(گمراه حصوٻيون)

'مقالا' فورم ۾ ڏاڏل شينو طرفان آندل موضوعَ ‏17 جنوري 2011۔

  1. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    حصو پهريون
    [justify]
    گمراهي


    [justify]گمراهي انسان جي رستي تان ڀٽڪي وڃڻ کي چيو ويندو آهي ۔ جي انسان رستي تان ڀٽڪجي ويو آهي، ته پوءِ انسان جو رستو هيو ڪهڙو، جنهن تان انسان ڀٽڪجي ويو آهي؟ ۔

    مونکي ياد آيو ته هڪ سالڪ جي محفل ۾ ويٺا هياسون اتي هڪ طالبِعلم چيو ته سائين مون اڄ پڙهيو ته حضرت آدم عه جي دعا (ربنا ظلمنا ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔) پڙهڻ جي وڏي فضيلت آهي ۔
    سائينءَ جن پڇيو ته ان دعا جو ترجمو ڇا آهي؟
    چيائين سائين نه؛
    سائين جن ان کي ان دعا جو ترجمو ڪري ٻڌايو ته هاڻي تون ٻڌاءِ ته تو ڪهڙو ظلم ڪيو آهي؟ ڇو جو ان ظلم جو اقرار آهي ته (يشڪ مون پنهنجي نفس تي ظلم ڪيو آهي اي پروردگار جي تو مونکي معاف نه ڪيو ته بيشڪ مان خساري وارن مان ٿي ويندس )

    هاڻي حضرت آدم ته پنهنجي ان گناھ جو اقرار ڪيو آهي ته پروردگار تو مونکي جنت ۾ رکيو ۽ مون تي هڪ پابندي هئي ته مونکي هڪ شجر جي قريب نه وڃڻو هو پر آءُ تنهنجي حڪم کي ڇڏي ان وڻ جي قريب ويس اها مونکان غلطي ٿي ۔ ان موضوع تي گهڻو ڪجھ لکي توڙي غور ڪري سگهجي ٿو ۔ هاڻي تون ٻڌاءِ ته تون جي اها دعا پڙهندين ته پهريان ڪا اهڙي غلطي آهي تنهنجي ذهن ۾ جنهن کي تصور ۾ رکي تون ان غلطي جي معافي وٺين يا ڪڏنهن پنهنجي غلطين جو احساس ڪري ان دعا کي پڙهيو اٿئي.
    تنهن تي ان طالبعلم چيو بيشڪ انسان خطا جو پتلو آهي هر وقت خطاڪاريءَ ۾ ٻڏل رهي ٿو ۔
    سائين چيو پوءِ جي پنهنجي گناهن تي نادم آهين ؟ يا اهي گناھ ڇڏي ويو آهين ؟
    چيائين سائين ائين ڪونهي ۔
    سائين جن فرمايو ته عزيزِ جان در اصل ان دعا مان مراد آهي پنهنجي گناهن جي معافي ۔ توبه جو مطلب آهي تبديلي نه ڪي ڪن ڳاڙها ڪرڻ ۔ ثواب جو مطلب آهي اوهان تي ان دعا توڙي عمل جو اثر ۔

    ته مون عرض پئي ڪيو انسان جي پنهنجي رستي کان هٽيل آهي ته پهريان هن کي پنههنجو رستو سوچڻ ته گهرجي ته منهنجو رستو اصل ۾ آهي ڪهڙو۔
    قرآن ڪريم جي آيت اهي ته؛
    ( پنهنجو پاڻ کي يڪسو ٿي ڪري دين جي طرف متوجه ڪيو( جيڪو ) الله جي فطرت آهي جنهن تي انسان کي فطر(پيدا) ڪيو ويو آهي سوره الروم آيت 30)

    سالڪن جو چرڻ آهي انا فطرتالله هر انسان جي اندر موجود آهي جنهنکي ضمير يا روح توڙي باطني پيغمبر سڏيو وڃي ٿو۔ هاڻي جيڪو ان رستي کان يعني پنهنجي ضمير جي آواز کان جدا آهي سو گمراھ آهي۔
    (جاري)[/justify][/justify]



