شمس الدين شاهه جيلاني ( شاهه مراد )

'مقالا' فورم ۾ khadim ghirano طرفان آندل موضوعَ ‏17 جنوري 2011۔

  1. khadim ghirano

    khadim ghirano
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    118
    ورتل پسنديدگيون:
    118
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    نصرپور سنڌ
    عرس مبارڪ 14 صفر تي
    شمس الدين شاهه جيلاني المعروف شاهه مراد
    خادم گھراڻو
    اسان جيڪڏهن تاريخ جو غور سان مطالعو ڪنداسين ته اسان کي پنهنجي پياري سنڌ جي سيني تي ڪيترائي اهڙا شهر ملندا جن سان هڪ تاريخ آهي انهن شهرن جي تاريخ ۾ وڏا راز دفن ٿيل آهن جن جي تحقيق ضروري آهي جيڪڏهن انهن بابت تحقيق ڪجي ته ڪافي ڄاڻ حاصل ٿي ويندي ته اهي شهر ڪيئن آباد ٿيا ڪيئن تباهه ٿيا انهن جو ڪمال ڇا هو انهن جو زوال ڇا آهي ڪيئن ٿيو انهن جي علمي هنري فني ادبي ثقافتي ثقافت ڇا هئي انهن جو علم ادب فن موسيقي ڪهڙو هو اهي ڪيترا دفعا شهر ختم ٿيا وري آباد ٿيا آهن اصل ڪهڙي جڳهه تي هئا هن وقت ڪهڙي جڳهه تي آهن اهڙا ڪافي شهر آهن جيئن ڀنڀور ڪيترائي دفعا برباد وري آباد ٿيو آهي جنهن جي باري اهو معلوم آهي ته شاهه لطيف جي سورمي سسئي جو تعلق هن شهر سان هو .اتي قديم مسجد به آهي هي ءُ شهر زلزلي جي ڪري تباهه و برباد ٿيو هو برهمڻ آباد جنهن جي به هڪ تاريخ آهي اهو ڪيئن تباهه ٿيو اسان جو نوجوان نسل ان ڄاڻ کان نا آشنا آهي مرحو محمد يوسف شاڪر ابڙو جنهن کي نئين زندگيءَ طرفان ايوارڊ به مليل هو تاريخ جو ڄاڻو هو جنهن لکيو ته برهمڻ آباد ناس ٿيڻ کان پوءِ اتان جيڪي ماڻهو ڀڄي نڪتا هئا انهن نصرپور کي اچي آباد ڪيو هو محمد ايوب گھراڻو موجب جتي هن وقت نصرپور جو شهر آهي اتي ڪنهن وقت ماتا لوئي جو مندر هو اهو به چيو وڃي ٿو جنهن جاءِ تي موجوده نصرپور آهي اتي ڪنهن وقت ۾ ارغونن ترخانن ۽ مغلن جون فوجي ڇانوڻيون هونديون هنيون نصرپور جو شهر اڳتي هو . جنهن جاءِ تي ميمڻ محلا اسڪول آهي اتان باب نصرپور هوندو هو جتي بزرگ ڀونر فقير جي مزار آهي جنهن جي باري ڪابه خبر نه آهي ته اهو ڪير آهي ڪٿان جو آهي هتي ڪيئن آيو رهيو رڳو اصل کان هن جو اهو نالو ٻڌندا اچون ته هيءَ مزار ڀونر فقير جي آهي قديم نصرپور جي وچ ۾ شيخ باعيد جو قبو زبون ٿيل حالت ۾ هوندو هو هن وقت آهي به يا نه آهي چون ٿا اهو شهر جي مين بازار جي وچ ۾ هوندو هو تنهن ڪري نصرپور شهر جيڪو هڪ قديم شهر آهي ان تي به