مزاحيه شاعري جي سيڪشن جو اضافو

هي ڪهڙي عيد هئي،
هي ڪهڙو محرم هو
نه ڇم ڇم ٿي
نه ميلا ٿيا
نه ماتم هو
نه محبت هئي
نه نفرت هئي
نه ڪا حسرت
الائي بي حسي
ڪهڙي جو عالم هو
 
مزاحيه شاعري

بيگم جو احوال پڇين ٿو
ڪهڙو يار سوال پڇين ٿو

سارو گهر ڌمچر ڌمچر آ
تون ٻي ٻيتال پڇين ٿو

اڄ وري گهر ۾ باهه ٻري آ
پوءِ اڃا بک هڙتال پڇين ٿو

گهر جي ماني ڪونه وڻي ٿي
ڪيئن پٽاٽا دال پڇين ٿو

هاءِ سوير سَسُ اچي ويئي
آيل مس ڪال پڇين ٿو

ڇا ٿو سوچين ويٺو ”انجم“
ڪهڙي ملڪيت مال پڇين ٿو

عبدالجبار ” انجم“ شيخ
 
search
 
Back
Top