    گمراه (ۡحصو ٻيون)
    [justify]در اصل اسان کان اهو رستو گم ٿي ويو آهي جيڪو انبياء ، آئمه و صالحين جو رستو آهي۔ پر ان کان به وڏي جيڪا پريشاني جي ڳالھ آهي ته اسان کان رستو ته ويو ۽ اسان پريشان به ناهيون ۔ اسان جي مثال ان مسافر جيان آهي جيڪو ستو پيو آهي ۽ انجو سفر جاري آهي ۔ جيئن حبيبِ ڪبريا جو فرمانِ اطهر آهي ( منهنجي امت جا اڪثر ماڻهون ستل آهن جڏنهن مرندا تڏنهن جاڳندا) مون عرض ڪيو هو ته عادت کي بدلڻ جو نالو عبادت آهي ، عبادت جو تعلق انسان جي شعور سان آهي ۔ سالڪن جي نگاه ۾ لاشعوري بت پرستي واري ڪيفيت ۽ شعور ي ڪيفت بندگي واري ڪيفيت آهي۔ قرآن ڪئي مقامات تي انسان سان شعور توڙي عقل کي استعمال نه ڪرڻ جو شقوه ڪيو آهي۔ مون جهڙي نادان ئي جن کي بي عقلي و لاشعوري جو شقوه سمجهيو آهي اهو 100 کان وڌيڪ مقامات آهن۔ اوهان اهو پاڻ فيصلو ڪريو ته ڇا لاشور ماڻهون جنهن کي اسان جي معاشري ۾ چريو توڙي پاڳل سمجهيو وڃي ٿو کي ڪو مذدوري ڏيندو آهي۔ جي اسان کي شعور هجي ها ته خدا جي بندگي کان پري هجون ها ، خدا جي بندگي پري رهڻ اسان جي لاشعوري جي دليل آهي ۔ خدا جي بندگي فقط روزو نماز حج زڪوات ناهي اهي بندگي جا باب آهن يا انهن کي جز وِ بندگي ته چئي سگهجي ٿو، قلي بندگي سرتسليمِ خم ڪرڻ جو نالو آهي ۔ جنهن کي اطاعتِ قُلي چئبو آهي
    آءُ شعوري مسلمان ناهيان پر ميراثي مسلمان آهيان۔ اسلام مونکي ميراث ۾ مليو آهي ان جي لاءِ اوهان کي مثال ڏيندو هلان ته جيئن پنهنجي مذهب جي حقيت سمجهائي سگهنان ڇو جو هي منهنجو مذهب آهي اسلام ناهي۔
    فلسفهءِ منهجو مذهب؛ هي فلسفو هڪ سالڪ جي ڪتاب عرفان جي هڪ (باب منهنجو مذهب) مان ورتل آهيسالڪن جو چوڻ آهي ته لڳ ڀڳ ٽن سالن جي عمر ۾ ٻار جي اندر جذبهءِ انانيت يعني جڏهن هو هر شي کان عليحده پنهنجي وجود جو تصور ڄاڻڻ شروع ڪندو آهي۔ ۽ گڏو گڏ ان ۾ خواهشِ بقا جنم وٺندي آهي۔ هو هميشه رهڻ چاهيندو آهي پنهنجي فنائيت کان ڊڄندو آهي۔ نفس جون تمام خواهشون ۽ جذبات جذبهءِ انانيت ۽‌ جذبيهءِ بقا تي محيط هونديون آهن ۔ جن شين مان انکي سرور ملندو آهي انهن شين ۾ پنهنجي بقا لاءِ ضمانت سمجهندو آهي انلاءِ اهي شيون ان کي محبوب ٿي وينديون آهن۽ جن شين کان هن جي سرور کي نقصان پهچندو آهي انهن کي پنهنجي بقا جو دشمن سمجهي نفرت ڪندو آهي۔خواهش و تسڪين جي ٽٽڻ سبب هن ۾ هڪ اضطراب برپا ٿيندو آهي ، غرض ته تمام اهي شخص توڙي شيون جتان انکي سرور ۽ تسڪين ملندي آهي انهن ماڻهن کي پنهنجي بقا جو ضامن سمجهندو آهي ، منهنجي ڀيڻ منهنجو ڀاءُ منهنجو چاچو الغرض اهي رشتا توڙي انهن رشتن سان جڙيل ريتون رسمون کي هو پنهنجي بقا جو زريعو سمجهندو آهي ۽ هر اها شي توڙي شخصيت انجي محبوب ٿيندي ويندي آهي۔ جيڪا هن کي سرور ڏيندي آهي ۔ ۽ قرآن انهن شين توڙي شخصيتن جي محبت جو بار بار ذڪر ڪيو آهي مثال جي طور هتي هڪ آيت جو ترجمون پيش ڪريان ٿو ؛
    زينت ڏني وئي آهي نفسن جي لاء خواهشات جي ، عورتن جي پُٽن جي ۽ ڍير ڪيل سوني ۽ چاندي جي
    ۽نشان ڪيل(پليل) گهوڙن جي جانورن ۽ کيتن جي ۔(التوبه آيت 24)هاڻي اهي شيون رڪاوٽ آهن دينِ الهي تي پيروي ۾ يعني بندگي ۾ ۔ قرآن انسان سان مخاطب ٿئي ٿو
    (چؤ انهن کي ڇا توهان کي جيڪڏنهن توهان جا پي ڏاڏا، توهان جا پٽ توهان جا ڀائر توهان جون زالون ۽ توهان جا ڪٽنب قبيلا ۽ مال جيڪو توهان گڏ ڪري رکيو آهي ۽ اها تجارت جنهن ۾ توهان نقصان کام ڊڄو ٿا ۽ اهي گهر جيڪي توهان کي تمام پسند آهن الله ۽ انجي رسول جي راھ ۾ جهاد ڪرڻ کان وڌيڪ پيارا آهن۔
    هر ٻار جي دل ۾ خواهش هوندي آهي ته هو جيڪي چاهي سو جلدي پورو ٿي وڃي ۽ انجون ڪئي خواهشون هونديو آهن جيڪي انجي مُربين(پالڻ وارن) جي زريعي پوريون ٿينديون آهن ۽ هو انهن کي هر شي تي قادر سمجهندو آهي پر آهسته آهسته هن کي انجو ادراڪ ٿيندو آهي ته ڪجھ امور (ڪم) آهن جن ۾ اهي سندس ماءُ پي عاجز آهن ان وقت انجي نفس م هڪ غير مرئي احساس پيدا ٿيندا آهن ته ڪا اهڙي شي هن کي ملي وڃي جنهن زريعي هو جيڪو گهري سو ان کي ملي وڃي ۽ هو ته انهن پنهنجن پاليندڙن کي سمجهندو هو ته اهي هر شي تي قادر ها اهي ڪنهن پوء هو انهن مربين کي ڪن غير مرئي ذات کان دعاؤن گهرنندي ڏسي ٿو پوءِ جيڪو جنهنجي گهر ۾ پيدا ٿيو تنهن ان گهر ۾ ڏڍو ته سندس پالڻ وارا پڪارين ٿا ( يا الله رحم ڪر ، اي پر ميشور ۔ اي رام ، ڪرشن جي مهاراج، اي وا گرو ، يا محمد ، ياعلي مشڪلڪشا ، يا پيران پير دستگير او گاڊ وغيره وغيره) ٻڌندو آهي ته ان جي قوتِ ادراڪ انتهائي تيز هوندي آهي فورن اها ڳالھ ان جي ذهن ۾ راسّخ ٿي ويندي آهي هاڻي هي جن کي پنهنجي لاء هر شي تي قادر سمجهندو هو بس لاشعوري ۾ انهن ئي نالن کي ذهن ۾ سمائيندو ويندو آهي جن کي پڪاريندي پنهنجي مُربين کي ڏسندو آهي ۽ اتان ئي منهنجي مذهب جي شروعات ٿيندي آهي ۽ انسان جي ان فطري اندرموجود جو آواذ ٻڌڻ کان هي پري ٿيندو ويندو آهي (جاري)
    ٽيون حصو انشاء الله پاڪستاني وقت جي مطابق 4 وڳي کان پوء لکندس تيسيتائين ڏاڏل کي اجازت
    وسلام[/justify]
     