تحقيق ٿيڻ گھرجي ته اهو ڪيئن وجود ۾ آيو اڪبر مغل جي دور ۾ هن کي سرڪار جو درجو انگريز جي دور ۾ ميونسپالٽي جو درجو مليل هو هن وقت هيءُ هڪ ننڍڙو شهر آهي جنهن کي ٽائون ڪميٽي ۽ يونين ڪائونسل جو درجو مليل آهي اڳ هيءُ شهر ٽنڊوالهيار سان شامل هو پر 2005ع ۾ هن کي ٽنڊوالهيار کان ٽوڙيو ويو جيڪو نصرپور شهر کان ڏهن ڪلوميٽرن جي مفاصلي ۽ يونين ڪائونسل جي حد کان ڏيڍ ڪلوميٽر جي مفاصلي تي آهي ۽ هن شهر کي مٽياري سان شامل ڪيو ويو جيڪو شهر کان ٽيهن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي آهي اڄ به نصرپور جي ڪافي ماڻهن جي خواهش آهي ته اسان کي واپس ٽنڊوالهيار ۾ شامل ڪيو وڃي جنهن جو ثبوت اخباري ڪالم مضمون ۽ خبرون آهن هن موجوده نصرپور جي سر زمين تي ڪيترن ئي نامور بزرگن جا مقبرا ۽ مزارون آهن اسين جيڪڏهن غور ڪنداسين ته اسان کي نصرپور جي چئني طرفن بزرگن جا مقبرا نظر ايندا شهر جي ڪنهن زماني جي مشهور شاهي بازار جنهن جو اوج هوندو هو ان جي زوال کان پوءِ مين بس اسٽاپ ترقي ڪئي اڄ پراڻي شاهي بازار ويران آهي اتي نالي ماتر دوڪان آهن ان کان اڳيان شهر جي ننڍي بازار هوندي هئي جنهن جي ختم ٿيڻ کان پوءِ اڏيرو لعل ۽ مٽياري بس اسٽاپ ترقي ڪئي انهن ٻنهي بازارن جي وچ ۾ هڪ مقبرو آهي جنهن کي شاهه مراد جو مقبرو چيو وڃي ٿو ڪي هن کي مرادن ڀريو به چوندا آهن اڳ هيءُ مقبرو تمام مٿي هوندو هو پر هن وقت زمين جي سطح سان برابر آهي هن بابت اهو چيو وڃي ٿو ته اهو مقبرو شاهجهان مغل جي حڪم سان ٺهيو هو واقعي اهو مقبرو شاهجھان ٺهرايو هو يا ڪنهن ٻئي ان بابت ڪابه شاهدي نه آهي اهو چيو وڃي ٿو ته اهو ڪلهوڙا دور جي طرز جي نموني سان آهي جنهن تي تحقيق جي ضرورت آهي هن بزرگ بابت جيڪي ڪهاوتون مشهور آهن اهي به ماڻهن جون زباني آهن جيڪي نسل در نسل منتقل ٿينديون آيون آهن هن جي مقبري ۾ ٽي مزارون آهن هڪ هن بزرگ جي آهي ٻه ٻارن جون آهن جيڪي هن بزرگ سان گڏ هلندا هئا شاهه مراد جي مزار تي هڪ ڪاشي جو ڪتبو لڳل آهي جنهن تي سندن نالو شمس الدين جيلاني لکيل آهي جڏهن ته سنه مٽجي ويو آهي اڳ اهو به لکيل هو جيڪو 14 صفر 721 هجري لکيل هو يعني جيڪو موجوده نصرپور جنهن جي باري ۾ چيو وڃي ٿو ته فيروز تغلق هتي پنهنجي سپه سالار امير نصر کي هڪ هزار فوج سان مقرر ڪيو هو جنهن هتي قلعو ٺهرايو جيڪو نصرپور سڏجڻ لڳو ان جو سنه 751 هجري آهي مطلب ته هيءُ بزرگ ان کان اڳ جو آهي محترم پروفيسر برڪت علي ابڙو ٻڌايو ته هن بزرگ بابت ڪابه جامع ڄاڻ نه آهي جيڪي شروع ڳالهيون ٻڌون پيا اهائي آهي محمد رمضان ابڙو جيڪو هڪ بهترين مولودي آهي چيو ته هيءُ بزرگ 700 هجري جو آهي هن جو مقبرو شاهجھان مغل جي حڪم سان ٺهيو هو فقير محمد عرس بهراڻي کان جڏهن هن بزرگ بابت پڇيو ويو ته هن ٻڌايو ته هيءُ اصل بزرگ مرادياب ڪلهوڙو جنهن جو آستانو ديهه گجو تپو نصرپور ۾ هوندو هو سيد مريد علي شاهه رضوي گادي نشين سيد مصري شاهه جن وٽ ويٺا هئاسين اتي موجود هڪ شخص جنهن جي باري ۾ سائين جن ٻڌايو ته اهو علم جو ڄاڻو آهي ان چيو ته هن بزرگ جي باري اولياءَ سنڌ ڪتاب يا سفينة الاولياءَ يا سڪينة اولياءَ ڪتاب مان ڪجهه ملي سگھي ٿو 1988ع جو هڪ فوٽو اسٽيٽ رسالي جو پنو مليو جيڪو اڏوهي کائي چٽ ڪري ڇڏيو هو ان ۾ هن بزرگ جي باري ۾ لکيل هو ته هن بزرگ 722 هجري ۾ وفات ڪئي امير نصر جي مسجد وٽ رهندو هو . سوجھرو پبليڪيشن نصرپور 1985ع ۾ مرحوم محمد يوسف شاڪر ابڙو جو هڪ مضمون نصرپور جا اولياءَ عالم اديب ۽ شاعر ۾ لکيو ته شاهي بازار ۾ ميمڻن جي پاڙي ۾ هڪ درويش دفن ٿيل آهي جنهن کي شاهه مراد سڏين ٿا هن جو اصل نالو شمس الدين آهي جڏهن ته ڪي هن کي مرادياب ڪلهوڙو چون ٿا ڇاڪاڻ ته ان وقت ڪلهوڙن ۾ ٻن نالن رکڻ جو رواج هوندو هو .روزاني پڪار ڪراچي ۾ 14 جولاءِ 1991 ع ۾ هن بزرگ جي باري ۾ لکيل آهي ته ( ان وقت هن درگاه جي سنڀاليندڙ حاجي قادر بخش ميمڻ چيو ته هيءُ بزرگ دهلي کان هتي آيو هو عربي ڄاڻندو هو محترم سعدالله سپاهي ابڙو جي موجب نصرپور ويجھو مراد آباد هئي جتي جو هيءُ رهاڪو هو غلام محمد گرامي جي حوالي سان سائين جن جو چوڻ هو ته هيءُ مراد ڪلهوڙو آهي . سائين سعدالله سپاهي ابڙو اڳتي چوي ٿو جڏهن اسان ننڍا هوندا هئاسين ته ان وقت ڪوبه مٿي اگھاڙو هتان لنگھي نه سگھندو يا ڪوبه ماڻهو گھوڙي تي چڙهي هتان نه لنگھي سگھندو جيڪڏهن ڪو چوري جي ارادي سان ايندو هو ته اهو ديوانو يا چريو ٿي ويندو هو پڪار اخبار جي مضمون موجب هيءُ امير نصر جي مسجد ۾ رهندو( جنهن کي هن وقت شاهجھاني مسجد سڏجي ٿو ) هن بزرگ سان ٻه ٻار گڏ هوند اهئا جيڪي چون ٿا هڪ عورت عنايت/نيامت/ نيت جا هئا محمد رمضان ابڙو جي چوڻ موجب ان عورت جو نالو نيت هو زهر به ان ئي عورت ڏنو هو هن بزرگ جي مزار تي اڳ هڪ ڪتبو لڳل هوندو هو جنهن 14 صفر 721 هجري لکيل هوندو هو هن بزرگ جون ڪافي ڪرامتون مشهور آهن ) هيءُ بزرگ ڪير هو ڪٿان جو هو