سائين ممتاز صاحب لک ٿورا جو اوهان اهڙو سهڻو ونڊ ڪيو ۔۔۔ بيشڪ اهي ڳالهيون ته اسانجي سامهون آهن ۽ هر روز انهن جي خبر پوي ٿي ته آخر ڪار ايترو سرمايو جيڪو سنڌ مان پئدا ٿيئ ٿو ۽ ٻين صوبن مان پڻ جيڪا آمدني ٿئي ٿي اها ڪيڏانهن ٿي وڃي ۔۔۔؟
پاڪستان جي ڳالهه ته نه ڪبي جي پنجاب ۾ وري به حالت ڪجهه مختلف آهي پر سنڌ جي بيروزگاري، ترقي جا منصوبا ۽ مجموعي قومي حالت اهڙي بڇڙي ڇو آهي، جڏهن ته سنڌ جي آمدني گهڻن ملڪن کان گهڻي آهي ۽ اهڙن ملڪن کان به گهڻي آهي جيڪي هن وقت آزاد ۽ خوشحال زندگي گذاري رهيا آهن ۔۔۔
پر افسوس اسانجا سياستدان، مذهبي مهندار ۽ قومي مفڪر ۽ مجموعي طور قوم ستل آهي ۽ ان ظلم کي سهندي رهي ٿي ۔۔۔ ٻه ٽي ڏينهن ادي وساڻ هڪ بادشاهه جي ڪهاڻي ونڊ ڪئي هئي جنهن ۾ بادشاه ظلم ڪري ٿو پر قوم ظلم کي برداشت ڪندي ان ظلم ڪرڻ وارن ماڻهن جي واڌ جو عرض ڪري ٿي ۔۔۔
سو قوم جي حالت به اها آهي ۽ ان ۾ سڀ کان وڏا ڏوهاري اسانجا سياستدان ۽ مذهبي مهندار آهن جو هو ان ظلم خلاف قوم کي آگاهه نٿا ڪن، بلڪ پاڪستان کي دين سمجهي ويٺا آهن ۔۔۔
رب کان دعا آهي ته قوم ۾ ايتري سگهه پئدا ٿئي جو ظلم جون پاڙون پٽجي وڃن ۔۔۔
اچو ته اسين سڀ دعا سان گڏ عمل جي دنيا ۾ قوم جو بچا ڪريون ۔۔۔