  2. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,016
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: (گمراه حصوٻيون)


    ادا ڏاڏل اوهان جو حصو ٻيو تمام بهترين آهي ماشاء الله ڪافي سٺيون ڳالهيون لکيل آهين پڙهي ڪري تمام گهڻو مزو آيو ۔۔۔۔

    پر آدا اوهان جو اهو چوڻ ته نماز روزه۔ ۔ ۔ ۔۔اهي جز بندگي آهين ۽ اصل عبادت قلبي بندگي سر تسليم خم ڪرڻ آهي ۔۔۔ مهنجو سوال اهو آهي ته اوهان انهن ٻنهي شين کي هڪ ٻئي جي مقابلي ۾ يا هڪ ٻي جي ضد ۾ ڪري پيش ڪيو آهي ۔۔۔ يا علمي اصطلاح ۾ انهن کي متضادين چيو ويندو آهي ۔۔۔ ادا مهنجو سوال اهو آهي ته ڇا اها نماز قبول آهي جنهن ۾ سر تسيلم خم نه هجي ؟؟؟ جي جواب نه ۾ آهي ته پوء اصل نماز ئي ته آهي جنهن ۾ انسان خدا جي سامهون قلبي عبادت ۽ سر تسليم خم ڪندو ڪندو آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ۔۔۔ته نماز جز بندگي ان لحاظ سان آهي ته ته نماز کان علاوه به ٻيون به شيون آهين جيڪي بندگي جي زمري ۾ اچن ٿيون ليڪن اگر اوهان جي جز بندگي مان اها مراد آهي ته بندگي ڪا ٻي شي آهي جيڪا اوهان جي نظر ۾ عبادت قلبي آهي ۽ سر تسليم خم ڪرڻ آهي ۔ ته ان سر تسيلم خم ڪرڻ واري ان عبادت جو نالو ڇاهي ؟؟؟؟ڇا سر تسليم خم ڪرڻ ۽ قلبي عبادت نماز ۾ نه آهي ڇا ؟؟ مهنجي خيال ۾ ته اوهان جو سر تسيلم خم کي نماز روزه وغيره جي مقابلي ۾ ذڪر ڪرڻ يا ڌر بڻائي ذڪر ڪرڻ مان ته اهو ئي ثآبت ٿو ٿئي ته سر تسليم خم ڪرڻ ڪا ٻي عبادت آهي اهي جيڪا انهن منجهان نه آهي ۔۔۔۔۔۔۔ سو اسان جي رهنمائي ڪري ان سر تسليم خم کي ڪيئن انجام ڏجي اسان کي ضرور ٻڌائيندا يا وري ان کي نماز روزي وغيره جي صورت ۾ ئي انجام ڏئي سگهجي ٿو ڇو ته هر اها عبادت جنهن ۾ روح عبادت نه آهي ۔۔جنهن کي قصد قربت يا اخلاص سان به تعبير ڪري سگهو ٿا ۔۔ نه آهي ته اها عبادت بيڪار آهي ۽ اصل عبادت شمار ئي ڪانه ٿيندي ۔۔۔۔
    ۽ اوهان جو اهو لکڻ ته ته آء شعوري مسلمان نه آهيان ميراثي مسلمان نه آهيان ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
    ادا اهو صحيح آهي ته اسان ميراثي مسلمان آهيون ليڪن اگر شعوري طور تي اسلام کي اسان قبول ناهي ڪيو ته اسان اچا مسلمان ٿيا ئي ناهيون پوء ته اسان پهنجي جند نفاق جهڙي مرض مان ڇڏائي ئي ناهي جو اسان خود کي مسلمان سڏيون ۽ اسان شعوري طور تي مسلان نه هجون ان کي نفاق سڏيو ويندو آهي ۔۔ سو سڀ کان پهريان بلڪه هر منزل کي طر ڪرڻ کان پهريان اهو سالڪ هجي يا عالم ۔۔۔ولي هجي يا غوث ۽ قطب جيسيتائين شعوري طور تي مسلمان نه آهي ان جي اسلام جو ان کي ڪو به فايدو نه آهي ڇو ته سالڪن جو چوڻ آهي ته دل سان قبول ڪرڻ ئي عبادت آهي ۽ ان عمل جو ڪو به فايدو ناهي جيڪو اخلاص ۽ اطاعت قلبي کان خالي هجي ۔۔ ۔ ۔ ۔۔
     