جنهن جي ڪا به جامع ڄاڻ نه آهي هتي ڪافي ماڻهن چيو ته اسان ٻڌو آهي ته هيءُ داين سان گڏ هوندو هو جيئن ته نصرپور جو وجود 751 هجري هن بزرگ جي وفات 721 هجري يعني 30 سال پهرين آهي ته ان وقت نصرپور جو ڪهڙو نالو اهو هڪ تحقيق طلب مسئلو آهي جنهن تي تحقيق ڪرڻ تمام ضروري آهي جڏهن ته هن بزرگ جي رهڻ جي جاءِ امير نصر واري مسجد چون ٿا اها به پوءِ درياءُ جي ڪناري تي تعمير ٿي آهي اها ڳالهه توجه طلب آهي ته هيءُ بزرگ ڪير آهي ڪٿان آيو ۽ ڪٿي رهندو هو هيءُ بزرگ ڇاڪندو هو نصرپور شهر ۾ هن بزرگ جي آخري آرام گاهه آهي پوءِ به هن بزرگ بابت معلومات ڇو ميسر نه آهي جو ڪافي جدوجهد ڪرڻ کان پوءِ به ماڻهن جون صرف زباني ڳالهيون مليون آهن جيڪي نسل در نسل منتقل ٿينديون آيون آهن محمد رمضان ابڙو سيد مريد علي شاهه رضوي ۽ ٻين هن جو هڪ واقعو محراب کي سڌو ڪرڻ جون ٻڌايو هنن جي چوڻ موجب ان جي وقت حاڪم مسجد ٺهرائي جيڪا هڪ ماهر ڪاريگر جنهن جو نالو احمد چون ٿا ٺاهي پر ان جو محراب ٿورو قبلي کان پاسيرو هو جيڪو سڌو نه ٿيو ان ڪاريگر کي اهو صحيح ڪرڻ جو چيو ويو ان کي هن بزرگ جو ڏس مليو ته داين سان گڏ هڪ درويش آهي اهو تنهنجو ڪم ڪندو جڏهن اهو ان بزرگ وٽ پهتو تهبزرگ چيو ته اسين گناهگار ڇا ٿا ڪري سگھون پر هن ڪاريگر هن بزرگ کي نه ڇڏيو هن سان گڏ هوندو هو هڪ ڏينهن هن پنهنجي ٽوپي سڌي ڪري چيو ته وڃ تنهنجو ڪم ٿي ويو جڏهن اهو دهلي پهتو ته محراب سڌو هو هن بزرگ شاهه مراد هن کي چيو هو ته منهنجو ڪنهن سان احوال نه ڪجان حاڪم وقت ان ڪاريگر کان پڇيو ته بنا ڪنهن ڪم جي هيءُ محراب ڪيئن سڌو ٿيو پر هن نه ٻڌايو آخر ڪار هن مجبور ٿي سڄي ڳالهه ٻڌائي حاڪم وقت ان بزرگ سان ملڻ جي لاءِ ماڻهو موڪليا جڏهن اهي هتي پهتا ته انهن کي ٻڌايو ويو ته اهو بزرگ وفات ڪري ويو آهي پوءِ چون ته وقت حاڪم شاهجھان مغل جي حڪم سان ان ئي ڪاريگر اهو مقبرو ٺاهيو هو جيڪو اڄ به موجود آهي جڏهن هن بزرگ جي وفات جي باري ۾ پڇا ڪيئي ويئي ته معلوم ٿيو ته هڪ عورت جنهن جو ڪي نالو نيامت ڪي نيت ڪي عنايت چون ٿا ان جا ٻه ٻار هوندا هئا جيڪي هن بزرگ سان گڏ هوندا هئا جيڪي ملندو هون اهو پهرين ٻارن کي کارائيندا هئا پوءِ پاڻ کائيندا هئا ان عورت کي ڪن چيو ته هيءُ ڪير آهي هن جي ڪا به خبر نه آهي هيءُ تنهنجا ٻار کڻي ويندو هن عورت ڪٽي ۾ زهر ملائي هن بزرگ کي ڏنو جيڪا هن رکي ڇڏي جڏهن ٻار آيا ته انهن کي کارائي پوءِ جڏهن ٻار