ڏاڏل شينو
سينيئر رڪن
حصو پهريون
گمراهي
گمراهي انسان جي رستي تان ڀٽڪي وڃڻ کي چيو ويندو آهي ۔ جي انسان رستي تان ڀٽڪجي ويو آهي، ته پوءِ انسان جو رستو هيو ڪهڙو، جنهن تان انسان ڀٽڪجي ويو آهي؟ ۔
مونکي ياد آيو ته هڪ سالڪ جي محفل ۾ ويٺا هياسون اتي هڪ طالبِعلم چيو ته سائين مون اڄ پڙهيو ته حضرت آدم عه جي دعا (ربنا ظلمنا ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔) پڙهڻ جي وڏي فضيلت آهي ۔
سائينءَ جن پڇيو ته ان دعا جو ترجمو ڇا آهي؟
چيائين سائين نه؛
سائين جن ان کي ان دعا جو ترجمو ڪري ٻڌايو ته هاڻي تون ٻڌاءِ ته تو ڪهڙو ظلم ڪيو آهي؟ ڇو جو ان ظلم جو اقرار آهي ته (يشڪ مون پنهنجي نفس تي ظلم ڪيو آهي اي پروردگار جي تو مونکي معاف نه ڪيو ته بيشڪ مان خساري وارن مان ٿي ويندس )
هاڻي حضرت آدم ته پنهنجي ان گناھ جو اقرار ڪيو آهي ته پروردگار تو مونکي جنت ۾ رکيو ۽ مون تي هڪ پابندي هئي ته مونکي هڪ شجر جي قريب نه وڃڻو هو پر آءُ تنهنجي حڪم کي ڇڏي ان وڻ جي قريب ويس اها مونکان غلطي ٿي ۔ ان موضوع تي گهڻو ڪجھ لکي توڙي غور ڪري سگهجي ٿو ۔ هاڻي تون ٻڌاءِ ته تون جي اها دعا پڙهندين ته پهريان ڪا اهڙي غلطي آهي تنهنجي ذهن ۾ جنهن کي تصور ۾ رکي تون ان غلطي جي معافي وٺين يا ڪڏنهن پنهنجي غلطين جو احساس ڪري ان دعا کي پڙهيو اٿئي.
تنهن تي ان طالبعلم چيو بيشڪ انسان خطا جو پتلو آهي هر وقت خطاڪاريءَ ۾ ٻڏل رهي ٿو ۔
سائين چيو پوءِ جي پنهنجي گناهن تي نادم آهين ؟ يا اهي گناھ ڇڏي ويو آهين ؟
چيائين سائين ائين ڪونهي ۔
سائين جن فرمايو ته عزيزِ جان در اصل ان دعا مان مراد آهي پنهنجي گناهن جي معافي ۔ توبه جو مطلب آهي تبديلي نه ڪي ڪن ڳاڙها ڪرڻ ۔ ثواب جو مطلب آهي اوهان تي ان دعا توڙي عمل جو اثر ۔
ته مون عرض پئي ڪيو انسان جي پنهنجي رستي کان هٽيل آهي ته پهريان هن کي پنههنجو رستو سوچڻ ته گهرجي ته منهنجو رستو اصل ۾ آهي ڪهڙو۔
قرآن ڪريم جي آيت اهي ته؛
( پنهنجو پاڻ کي يڪسو ٿي ڪري دين جي طرف متوجه ڪيو( جيڪو ) الله جي فطرت آهي جنهن تي انسان کي فطر(پيدا) ڪيو ويو آهي سوره الروم آيت 30)
سالڪن جو چرڻ آهي انا فطرتالله هر انسان جي اندر موجود آهي جنهنکي ضمير يا روح توڙي باطني پيغمبر سڏيو وڃي ٿو۔ هاڻي جيڪو ان رستي کان يعني پنهنجي ضمير جي آواز کان جدا آهي سو گمراھ آهي۔
(جاري)

گمراه (ۡحصو ٻيون)
در اصل اسان کان اهو رستو گم ٿي ويو آهي جيڪو انبياء ، آئمه و صالحين جو رستو آهي۔ پر ان کان به وڏي جيڪا پريشاني جي ڳالھ آهي ته اسان کان رستو ته ويو ۽ اسان پريشان به ناهيون ۔ اسان جي مثال ان مسافر جيان آهي جيڪو ستو پيو آهي ۽ انجو سفر جاري آهي ۔ جيئن حبيبِ ڪبريا جو فرمانِ اطهر آهي ( منهنجي امت جا اڪثر ماڻهون ستل آهن جڏنهن مرندا تڏنهن جاڳندا) مون عرض ڪيو هو ته عادت کي بدلڻ جو نالو عبادت آهي ، عبادت جو تعلق انسان جي شعور سان آهي ۔ سالڪن جي نگاه ۾ لاشعوري بت پرستي واري ڪيفيت ۽ شعور ي ڪيفت بندگي واري ڪيفيت آهي۔ قرآن ڪئي مقامات تي انسان سان شعور توڙي عقل کي استعمال نه ڪرڻ جو شقوه ڪيو آهي۔ مون جهڙي نادان ئي جن کي بي عقلي و لاشعوري جو شقوه سمجهيو آهي اهو 100 کان وڌيڪ مقامات آهن۔ اوهان اهو پاڻ فيصلو ڪريو ته ڇا لاشور ماڻهون جنهن کي اسان جي معاشري ۾ چريو توڙي پاڳل سمجهيو وڃي ٿو کي ڪو مذدوري ڏيندو آهي۔ جي اسان کي شعور هجي ها ته خدا جي بندگي کان پري هجون ها ، خدا جي بندگي پري رهڻ اسان جي لاشعوري جي دليل آهي ۔ خدا جي بندگي فقط روزو نماز حج زڪوات ناهي اهي بندگي جا باب آهن يا انهن کي جز وِ بندگي ته چئي سگهجي ٿو، قلي بندگي سرتسليمِ خم ڪرڻ جو نالو آهي ۔ جنهن کي اطاعتِ قُلي چئبو آهي
آءُ شعوري مسلمان ناهيان پر ميراثي مسلمان آهيان۔ اسلام مونکي ميراث ۾ مليو آهي ان جي لاءِ اوهان کي مثال ڏيندو هلان ته جيئن پنهنجي مذهب جي حقيت سمجهائي سگهنان ڇو جو هي منهنجو مذهب آهي اسلام ناهي۔
فلسفهءِ منهجو مذهب؛ هي فلسفو هڪ سالڪ جي ڪتاب عرفان جي هڪ (باب منهنجو مذهب) مان ورتل آهيسالڪن جو چوڻ آهي ته لڳ ڀڳ ٽن سالن جي عمر ۾ ٻار جي اندر جذبهءِ انانيت يعني جڏهن هو هر شي کان عليحده پنهنجي وجود جو تصور ڄاڻڻ شروع ڪندو آهي۔ ۽ گڏو گڏ ان ۾ خواهشِ بقا جنم وٺندي آهي۔ هو هميشه رهڻ چاهيندو آهي پنهنجي فنائيت کان ڊڄندو آهي۔ نفس جون تمام خواهشون ۽ جذبات جذبهءِ انانيت ۽ جذبيهءِ بقا تي محيط هونديون آهن ۔ جن شين مان انکي سرور ملندو آهي انهن شين ۾ پنهنجي بقا لاءِ ضمانت سمجهندو آهي انلاءِ اهي شيون ان کي محبوب ٿي وينديون آهن۽ جن شين کان هن جي سرور کي نقصان پهچندو آهي انهن کي پنهنجي بقا جو دشمن سمجهي نفرت ڪندو آهي۔خواهش و تسڪين جي ٽٽڻ سبب هن ۾ هڪ اضطراب برپا ٿيندو آهي ، غرض ته تمام اهي شخص توڙي شيون جتان انکي سرور ۽ تسڪين ملندي آهي انهن ماڻهن کي پنهنجي بقا جو ضامن سمجهندو آهي ، منهنجي ڀيڻ منهنجو ڀاءُ منهنجو چاچو الغرض اهي رشتا توڙي انهن رشتن سان جڙيل ريتون رسمون کي هو پنهنجي بقا جو زريعو سمجهندو آهي ۽ هر اها شي توڙي شخصيت انجي محبوب ٿيندي ويندي آهي۔ جيڪا هن کي سرور ڏيندي آهي ۔ ۽ قرآن انهن شين توڙي شخصيتن جي محبت جو بار بار ذڪر ڪيو آهي مثال جي طور هتي هڪ آيت جو ترجمون پيش ڪريان ٿو ؛
زينت ڏني وئي آهي نفسن جي لاء خواهشات جي ، عورتن جي پُٽن جي ۽ ڍير ڪيل سوني ۽ چاندي جي
۽نشان ڪيل(پليل) گهوڙن جي جانورن ۽ کيتن جي ۔(التوبه آيت 24)هاڻي اهي شيون رڪاوٽ آهن دينِ الهي تي پيروي ۾ يعني بندگي ۾ ۔ قرآن انسان سان مخاطب ٿئي ٿو
(چؤ انهن کي ڇا توهان کي جيڪڏنهن توهان جا پي ڏاڏا، توهان جا پٽ توهان جا ڀائر توهان جون زالون ۽ توهان جا ڪٽنب قبيلا ۽ مال جيڪو توهان گڏ ڪري رکيو آهي ۽ اها تجارت جنهن ۾ توهان نقصان کام ڊڄو ٿا ۽ اهي گهر جيڪي توهان کي تمام پسند آهن الله ۽ انجي رسول جي راھ ۾ جهاد ڪرڻ کان وڌيڪ پيارا آهن۔
هر ٻار جي دل ۾ خواهش هوندي آهي ته هو جيڪي چاهي سو جلدي پورو ٿي وڃي ۽ انجون ڪئي خواهشون هونديو آهن جيڪي انجي مُربين(پالڻ وارن) جي زريعي پوريون ٿينديون آهن ۽ هو انهن کي هر شي تي قادر سمجهندو آهي پر آهسته آهسته هن کي انجو ادراڪ ٿيندو آهي ته ڪجھ امور (ڪم) آهن جن ۾ اهي سندس ماءُ پي عاجز آهن ان وقت انجي نفس م هڪ غير مرئي احساس پيدا ٿيندا آهن ته ڪا اهڙي شي هن کي ملي وڃي جنهن زريعي هو جيڪو گهري سو ان کي ملي وڃي ۽ هو ته انهن پنهنجن پاليندڙن کي سمجهندو هو ته اهي هر شي تي قادر ها اهي ڪنهن پوء هو انهن مربين کي ڪن غير مرئي ذات کان دعاؤن گهرنندي ڏسي ٿو پوءِ جيڪو جنهنجي گهر ۾ پيدا ٿيو تنهن ان گهر ۾ ڏڍو ته سندس پالڻ وارا پڪارين ٿا ( يا الله رحم ڪر ، اي پر ميشور ۔ اي رام ، ڪرشن جي مهاراج، اي وا گرو ، يا محمد ، ياعلي مشڪلڪشا ، يا پيران پير دستگير او گاڊ وغيره وغيره) ٻڌندو آهي ته ان جي قوتِ ادراڪ انتهائي تيز هوندي آهي فورن اها ڳالھ ان جي ذهن ۾ راسّخ ٿي ويندي آهي هاڻي هي جن کي پنهنجي لاء هر شي تي قادر سمجهندو هو بس لاشعوري ۾ انهن ئي نالن کي ذهن ۾ سمائيندو ويندو آهي جن کي پڪاريندي پنهنجي مُربين کي ڏسندو آهي ۽ اتان ئي منهنجي مذهب جي شروعات ٿيندي آهي ۽ انسان جي ان فطري اندرموجود جو آواذ ٻڌڻ کان هي پري ٿيندو ويندو آهي (جاري)
ٽيون حصو انشاء الله پاڪستاني وقت جي مطابق 4 وڳي کان پوء لکندس تيسيتائين ڏاڏل کي اجازت
وسلام