جواد رضا
سينيئر رڪن
ميهڙ جي مشهور ميندي
بلقيس فاطمه
انسان مختلف ارتقائي مرحلا طئي ڪندي هن مقام تي پهتو آهي ۽ اڃا تائين مسلسل ارتقائي مرحلي ۾ آهي. انسان پنهنجي زندگي بسر ڪرڻ لاءِ مختلف شين کي پنهنجي ضرورت جي استعمال هيٺ آڻيندو رهيو آهي. انسان جي هڪڙي فطرت آهي ته هر ماڻهو اهو چاهي مرد يا عورت هو پنهنجي پاڻ کي هيرو محسوس ڪري ٿو ۽ پنهنجي پاڻ کي ٺاهڻ لاءِ سٺيون شيون کائڻ ۽ سٺا لباس پائڻ ۽ پنهنجي سونهن جي نکارڻ لاءِ مختلف شيون استعمال ڪرڻ، اها سندس فطرت رهي آهي.
ائين ئي ميندي به انسان هزارين ورهين کان استعمال ڪندو رهيو آهي. ميندي اسلامي حوالي سان سنت پڻ قرار ڏني وئي آهي ڇاڪاڻ ته حضور صلي الله عليه وسلم سائين جن پاڻ به ميندي استعمال ڪئي. انهيءَ لاءِ ان کي سنت قرار ڏنو ويو.
ميندي سونهن سان گڏ جسم جي گرمائش کي ختم ڪرڻ لاءِ به استعمال ڪئي ويندي آهي. اسان وٽ ٻهراڙين ۾ اڪثر گرمين جي موسم ۾ پهرين مٿي تي ميندي هنئي ويندي آهي پوءِ هٿن ۽ آخر ۾ پيرن کي لڳائي ويندي آهي ته جيئن جسم جي گرمائش کي ٿڌو ڪري سگهجي. ڇاڪاڻ ته ميندي جو اثر ٿڌو هوندو آهي.
انسان چاهي مرد هجي يا عورت وقت گذرڻ سان گڏ جيئن عمر وڌندي آهي ته ڪارا وار ساٿ ڇڏي ويندا آهن، پوءِ انهن کي لڪائڻ لاءِ هڪڙا ماڻهو ڪاري رنگ جو خضاب استعمال ڪندا آهن ته ٻيا وري ميندي جو سهارو وٺي جوان نظر اچڻ جا جتن ڪندا آهن. ايئن ئي سنڌ جي ميهڙ شهر جي ميندي به هر هنڌ مشهور ۽ مقبول آهي. ڇاڪاڻ جو ميهڙ شهر جي مٽي ميندي جي فصل لاءِ تمام بهترين آهي. هن مٽيءَ جو اثر مينديءَ جي فصل تي تمام گهڻو ٿئي ٿو. مينديءَ جي پهرين فصل کي ڪٽڻ کان پوءِ ميندي پاڻ ڦٽي پوندي آهي. مينديءَ جا ٻه فصل ٿين ٿا، هڪ رواجي فصل جيڪو مارچ مهيني ۾ ٿئي ٿو ۽ ٻيو فصل آگسٽ مهيني جي لڳ ڀڳ ٿئي ٿو ان مينديءَ کي ڇترن جي ميندي سڏبو آهي.
ميهڙ جي ميندي پنهنجي رنگ جي ڪري ٻين علائقن جي ڀيٽ ۾ مشهور آهي. هيءَ ميندي پاڪستان جي مختلف شهرن ۾ موڪلي وڃي ٿي. ان کان سواءِ انڊيا، سعودي عرب، دبئي ۽ ٻين ڪيترن ئي مسلمان ملڪن سان گڏ آمريڪا ڏانهن پڻ موڪلي وڃي ٿي.
ميهڙ جي مينديءَ جا ڪيترائي ڪارخانا آهن جن ۾ عبدالرحيم عباسي ۽ ان جي اولاد عبدالجبار، عبدالغفار، شيخن جا ڪارخانا ۽ خاصخيلي برادران مشهور آهن. هتان جي مينديءَ جي باري ۾ سنڌ ۽ سرائڪي علائقن جي ماڻهن لاڏن ۽ سهرن ۾ پڻ ذڪر ڪيو آهي. هن مينديءَ جي باري ۾ مشهور آهي ته هيءَ خاص طور تي گهوٽ ۽ ڪنوار لاءِ استعمال ٿئي ٿي ۽ ان جي باري ۾ هڪ مشهور سهرو آهي ته ”هٿين گل ميندي پيرين گل ميندي“ مطلب ته ميهڙ جي ميندي پوري دنيا ۾ هڪ خاصيت رکي ٿي.