سليڪشن ڪاميٽيءَ جو کِل جوڳو فيصلو

'سنڌ سلامت سپورٽس' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏21 جنوري 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    نوٽ ڪرڻ جهڙيون ڳالهيون...

    سليڪشن ڪاميٽيءَ جو کِل جوڳو فيصلو

    زرار پيرزادو

    [​IMG]

    [JUSTIFY]پاڪستان ڪرڪيٽ جي سليڪشن ڪاميٽيءَ ورلڊ ڪپ 2011ع لاءِ 15 ڄڻن تي ٻڌل ٽيم جو ته اعلان ڪيو آهي پر ”ڪپتان“ بنا ٽيم جو اعلان ڪري پاڻ مٿان جيڪو جڳ کلايو آهي، تنهن تي ڪرڪيٽ ڄاڻيندڙ هر عام ۽ خاص ماڻهوءَ کي ڏندين آڱريون اچي ويون آهن.

    ورلڊ ڪپ لاءِ اعلانيل دنيا جي ٽيمن مان پاڪستان جي پهرين ٽيم آهي، جيڪا پهرين مرحلي تي ”ڪپتان“ بنا چونڊي وئي آهي. باوجود ان جي ته ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ تقريبن سال کان شاهد آفريدي ئي مستقل طور ڪپتان بڻيل آهي.

    هاڻي جڏهن نيوزيلينڊ جي ون ڊي سيريز لاءِ مصباح الحق کي نائب ڪپتان بڻائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي ته ان عمل کي ڏسندي ڪن مبصرن جو چوڻ آهي ته مصباح کي نائب ڪپتان بڻائڻ اصل ۾ آفريديءَ لاءِ ”خاموش پيغام“ آهي. يعني دال ۾ ڪجهه ڪارو آهي. جيڪڏهن ايئن ناهي ۽ دال ۾ ڪجهه ڪارو ناهي ته پوءِ ڀلا ڪپتان جو اعلان سو به ورلڊ ڪپ جهڙي ڪرڪيٽ جي سڀ کان وڏي ٽورنامينٽ لاءِ ڇو ناهي ڪيو ويو.

    عام تاثر اهو آهي ته نيوزيلينڊ ۾ 22 جنوري کان ٿيندڙ ون ڊي سيريز لاءِ آفريدي کي آخري موقعو ڏنو ويو آهي ته هو پاڻ کي وننگ ڪپتان ثابت ڪرڻ لاءِ ون ڊي سيريز کٽي ڏيکاري. ڇا جيڪڏهن شاهد آفريدي نيوزيلينڊ ۾ ون ڊي سيريز نٿو کٽي سگهي ته ان کي ورلڊ ڪپ لاءِ ڪپتان نه بڻايو ويندو ۽ جيڪڏهن مصباح کي ڪپتان بڻايو وڃي ٿو ته ڇا ان لاءِ کيس تجربي طور پهرين ڪا ون ڊي سيريز نه ڏيڻ گهربي هئي؟ ڇاڪاڻ ته ٽيسٽ ۽ ون ڊي ٻه الڳ مزاج جا فارميٽ آهن.

    ڇا اها صورتحال ورلڊ ڪپ لاءِ سليڪٽ ٿيل ٽيم جي مورال لاءِ بهتر آهي، ڇا ٽيم اندر ڪا گروپنگ ۽ سازش ته نه ٿي رهي آهي ۽ ڇا هن وقت ان قسم جو خراب ماحول پيدا ڪرڻ کپندو هو؟

    انهيءَ ۾ ته ڪو شڪ ناهي ته پاڪستان جو موجوده ڪرڪيٽ بورڊ بنا ڪنهن پلاننگ جي انتهائي ناقص طريقي سان ڪرڪيٽ ٽيم کي هلائي رهيو آهي پر ورلڊ ڪپ جي ٽورنامينٽ ۾ غلطيءَ جي گنجائش ”نشته“ هوندي آهي.

    سو نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه اها آهي ته تاريخ ٻڌائي ٿي ته ورلڊ ڪپ ۾ ناڪاميءَ کان پوءِ اڪثر ڪري سڄي جي سڄي انتظاميا کي ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين، مئنيجر، ڪوچ، ڪپتان ۽ ناڪام سينئر پليئرن سميت ئي ”آئوٽ“ ڪيو ويندو آهي.[/JUSTIFY]
     
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: سليڪشن ڪاميٽيءَ جو کِل جوڳو فيصلو

    اهڙا فيصلا ڪري ئي ته پنهنجو نالو ريڪارڊ ۾ لکرائيندا نه ادا

    تازو مان ڪلهه ئي يو ٽيوب تي هڪ ڪريڪيٽر جو اسڪينڊل ڏٺم اصل .................

    ڏاڍو .....................

    ها ها ها

    سدائين گڏ
     
  3. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: سليڪشن ڪاميٽيءَ جو کِل جوڳو فيصلو

    ها سائين اهو آ پاڪستان .
     
  4. محمد رمضان منڌرو

    محمد رمضان منڌرو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2010
    تحريرون:
    762
    ورتل پسنديدگيون:
    39
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    پڙهائي
    ماڳ:
    ڀڳڙاميمڻ بدين
    جواب: سليڪشن ڪاميٽيءَ جو کِل جوڳو فيصلو

    ادا اهڙن فيصلن سان کل به اچي ٿي ته ڪاوڙ به جام ٿي ٿئي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو