گمراھ حصو ٽيون()

'مقالا' فورم ۾ ڏاڏل شينو طرفان آندل موضوعَ ‏18 جنوري 2011۔

  1. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    گمراهي

    گمراهي انسان جي رستي تان ڀٽڪي وڃڻ کي چيو ويندو آهي ۔ جي انسان رستي تان ڀٽڪجي ويو آهي، ته پوءِ انسان جو رستو هيو ڪهڙو، جنهن تان انسان ڀٽڪجي ويو آهي؟ ۔

    مونکي ياد آيو ته هڪ سالڪ جي محفل ۾ ويٺا هياسون اتي هڪ طالبِعلم چيو ته سائين مون اڄ پڙهيو ته حضرت آدم عه جي دعا (ربنا ظلمنا ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔) پڙهڻ جي وڏي فضيلت آهي ۔
    سائينءَ جن پڇيو ته ان دعا جو ترجمو ڇا آهي؟
    چيائين سائين نه؛
    سائين جن ان کي ان دعا جو ترجمو ڪري ٻڌايو ته هاڻي تون ٻڌاءِ ته تو ڪهڙو ظلم ڪيو آهي؟ ڇو جو ان ظلم جو اقرار آهي ته (يشڪ مون پنهنجي نفس تي ظلم ڪيو آهي اي پروردگار جي تو مونکي معاف نه ڪيو ته بيشڪ مان خساري وارن مان ٿي ويندس )

    هاڻي حضرت آدم ته پنهنجي ان گناھ جو اقرار ڪيو آهي ته پروردگار تو مونکي جنت ۾ رکيو ۽ مون تي هڪ پابندي هئي ته مونکي هڪ شجر جي قريب نه وڃڻو هو پر آءُ تنهنجي حڪم کي ڇڏي ان وڻ جي قريب ويس اها مونکان غلطي ٿي ۔ ان موضوع تي گهڻو ڪجھ لکي توڙي غور ڪري سگهجي ٿو ۔ هاڻي تون ٻڌاءِ ته تون جي اها دعا پڙهندين ته پهريان ڪا اهڙي غلطي آهي تنهنجي ذهن ۾ جنهن کي تصور ۾ رکي تون ان غلطي جي معافي وٺين يا ڪڏنهن پنهنجي غلطين جو احساس ڪري ان دعا کي پڙهيو اٿئي.
    تنهن تي ان طالبعلم چيو بيشڪ انسان خطا جو پتلو آهي هر وقت خطاڪاريءَ ۾ ٻڏل رهي ٿو ۔
    سائين چيو پوءِ جي پنهنجي گناهن تي نادم آهين ؟ يا اهي گناھ ڇڏي ويو آهين ؟
    چيائين سائين ائين ڪونهي ۔
    سائين جن فرمايو ته عزيزِ جان در اصل ان دعا مان مراد آهي پنهنجي گناهن جي معافي ۔ توبه جو مطلب آهي تبديلي نه ڪي ڪن ڳاڙها ڪرڻ ۔ ثواب جو مطلب آهي اوهان تي ان دعا توڙي عمل جو اثر ۔
    ته مون عرض پئي ڪيو انسان جي پنهنجي رستي کان هٽيل آهي ته پهريان هن کي پنههنجو رستو سوچڻ ته گهرجي ته منهنجو رستو اصل ۾ آهي ڪهڙو۔
    قرآن ڪريم جي آيت اهي ته؛
    ( پنهنجو پاڻ کي يڪسو ٿي ڪري دين جي طرف متوجه ڪيو( جيڪو ) الله جي فطرت آهي جنهن تي انسان کي فطر(پيدا) ڪيو ويو آهي سوره الروم آيت 30)
    سالڪن جو چرڻ آهي انا فطرتالله هر انسان جي اندر موجود آهي جنهنکي ضمير يا روح توڙي باطني پيغمبر سڏيو وڃي ٿو۔ هاڻي جيڪو ان رستي کان يعني پنهنجي ضمير جي آواز کان جدا آهي سو گمراھ آهي۔