گھر ويا ته اتي مري ويا جڏهن شاهه مراد کاڌي ته هن تي ان جو اثر ٿيو اها عورت ڊوڙي بزرگ وٽ آئي چيائين ته مراد مٺيس جنهن تي شاهه مراد چيو ته مائي نيت مٺي اهو به چيو ويو ته ٻارن کي هن جي وصيعت موجب هن جي ڀر ۾ اولهه طرف دفن ڪيو جيڪي ٻنهي ٻارن جون قبرون شاهه مراد سان گڏ اڄ به موجود آهن ڪن جو چوڻ آهي ته هتي معصوم ٻار اچن ٿا راند ڪن ٿا ۽ ڏاڍا خوش ٿين ٿا هن بزرگ جي مقبري وٽ هر مهيني جي 14 تاريخ تي چوڏهين لڳندي آهي جڏهن وڏي چوڏهين صفر جي چوڏهين تاريخ تي لڳندي آهي .هن بزرگ جون ٻيون به ڪافي ڪرامتون چيون وڃن ٿيون پر هن هيڏي وڏي بزرگ بابت ڪابه جامع ڄاڻ ميسر نه آهي اسان جو موجوده نسل يا ايندڙ نسل جيڪڏهن هن بزرگ جي باري ۾ ڪو سوال پڇي ته ان کي ڪهڙو جواب ڏجي اهوئي جواب جيڪو اسان کي وڏن کان معلوم آهي سنڌ جي جيڪي ادبي ادارا سنڌي ادبي بورڊ سنڌ الاجي سنڌ جا محقق هن بزرگ بابت تحقيق ڪن ته اهو بزرگ ڪير هو ڪٿان آيو ڪٿي جو رهاڪو هو جيئن اسان جي نسلن کي هن بابت ڄاڻ ملي سگھي هن بزرگ جو اصل نالو ڇا هو . هن بزرگ جي نالي سان نصرپور ۾ شاهه مراد ادبي ثقافتي سوسائيٽي به ٺهي جنهن به هن بزرگ بابت تحقيق نه ڪئي هر ذهن هن بزرگ جي باري ۾ پڇي ٿو ته هيءُ بزرگ ڪير هو هن جو مقبرو ڪنهن ٺهرايو هيءُ ڇا ڪندو هو ڪٿي رهندو نصرپور ۾ هيءُ ڪيئن آيو جنهن ڪري هن بزرگ تي تحقيق جي اشد ضرورت آهي اسان جو استاد مرحوم محمد يوسف شاڪر ابڙو اڄ اسان هجي ها ته ان کي عرض ڪريون ها ته سائين هن بزرگ جي باري ۾ تحقيق ڪري اسان جي علم ۾ اضفو ڪريو پر اهو سائين اڄ اسان ۾ نه آهي تنهن ڪري اسان نصرپور واسي هن مضمون جي حوالي سان اسان جي تاريخ نويسن کي گذارش ڪريون ٿا ته اهي هن بزرگ بابت تحقيق ڪن جيئن اسان جي سنڌ جو نوجوان هن بابت ڄاڻ حاصل ڪري سگھي .
     
  2. khadim ghirano

    khadim ghirano
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    118
    ورتل پسنديدگيون:
    118
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    نصرپور سنڌ
    جواب: شمس الدين شاهه جيلاني ( شاهه مراد )

    هن بزرگ جي مزار نصرپور شهر ۾ آهي جيڪڏهن ڪنهن دوست وٽ هن بزرگ بابت ڪا معلومات آهي اها مونکي ڏياري موڪليندا ته مهرباني ٿيندي منهنجي اي ميل ايڊريس mkkghirano@gmail.com /mkk_ghirano@yahoo.com آهي مدد ڪرڻ جي مهرباني ٿيندي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو