• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

تقريري مقابلو (سيوا)

نويد احمد ڪلوڙ

سينيئر رڪن
تقريري مقابلو

اسٽوڊنٽس ايجوڪيشن ويلفيئر ايسوسيئيشن جي طرفان سچل ڳوٺ جي اسڪولن جي وچ ۾ تقريري مقابلو روشن تارا اسڪول ۾ 16/01/11 تي منعقد ڪرايو ويو جنهن ۾ 8 اسڪولن کي دعوت ڏني وئي تن ۾

1 روشن تارا اسڪول
2 انڊس اسڪول سسٽم
3 سچل پبلڪ اسڪول
4 حِرا پروگريسو اسڪول
5 نيو گرامر گورنمنٽ اسڪول
6 ماريه ملينيم اسڪول
7 پرسٽن گرامر اسڪول
شامل هئا ۽ انهن مان صرف ٽن اسڪولن حصو ورتو جن ۾

1 روشن تارا اسڪول
2 انڊس اسڪول سسٽم
3 حرا پروگريسو اسڪول



اسڪول جا ٻار تقريرون ڪندي


مٿيان اسڪول شامل هئا مقابلو اٺن ٻارن جي وچ ۾ ٿيو هن پروگرام ۾ ٻارن سميت اسڪول انتظاميه به شامل ٿي. هن پروگرام کي سيوا جي سٿ بهترين نموني سان آرگنائيز ڪيو ۽ سچل ڳوٺ جي ڪاميٽي جي ميمبرن کي پڻ مدعو ڪيو ويو هو هن مقابلي ۾ اسان جي تعليمي ماهرن کي ججز بڻايو ويو جن ۾ سائين محترم الهداد گوپانگ صاحب ، سائين محترم عبدالڪريم چانڊيو صاحب ۽ سائين محترم عبدالطيف ڪلوڙ صاحب جن فرائض سر انجام ڏنا.​

هاڻ اُهي نالا جن ڪاميابي ماڻي :

اول نمبر: ڪومل خاصخيلي (روشن تارا اسڪول)
ٻيون نمبر: زين النساءَ (حرا پروگريسو اسڪول)
ٽيون نمبر: سرهاڻ علي (روشن تارا اسڪول)



انعام کٽندڙ ٻار :

هنن ٻارن ۾ ٽرافيون ۽ روڪ رڪم پڻ ورهائي وئي جيڪا سائين تاج محمد جي هٿان ڏيياريون ويون.
ان کان علاوه سيوا جي پليٽ فارم تان طاهره شيخ ۽ سرمد علي تقريرون ڪري پنهنجا پنهنجا جوهر ڏيکاريا.
سائين محترم تاج محمد وساڻ جن پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته پروگرام تمام بهترين نموني سان آرگنائيز ڪيو ويو جنهن تي سيوا جي ميمبرن کي مبارڪ باد پيش ڪيائون ۽ وڌيڪ چيائون ته اهڙا پروگرام سچل ڳوٺ ۾ ٿيڻ گهرجن ۽ پنهنجي ساٿ جو يقين ڏيرايائون.



مهمان تقرير ڪندي



نور حسين چانڊيو اجرڪ پيش ڪندي :



آخر ۾ سيوا جي صدر جناب نويد احمد ڪلوڙ کي سيوا جي جنرل سيڪريٽري نور حسين اجرڪ اوڍايو ۽ صدر سيوا نويد احمد ڪلوڙ پنهنجا خيالات پيش ڪندي سڀني آيل مهمانن جو شڪريو ادا ڪيو ۽ پاڻ اهو نارو هنيائون ته اچو ته گڏجي تعليم کي هٿي وٺرايون ۽ تعليم سڀ لاءِ عام ڪيون. روشن تارا اسڪول انتظاميه ۽ سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام جو سهڪار رهيو جن جو پڻ صدر سيوا ساٿ ڏيڻ تي ٿورا مڃيان ۽ شڪريو ادا ڪيو.​

هن پروگرام جي هوسٽنگ سيوا جي دوست محترم شاهد حسين ڀنڀري ڪئي.
 
جواب: تقريري مقابلو (سيوا)

سيوا جي سڀني دوستن کي سنڌ سلامت جي انتطاميه پاران لک لک واڌايون جن علمي صلاحيت وڌائڻ ۽ تقرير جي فن کي اجاگر ڪرڻ لا شاندار پروگرام ترتيب ڏنو ۔۔۔ جن ۾ سچل ڳوٺ جي سڀني اسڪولن بحرو وٺي علم دوستي جو ثبوت ڏنو ۔۔۔

پروگرام جون تصويرون ۽ ٻارڙن جو ولولو ڏسي احساس ٿئي پيو ته اوهان ڏاهن دوستن جي همٿ ۽ سورهيائي سان هڪ ڏينهن سنڌي قوم دنيا جي قومن ۾ ڳاٽ اورچو ڪري سگهندي ۔۔۔

هڪ ٻي ڳالهه ته اوهان سڀ دوست جيڪي سنڌ سلامت جا پڻ سڄاڻ ۽ پيارا رڪن آهيو، اوهانکي هي پنڊال ترتيب ڪندي ائين محسوس ٿئي ٿو ته بيشڪ سنڌ سلامت به ان معرڪي ۾ شامل حال آهي ۔۔۔

اوهان دوستن کي ٻنهي هٿن جو عسڪري سلام ۔۔۔۔ شال سنڌ سڄي اهڙن علمي صلاحيتن کي وڌائڻ ۾ اڳتي اچي ته اسين پنهنجي قوم جي اڌ غلامي ختم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيون ۔۔۔

رب اوهان دوستن جي همٿ ۽ سگهه ۾ اضافو فرمائي ته جيئن قومي فرض نڀائيندا رهو ۔۔۔۔آمين

سنڌ سلامت ساٿ سلامت
 
جواب: تقريري مقابلو (سيوا)

ادا نويد اوهان جي مهرباني

مان معذرت ٿو ڪيان جو ڳوٺ وڃڻ ڪري اوهان جي پروگرام ۾ شرڪت ڪري نه سگهيس۔ بهترين ڪاوشون آهن سيوا جي دوستن جون ، جن خاص ڪري تعليمي ميدان ۾ پاڻ ملهايو آهي۔ اوهان پاران ڪيل اهڙين مثبت عملن ۾ اسان اوهان سان گڏ آهيون۔

اوهان سميت سڀني دوستن کي سلام جيڪي هن قسم جي صحتمند سرگرمين کي جاري رکيو پيا اچن۔
 
جواب: تقريري مقابلو (سيوا)

ادا اوهان دوستن جا لک ٿورا جو اوهان اسان کي ههڙن پروگرامن لا همٿايو پيا ۽ انشاالله اڳتي به اهڙا پروگرام اوهان جي سهڪار سان ڪبا۔
 
Back
Top