    در اصل اسان کان اهو رستو گم ٿي ويو آهي جيڪو انبياء ، آئمه و صالحين جو رستو آهي۔ پر ان کان به وڏي جيڪا پريشاني جي ڳالھ آهي ته اسان کان رستو ته ويو ۽ اسان پريشان به ناهيون ۔ اسان جي مثال ان مسافر جيان آهي جيڪو ستو پيو آهي ۽ انجو سفر جاري آهي ۔ جيئن حبيبِ ڪبريا جو فرمانِ اطهر آهي ( منهنجي امت جا اڪثر ماڻهون ستل آهن جڏنهن مرندا تڏنهن جاڳندا) مون عرض ڪيو هو ته عادت کي بدلڻ جو نالو عبادت آهي ، عبادت جو تعلق انسان جي شعور سان آهي ۔ سالڪن جي نگاه ۾ لاشعوري بت پرستي واري ڪيفيت ۽ شعور ي ڪيفت بندگي واري ڪيفيت آهي۔ قرآن ڪئي مقامات تي انسان سان شعور توڙي عقل کي استعمال نه ڪرڻ جو شقوه ڪيو آهي۔ مون جهڙي نادان ئي جن کي بي عقلي و لاشعوري جو شقوه سمجهيو آهي اهو 100 کان وڌيڪ مقامات آهن۔ اوهان اهو پاڻ فيصلو ڪريو ته ڇا لاشور ماڻهون جنهن کي اسان جي معاشري ۾ چريو توڙي پاڳل سمجهيو وڃي ٿو کي ڪو مذدوري ڏيندو آهي۔ جي اسان کي شعور هجي ها ته خدا جي بندگي کان پري هجون ها ، خدا جي بندگي پري رهڻ اسان جي لاشعوري جي دليل آهي ۔ خدا جي بندگي فقط روزو نماز حج زڪوات ناهي اهي بندگي جا باب آهن يا انهن کي جز وِ بندگي ته چئي سگهجي ٿو، قلي بندگي سرتسليمِ خم ڪرڻ جو نالو آهي ۔ جنهن کي اطاعتِ قُلي چئبو آهي
    آءُ شعوري مسلمان ناهيان پر ميراثي مسلمان آهيان۔ اسلام مونکي ميراث ۾ مليو آهي ان جي لاءِ اوهان کي مثال ڏيندو هلان ته جيئن پنهنجي مذهب جي حقيت سمجهائي سگهنان ڇو جو هي منهنجو مذهب آهي اسلام ناهي۔
    فلسفهءِ منهجو مذهب؛ هي فلسفو هڪ سالڪ جي ڪتاب عرفان جي هڪ (باب منهنجو مذهب) مان ورتل آهي سالڪن جو چوڻ آهي ته لڳ ڀڳ ٽن سالن جي عمر ۾ ٻار جي اندر جذبهءِ انانيت يعني جڏهن هو هر شي کان عليحده پنهنجي وجود جو تصور ڄاڻڻ شروع ڪندو آهي۔ ۽ گڏو گڏ ان ۾ خواهشِ بقا جنم وٺندي آهي۔ هو هميشه رهڻ چاهيندو آهي پنهنجي فنائيت کان ڊڄندو آهي۔ نفس جون تمام خواهشون ۽ جذبات جذبهءِ انانيت ۽‌ جذبيهءِ بقا تي محيط هونديون آهن ۔ جن شين مان انکي سرور ملندو آهي انهن شين ۾ پنهنجي بقا لاءِ ضمانت سمجهندو آهي انلاءِ اهي شيون ان کي محبوب ٿي وينديون آهن۽ جن شين کان هن جي سرور کي نقصان پهچندو آهي انهن کي پنهنجي بقا جو دشمن سمجهي نفرت ڪندو آهي۔خواهش و تسڪين جي ٽٽڻ سبب هن ۾ هڪ اضطراب برپا ٿيندو آهي ، غرض ته تمام اهي شخص توڙي شيون جتان انکي سرور ۽ تسڪين ملندي آهي انهن ماڻهن کي پنهنجي بقا جو ضامن سمجهندو آهي ، منهنجي ڀيڻ منهنجو ڀاءُ منهنجو چاچو الغرض اهي رشتا توڙي انهن رشتن سان جڙيل ريتون رسمون کي هو پنهنجي بقا جو زريعو سمجهندو آهي ۽ هر اها شي توڙي شخصيت انجي محبوب ٿيندي ويندي آهي۔ جيڪا هن کي سرور ڏيندي آهي ۔ ۽ قرآن انهن شين توڙي شخصيتن جي محبت جو بار بار ذڪر ڪيو آهي مثال جي طور هتي هڪ آيت جو ترجمون پيش ڪريان ٿو ؛
    زينت ڏني وئي آهي نفسن جي لاء خواهشات جي ، عورتن جي پُٽن جي ۽ ڍير ڪيل سوني ۽ چاندي جي

    ۽نشان ڪيل(پليل) گهوڙن جي جانورن ۽ کيتن جي ۔(التوبه آيت 24) هاڻي اهي شيون رڪاوٽ آهن دينِ الهي تي پيروي ۾ يعني بندگي قرآن انسان سان مخاطب ٿئي ٿو
    (چؤ انهن کي ڇا توهان کي جيڪڏنهن توهان جا پي ڏاڏا، توهان جا پٽ توهان جا ڀائر توهان جون زالون ۽ توهان جا ڪٽنب قبيلا ۽ مال جيڪو توهان گڏ ڪري رکيو آهي ۽ اها تجارت جنهن ۾ توهان نقصان کام ڊڄو ٿا ۽ اهي گهر جيڪي توهان کي تمام پسند آهن الله ۽ انجي رسول جي راھ ۾ جهاد ڪرڻ کان وڌيڪ پيارا آهن۔
    هر ٻار جي دل ۾ خواهش هوندي آهي ته هو جيڪي چاهي سو جلدي پورو ٿي وڃي ۽ انجون ڪئي خواهشون هونديو آهن جيڪي انجي مُربين(پالڻ وارن) جي زريعي پوريون ٿينديون آهن ۽ هو انهن کي هر شي تي قادر سمجهندو آهي پر آهسته آهسته هن کي انجو ادراڪ ٿيندو آهي ته ڪجھ امور (ڪم) آهن جن ۾ اهي سندس ماءُ پي عاجز آهن ان وقت انجي نفس م هڪ غير مرئي احساس پيدا ٿيندا آهن ته ڪا اهڙي شي هن کي ملي وڃي جنهن زريعي هو جيڪو گهري سو ان کي ملي وڃي ۽ هو ته انهن پنهنجن پاليندڙن کي سمجهندو هو ته اهي هر شي تي قادر ها اهي ڪنهن پوء هو انهن مربين کي ڪن غير مرئي ذات کان دعاؤن گهرنندي ڏسي ٿو پوءِ جيڪو جنهنجي گهر ۾ پيدا ٿيو تنهن ان گهر ۾ ڏڍو ته سندس پالڻ وارا پڪارين ٿا ( يا الله رحم ڪر ، اي پر ميشور ۔ اي رام ، ڪرشن جي مهاراج، اي وا گرو ، يا محمد ، ياعلي مشڪلڪشا ، يا پيران پير دستگير او گاڊ وغيره وغيره) ٻڌندو آهي ته ان جي قوتِ ادراڪ انتهائي تيز هوندي آهي فورن اها ڳالھ ان جي ذهن ۾ راسّخ ٿي ويندي آهي هاڻي هي جن کي پنهنجي لاء هر شي تي قادر سمجهندو هو بس لاشعوري ۾ انهن ئي نالن کي ذهن ۾ سمائيندو ويندو آهي جن کي پڪاريندي پنهنجي مُربين کي ڏسندو آهي ۽ اتان ئي منهنجي مذهب جي شروعات ٿيندي آهي ۽ انسان جي ان فطري اندرموجود جو آواذ ٻڌڻ کان هي پري ٿيندو ويندو آهي
    تمام تعريفون ان پروردگار جي لا‌ء جنهن انسان جي ڀلائي کي پنهنجي بندگي قرار ڏنو ۽ انسان جي نقصان کي گناھ قرار ڏنو پر انسان پنهنجي عدمِ معرفت جي بنياد تي پنهنجي نقصان کي فائدو سمجهي خواهشاتِ نفساني جي لذتن پٺيان ڊوڙندي پنهنجي مان ۽ مرتبي کي ڀلائي ذلت جي اندهيرن ۾ سرگردان چاۡڪِ غريبان آهي۔
    آءُ موضوع گمراه جي ٽين حصي سان اوهان قارئين حضرات جي خدمت ۾ حاضر آهيان۔
    انهن حصن ۾ اها ڳالھ زيرِ بحث آڻڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته گمراهي جو سبب صالحين وصادقين جي پيروي تان هٽڻ جي سبب ۾ آئي ۽ حالت انقدر بدتر آهي جو هي اڄوڪو انسان وري سمجهي ٿو ته هو انهن جي رستي تي آهي ليڪن اهو منهنجي مذهب جو جال آهي سو ڪيئن ان تي اڳتي بحث ڪئي ويندي آء شروع ۾ عرض ڪندو هلان ته آءُ هڪ طالبعلم آهيان منهنجو هن موضوع کي هتي ڇيڙڻ جو مطلب ذهنن ۾ ڪو ابهام يا شر پيدا ڪرڻ ناهي ۔ آءُ ته اڄوڪي ٽول جي زريعي پنهنجي اصلاح جو متمني آهيان آءُ تو اهي اسباق دوهرائيندو آهيا جيڪي مون سالڪين و عارفين جي محافلن ۾ ٻڌا آهن۔ آءُ اوهان محترمن آڏو انهن سبقن کي پيش ڪري علم و انسانيت دوستن کان تصديق اصلاح ڪرائڻ ٿو چاهيان۔
    مون پوئين حصي کي منهنجي مذهب جي ان باب تي بند ڪيو هو ته ٻار جڏهن پنهنجي بقا جي ضامنن کي ڪجھ امور ۾ مجبور ڏسندو آهي ۽ پوء انهن کي ڪجھ غير مرئي قوتن کي پڪاريندو ڏسندو آهي ته اهي نالا توڙي عقيدا ريتون ۽ رسمون انجي ذهن ۾ نقشٿي وينديون آهن پوء هو انهن عقيفدن جي خلاف سوچڻ ته ڇا پر انهن عقيدن تي تنقيد ڪرڻ وارن کي نفرت جي نگاه سان ڏسندو آهي۔دنيا جي هر شي ماڻهون جائداد ،عزيزو اقارب ، اسباب توڙي مال جيڪي انجي جذبات جي تسڪين جو زريعو ۽ نتيجي ۾ انهن کي پنهنجي بقا جو ضامن هوندا آهن اهي سڀ انکي محبوب هوندا آهن۔پر جڏهن انکي ڪو اضطراب لاٍحق ٿيندو آهي مثال ڪنهن بيماري يا ڪنهن نقصان يا ڪنهن روحاني اذيت ۾ مبتلا ٿي ويندو آهي ته اهي دنيا جون تمام شيون توڙي رشتا انجي ڪم نه ايندا آهن جن کي هو پنهنجي بقا جو سبب ڄاڻي ڪري محبوب سمجهندو هو۔ ان حالت ۾ ان اضطراب کي ختم ڪرڻ جا ٻه ئي طريقا ٿي سگهن ٿا يا ته ان مضطرب جي توجه انجي باطن کان هٽائي وڃي۔يا ڪنهن خارجي مرڪز جي طرف انجي توجه مبزول ڪرائي وڃي۔
    يا اچڻ واري وقت ۾ سندس فلاح وبهبود جو پختو يقين ڏياريو وڃي ان بشارت سان انجي تڪليف و اضطرار ۾ گهٽتائي واقع ٿيندي ۽ اهو ئي نظريو آهي جنهن تحت انسان ۾ شهادت جو جذبو بيدار ٿئي ٿو ۽ ان ئي جذبي جي تحت اسان جي ملڪ توڙي دنيا ۾ خود ڪش حملا برپا ٿي رهيا آهن ۽ انجي ثبوت ۾ اوهان ڏسندؤ ۽ غور ڪندؤ ته جنت جي لالچ ۾ گهڻي ڀاڱي نوجوانن جو انگ آهي يعني انلاء ناپخته ذهنن جو استعمال ڪيو وڃي ٿو بحرحال اهو منهنجو موضوع ناهي ڪنهن ٻي ساعت ان موضوع سان پيش ٿيندا سين۔
    هاڻي غور ڪيو ته ”منهنجو مذهب” مذڪوره ٻئي شيون پيش نٿو ڪري ۔ بلڪل اهي ٻئي شيون پيش ٿو ڪري ۔ ماء پي جي پيشوائن توڙي معبودن جا نالا جيڪي ان جي ذهن ۾ نقش هجن ٿا جيڪي بچپن ۾‌هو ٻڌندو آيو آهي اضطراب و مايوسي ۾ انهن نالن جي طرف ان جي توجھ مرڪوز ٿي ويندي آهي پوء دنيا ۽ آخرت ۾ انهن سان پنهنجي فلاح و بهبود ۽ دفعِ اضطرار جو باعث سمجهندو آهي جڏهن دنيا جي هر محبوب شي انسان کي ان اضطراب ۾ ڪو نفعو نه ڏئي سگهي ته ڪيترو محبوب هوندو اهو مذهب انجي لاءِ جيڪو انجي مشڪل ۾ آساني پيدا ڪري سگهي ٿو ۽ اندازو ڪيو ڪيترو محبوب هوندو ان دين لاءِ جان ڏيئڻ جڏهن ته ان حقيقي پروردگار سان انجو ڪو واسطو ئي ڪونه هوندو، ڇو جو هن ته ان کي پنهنجو پروردگا توڙي مّذهب سمجهيو آهي جيڪي الفاظ ريتون رسمون ان ٻڌيون آهن انهن جي معرفت ناهي هوندي،انلاءِ حضرتِ علي عه جو فرمان آهي ته اولِ دين معرفت آهي ۔ لاشوري جي بندگي جي مثال ان بيمار جيان آهي جنهن کي ننڊ ۾ هلڻ فرڻ‌جي عادت هوندي آهي هو هلندو فرندو آهي ٿي سگهي ٿو گهر ۾ موجود فرٍج توڙي ٿانو مان ماني ڪڍي کائي ايتري تائين جو شايد پاڻ پچائي کائي ۽ صبح جو اوهان انکي چؤ قبلا هي اوهان رات جو ماني کاڌي آهي ته هو خدا،گيتا،انجيل، محمد صلعم وعلي عه جا هوجنهن به مذهب جو پيروڪار چوائي ٿو قسم کائيندو نه سائين ائين ٿي ئي نه ٿو سگهي پر اڄوڪي سائنسي دؤر ۾ جي اوهان انجي مووي ڀريو ته هو چوندو آهي تهآهيان آءُ پر مونکي قسم آهي ( جن هستين جا نالا هن کي ميراث ۾ مليا آهن) آهيان ته مان پر مونکي خبر ناهي ته اهو مون ڪيئن ڪيو آهي ۔
    اسانجي لاشعور عبادتن جو احوابه اهڙو ئي هوندو۔ اهي فطرتون کڻي انسان پيدا ٿيو هو جنهنجي قران سوره والشمس ۾ 11 قسمون کائي ڪري ارشاد فرمايو آهي ته بيشڪ اسان انسان تي برائي ۽ بيحيائي کي عيان ڪري ڇڏيو آهي ، فلاح تنهن پاتي جنهن پنهنجي من کي پاڪ ڪيو ۽ سو برباد ٿي ويو جنهن انجي آواز کي دٻائي ڇڏيوان موضوع کي اختتام پزير هنن اشعارن تي ڪندس
    پوڇ اِس سي ڪه مقبول هي فطرت ڪي گواهي
    تو صاحبِ منزل هي ڪه ڀٽڪا هوا راهي (اقبال)
    اپني من ۾ ڊوب ڪر پا جا سُراغِ زندگي
    ميرا نهين بنتا نه بن اپنا توبن (اقبل)

    وه اڪ سجده جسي تو گران سمجهتا
    هزار سجدون سي ديتا هي آدمي ڪو نجات(اقبال)

    جب ڪڀي گناھ ڪرني سي روڪ دي تجھ ڪو تيرا ضمير
    بس سمجھ لو ڪه يهي امامِ وَت ڪي آواز هي
    وسالام
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو