جواب: وري زلزلو۔۔۔۔ يا الاهي خير
الله پاڪ پنهنجي پناه ۾ رکي
مان ان رات ڳوٺ ويل هئس ۽ سمهيو پيو هوس ۔ زلزلو ڪهڙي وقت آيو مونکي خبر ڪانه پئي پر جڏهن مونکي اٿاريو وي ته ڏٺم ته سمورو ڳوٺ اهڙي سرديء ۾ به ٻاهر گڏ ٿيل آهي۔ ٽي وي کولي ڏٺم ته آواز ٽي وي وارا اهو پيا چون ته اڃان ٻاهر رهو جو آفٽر شاڪس جو خطرو آهي۔
پوء ته اسان به ڇني ۾ باه جو مچ لڳائي الله کي ياد ڪندا رهياسون۔ رب پاڪ جا ڪروڙين شڪرانا جو سموري ملڪ ۾ خيريت رهي ۽ ڪو گهڻو نقصان ڪونه ٿيو۔