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,887
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: (گمراه حصوٻيون)

    دوست ڏاڏل جون ڳالهيون ۽ موضوع انتهائي ڳوڙهو ۽ سمجهداريءَ وارو آهي ۔۔۔ ”گمراه يا گمراهي“ هڪ انتهائي بحث طلب موضوع آهي؛

    پر جيڪڏهن ائين چئجي ته سئو ڌڪ سونار جا هڪ ڌڪ لوهار جو ته آءُ هي چوندس؛ ”بيشڪ ڪو کڻي مسلمان هجي يا نمازون به پڙهندو هجي ۽ ٻيون عبادتون به ڪندو هجي پر جيڪڏهن؛

    1۔ڪٿي به توحيد کان ٿڙيو ته سندس عبادتون رائگان ٿي وينديون
    2۔ ڪٿي به حقوق العباد جي سلسلي ۾ حدود الله کان تجاوز ڪيائين ته به سندس عبادتون رائگان

    باقي هن موضوع تي جنهن تي اسانجي دوست علي عليءَ پڻ سوال اٿاريا آهن ان تي ڪجه بحث هيٺ ڏنل ڌاڳن ۾ به جزوي طور ٿيل آهن ۔۔۔ باقي علي علي جي سوالن جو جواب محترم ڏاڏل ڏيندو ۔۔

    http://sindhsalamat.com/showthread.php?t=343

    http://www.sindhsalamat.com/showthread.php?t=8750

    http://www.sindhsalamat.com/showthread.php?t=8750


    ٽين حصي جو انتظار رهندو ...
     
  4. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: (گمراه حصوٻيون)

    دستِ ادب جا جوڙي اوهان جي آڏو پيش ٿيئڻ جي جسارت ڪري رهيو آهيان اميد ته خطائن کان درگزر ڪندا۔
    پهريان ته آءُ سائين علي علي ۽ ابڙي صاحب جو ممنون ۽ مشڪور آهيان جن هن مضمون کي نه فقط پڙهڻ جي قابل سمجهيو پر انتي بحث لاءِ اڳتي وڌڻ جي جُهت ڏناؤن ۽ سائين ابڙي صاحب بهترين رهنمائي ڪئي آءُ اوهان ٻنهي دوستن جو ٿورائتو آهيان۔

    سائين علي علي اوهان جي ڪجھ سوالن جا جواب ڏئيڻ لاءِ ڪوشش ڪيان ٿو؛
    نمبر هڪ ته مون لفظ قلبي استعمال ناهي ڪيو ۽ جي ٿي به ويو آهي ته سا لکڻ ۾ غلطي هوندي ان لاءِ معضرت ۔
    نمبر ٻ ته آءُ انلائق ناهيان ته ڪير نفاق ۾ آهي ۽ ڪير نفاق کان ٻاهر اوهان کي هڪ مذيدار حقيقت ٻڌائيندو هلان ته هڪ سالڪ جي محفل ۾ ويندا ها سين پوء ڪئي سوال ذهن ۾ اڀرندا ها پر اسان جي سوال کان پهريان سائين جن جواب ڏيندا ها۔ اسين سمجهندا ها سين ته سائين کي علمِ غيب آهي پر بعد ۾ اهو راز ظاهر ٿيو ته ڪيفياتِ نفس اهو مغربي هجي يا مشرقي سڀن جون ساڳيون هونديو آهن ان حوالي سان اسان پنهنجي ڳالھ ڪئي آهي پوء هاڻي ان کي ڪير پنهنجي اندر جو احوال سمجهي ته ان جي مرضي ۔
    جزوِ بندگي مان معنى آهي ته بندگي جو حصو ۔
    باقي انشا ء الله هي موضوع اڳتي هلندو جيسين تائين سنگت پسند ڪندي ۔

    ڪجھ ڳالهيون زبان تي جاري نه قلم جي زريعي لکي سگهبيون آهن اهي ته فقط محسوس ئي ٿي سگهنديون آهن
    وسلام
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو