڌو نه ڪبو ته ٻين جو محتاج ٿبو محتاجي جي زندگي به ڪا زندگي آهي آئون محنت ڪريان ٿو خوش زندگي گذاري رهيو آهيان هن معذوُري بابت ٻڌايو ته ننڍپڻ ۾ مون کي هڪ ڦروڙي نڪتي هئي جنهن مون کي معذور ڪري ڇڏيو آهي هن ٻڌايو ته اڄ ڏينهن تائين ڪابه امداد نه ملي آهي اسان پنهنجو ڌنڌو ڪري خوش زندگي گذاري رهيا آهيون هن ڪم ڪرڻ ۾ تڪليف ٿئي ٿي پر اسان مشڪل جي رستن کي به گلن جي سيڄ سمجھي محنت ڪري رهيا آهيون اسان جي ديس جا جيڪي معذُور آهن جيڪي محنت ڪن ٿا انهن کي انهن جي همتن تي سلام آهي جن ڪڏهن به پنهنجي معذوري کي مجبوري نه سمجھيو آهي پر انهن جي لاءِ اهي هڪ مثال آهن جيڪي معذور ته نه آهن پر ڪنهن ڪم ڪار ڪرڻ کان لنوائين ٿا انهن جي لاءِ هيءُ هڪ مثال آهن ته جيترو زندگي جو اصل مقصد محنت ڪرڻ آهي اهو واندو ٿي ويهڻ ۾ نه آهي جيڪڏهن اسان محنت کي پنهنجو مقصد بنائي ڇڏيون ته هر مشڪل اسان جي اڳيان آسان بنجي ويندي آهي مون هڪ اهڙي به معذور پر محنتي انسان سان ملاقات ڪئي جيڪو ٽنڊوالهيار ڪم ڪرڻ وڃي ٿو هيءُ باهمت نوجوان سومار ڀيل آهي جنهن ٻڌايو ته منهنجو ايڪسيڊنٽ ٿيو هو جنهن ۾ منهنجي هڪ ٽنگ ضايع ٿي ويئي هئي پر آئون مايوس نه ٿيس هيءُ نوجوان هڪ ٽنگ سان گھر کان سائيڪل هلائي ان تي چڙهي وين اسٽاپ تي اچي ٿو اتان ٽنڊوالهيار وڃي ٿو هيءُ درزي آهي درزي جو ڪم ڪري ٿو هن چيو ته مون کي هڪ ٽنگ سان سائيڪل هلائڻ مهل مشڪلات ٿيندي آهي پر اسان غريب جيڪڏهن ماٺ ڪري ويهي رهياسين ته پوءِ اسان جي گھر جو گاڏو ڪيئن هلندو اسان جا ٻار ڪيئن اسڪول پڙهندا ڪيئن علم جي لاٽ سان منور ٿيندا ان جي ڪري مون ڪڏهن به مايوسي کي پنهنجو نه ڪيو آهي محنت ڪريان ٿو خوش زندگي گذاريان ٿو محنت جي روزي ۾ ئي برڪت سمايل آهي جيڪو محنت جي مزوري جو سواد آهي اهو ماکي جهڙو مٺو سواد آهي نوجوان شاگرد رياض صبح پوٽو جيڪو هڪ محنتي شاگرد آهي جيڪ معذُور آهي جنهن هن سال انٽر سائنس ۾ بي گريڊ حاصل ڪيو آهي جيڪو هاڻ ٽنڊوڄام يونيورسٽي ۾ داخلا وٺڻ جي لاءِ ڪوشش ڪري رهيو هيءُ ريڊين ٺاهڻ جو به هنر سکي رهيو آهي هن نوجوان جا جذبا ايترا جوان آهن هڪ ڏينهن هن جي همت کي ڏسي حيران ٿي ويس هن لوڊشيدنگ جي خلاف پنهنجي شاگرد ساٿين سان احتجاج ڪيو جڏهن مون هن جو ٽاڪنگ پاور ڏٺو ته دنگ رهجي ويس هن جو اهو مطالبو هو لوڊ شيڊنگ ختم ڪريو اسان جي تعليم کي تباهه نه ڪريو اسان پنهنجي مستقبل جا معما ر آهيون . اهڙا همت وارا جوان اسان جي ديس ۾ لکن جي تعداد ۾ هوندا جيڪي معذوري کي مجبوري نٿا سمجھن پر محنت جدوجهد کي پنهنجي منزل سمجھن ٿا اهڙن انسانن جي همت افزائي ڪئي وڃي اڄ پوري دنيا ۾ معذورن جو ڏينهن ملهايو پيو وڃي اسين چئون ٿا جيڪي اسان جي ديس جي اهڙا محنتي ماڻهو آهن انهن جي سهاتا ڪئي وڃي انهن جي امداد ڪئي وڃي جيئن اهي پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿي سگھن هن ملڪ جي لاءِ اڳتي هلي وڏو سرمايو بنجي سگھن انهن جي لاءِ اهڙا روزگار جا ادار کوليا وڃن جتي هيءُ محنت سان سروس ڪري سگھن جيڪي انهن ۾ صلاحيتون لڪل آهن اهي ظاهر ٿي سگھن جن سان اسان جي ديس واسين کي فائدو رسي سگھي اهي اسان جو سرمايو آهن هنن جي لاءِ جيڪا ڪوٽا مقرر ڪيل آهي ان ڪوٽا جي حساب سان انهن کي نوڪريون ڏنيون وڃن جيئن بادل هوت جهڙا ماڻهو انٽر پاس هوندي نوڪري کان محروم آهن اهڙن کي نوڪريون ڏنيون وڃن جيڪي معذور ن جا مسئلا انهن سان پيش ايندڙ مشڪلاتون آهن انهن کي حل ڪيو وڃي . اڄ سڄي دنيا ۾ هيءُ ڏينهن به ٻين ڏينهن وانگر ملهايو پيو وڃي هن ڏينهن تي انهن جو اهو چوڻ آهي ته معذوري مجبوري نه آهي معذوري کي مجبوري نه بنايو پر محنت جدوجهد ڪندا رهو جنهن سان اسان کي روشن راهه روشن مستقبل ملي ويندو
     
  2. khadim ghirano

    khadim ghirano
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    118
    ورتل پسنديدگيون:
    118
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    نصرپور سنڌ
    جواب: معذوري مجبوري نه آهي

    مون هتي انهن ماڻهن کي اڳيان آندو آهي جيڪي معذور آهن پر انهن جا جذبا جوان آهن اهي محنت مزوري ڪري ٻين جي لا مثال آهن انهن جي همتن کي سلام آهي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو