نويد احمد ڪلوڙ
سينيئر رڪن
تقريري مقابلو
اسٽوڊنٽس ايجوڪيشن ويلفيئر ايسوسيئيشن جي طرفان سچل ڳوٺ جي اسڪولن جي وچ ۾ تقريري مقابلو روشن تارا اسڪول ۾ 16/01/11 تي منعقد ڪرايو ويو جنهن ۾ 8 اسڪولن کي دعوت ڏني وئي تن ۾
1 روشن تارا اسڪول
2 انڊس اسڪول سسٽم
3 سچل پبلڪ اسڪول
4 حِرا پروگريسو اسڪول
5 نيو گرامر گورنمنٽ اسڪول
6 ماريه ملينيم اسڪول
7 پرسٽن گرامر اسڪول
شامل هئا ۽ انهن مان صرف ٽن اسڪولن حصو ورتو جن ۾
1 روشن تارا اسڪول
2 انڊس اسڪول سسٽم
3 حرا پروگريسو اسڪول
مٿيان اسڪول شامل هئا مقابلو اٺن ٻارن جي وچ ۾ ٿيو هن پروگرام ۾ ٻارن سميت اسڪول انتظاميه به شامل ٿي. هن پروگرام کي سيوا جي سٿ بهترين نموني سان آرگنائيز ڪيو ۽ سچل ڳوٺ جي ڪاميٽي جي ميمبرن کي پڻ مدعو ڪيو ويو هو هن مقابلي ۾ اسان جي تعليمي ماهرن کي ججز بڻايو ويو جن ۾ سائين محترم الهداد گوپانگ صاحب ، سائين محترم عبدالڪريم چانڊيو صاحب ۽ سائين محترم عبدالطيف ڪلوڙ صاحب جن فرائض سر انجام ڏنا.
هاڻ اُهي نالا جن ڪاميابي ماڻي :
اول نمبر: ڪومل خاصخيلي (روشن تارا اسڪول)
ٻيون نمبر: زين النساءَ (حرا پروگريسو اسڪول)
ٽيون نمبر: سرهاڻ علي (روشن تارا اسڪول)
انعام کٽندڙ ٻار :
هنن ٻارن ۾ ٽرافيون ۽ روڪ رڪم پڻ ورهائي وئي جيڪا سائين تاج محمد جي هٿان ڏيياريون ويون.
ان کان علاوه سيوا جي پليٽ فارم تان طاهره شيخ ۽ سرمد علي تقريرون ڪري پنهنجا پنهنجا جوهر ڏيکاريا.
سائين محترم تاج محمد وساڻ جن پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته پروگرام تمام بهترين نموني سان آرگنائيز ڪيو ويو جنهن تي سيوا جي ميمبرن کي مبارڪ باد پيش ڪيائون ۽ وڌيڪ چيائون ته اهڙا پروگرام سچل ڳوٺ ۾ ٿيڻ گهرجن ۽ پنهنجي ساٿ جو يقين ڏيرايائون.
ان کان علاوه سيوا جي پليٽ فارم تان طاهره شيخ ۽ سرمد علي تقريرون ڪري پنهنجا پنهنجا جوهر ڏيکاريا.
سائين محترم تاج محمد وساڻ جن پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته پروگرام تمام بهترين نموني سان آرگنائيز ڪيو ويو جنهن تي سيوا جي ميمبرن کي مبارڪ باد پيش ڪيائون ۽ وڌيڪ چيائون ته اهڙا پروگرام سچل ڳوٺ ۾ ٿيڻ گهرجن ۽ پنهنجي ساٿ جو يقين ڏيرايائون.

مهمان تقرير ڪندي
نور حسين چانڊيو اجرڪ پيش ڪندي :
آخر ۾ سيوا جي صدر جناب نويد احمد ڪلوڙ کي سيوا جي جنرل سيڪريٽري نور حسين اجرڪ اوڍايو ۽ صدر سيوا نويد احمد ڪلوڙ پنهنجا خيالات پيش ڪندي سڀني آيل مهمانن جو شڪريو ادا ڪيو ۽ پاڻ اهو نارو هنيائون ته اچو ته گڏجي تعليم کي هٿي وٺرايون ۽ تعليم سڀ لاءِ عام ڪيون. روشن تارا اسڪول انتظاميه ۽ سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام جو سهڪار رهيو جن جو پڻ صدر سيوا ساٿ ڏيڻ تي ٿورا مڃيان ۽ شڪريو ادا ڪيو.
هن پروگرام جي هوسٽنگ سيوا جي دوست محترم شاهد حسين ڀنڀري ڪئي.