پاڻ وارن سياستدانن جي لاڳت جو پتو به حاضر آهي

'اکر پڙهه الف جو' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏23 جنوري 2011۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    پاڻ وارن سياستدانن جي لاڳت جو پتو به حاضر آهي​

    سائين ملڪ جي عوام ۾ ميڊيا ڪنھن حد تائين شعور پيدا ڪرڻ ۾ ڪامياب وئي آھي پر اڃا به گهڻي ضرورت آھي....جڏهن ته سائين ھاڻي اھو زمانو ويو جڏھين اھي ڀوتار، ڏاڍو موڇين کي تعو ڏيو پيا غريبن سان کيڏندا ھئا ٿاڻي جي سياست ڪرائي غريبن کي ھيسائيو ويٺا ھوندا ھئا پر ھاڻي پوزيشن ڪنھن حد تائين مختلف آھي تنهن هوندي به سياستدان عوام کان هر حساب ۾ ڏاڏو آهي، ۽ انهن جون ملڪيتن جو اسان ته ڪاٿو به لڳائي نه ٿا سگهون وري به هنن ميڊيه وارن کي شابس هجي جو ايتري محنت ۽ جدو جهد ڪري اهڙيون خبرون اسان تائين پهچائن ٿا
    سنڌ سلامت جا ساٿيو ڪجهه ڏينهن اڳ محترم دوست نثار ابڙي صاحب 2010 ۾ جن ماڻهن کي اميرترين فهرست ۾ شامل ڪيو ويو آهي انهن جي نالن کي اسان سان مختصر تعارف سان گڏ ونڊ ڪيو هو، جنهن جي جواب ۾ اسان جي هڪ ٻئي دوست عرس پرئي صاحب وري پاڻ وارن سياستدانن جي لاڳت لاء پڇيو هو سو اسان مون تائين جيڪا خبر پهتي آهي اها توهان تائين ونڊ ڪجي ٿي۔

    http://www.youtube.com/watch?v=AqNzfur2Mvg
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: پاڻ وارن سياستدانن جي لاڳت جو پتو به حاضر آهي

    سائين ممتاز صاحب لک ٿورا جو اوهان اهڙو سهڻو ونڊ ڪيو ۔۔۔ بيشڪ اهي ڳالهيون ته اسانجي سامهون آهن ۽ هر روز انهن جي خبر پوي ٿي ته آخر ڪار ايترو سرمايو جيڪو سنڌ مان پئدا ٿيئ ٿو ۽ ٻين صوبن مان پڻ جيڪا آمدني ٿئي ٿي اها ڪيڏانهن ٿي وڃي ۔۔۔؟

    پاڪستان جي ڳالهه ته نه ڪبي جي پنجاب ۾ وري به حالت ڪجهه مختلف آهي پر سنڌ جي بيروزگاري، ترقي جا منصوبا ۽ مجموعي قومي حالت اهڙي بڇڙي ڇو آهي، جڏهن ته سنڌ جي آمدني گهڻن ملڪن کان گهڻي آهي ۽ اهڙن ملڪن کان به گهڻي آهي جيڪي هن وقت آزاد ۽ خوشحال زندگي گذاري رهيا آهن ۔۔۔

    پر افسوس اسانجا سياستدان، مذهبي مهندار ۽ قومي مفڪر ۽ مجموعي طور قوم ستل آهي ۽ ان ظلم کي سهندي رهي ٿي ۔۔۔ ٻه ٽي ڏينهن ادي وساڻ هڪ بادشاهه جي ڪهاڻي ونڊ ڪئي هئي جنهن ۾ بادشاه ظلم ڪري ٿو پر قوم ظلم کي برداشت ڪندي ان ظلم ڪرڻ وارن ماڻهن جي واڌ جو عرض ڪري ٿي ۔۔۔

    سو قوم جي حالت به اها آهي ۽ ان ۾ سڀ کان وڏا ڏوهاري اسانجا سياستدان ۽ مذهبي مهندار آهن جو هو ان ظلم خلاف قوم کي آگاهه نٿا ڪن، بلڪ پاڪستان کي دين سمجهي ويٺا آهن ۔۔۔

    رب کان دعا آهي ته قوم ۾ ايتري سگهه پئدا ٿئي جو ظلم جون پاڙون پٽجي وڃن ۔۔۔

    اچو ته اسين سڀ دعا سان گڏ عمل جي دنيا ۾ قوم جو بچا ڪريون ۔۔۔
     
  3. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: پاڻ وارن سياستدانن جي لاڳت جو پتو به حاضر آهي

    ادا نثار ابڙا صاحب توهان جي مهرباني جو توهان منهنجي هن ونڊ کي پسند ڪيو ۽ ڪي دل جون ڳالهيون اسان سان اوريون ۽ اسان کي پڻ ڪجهه ڳالهين کان واقف ڪيو، ادا اهيو سچ آهي ته اهي پيٽ وڏا (سياستدان، سرمائيدار، جاگيردار، ) ملڪ جو سمورو مال کائي ويا آهن ۽ اسان جو عوام ماني ڳڀي لاء به پريشان آهي، جنهن جو حساب هيٺ نه ئي صحيح پر مٿي ته ضرور ڏيڻو پوندن، ۽ اها هڪ اٽل ۽ انصاف واري عدالت آهي جنهن کان ڪو به ظالم بچي نه ٿو سگهي، پوء ڪيڏو نه ڇو طاقتور هجي۔
     
  4. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: پاڻ وارن سياستدانن جي لاڳت جو پتو به حاضر آهي

    سنڌڙي توکي هي ڏينهن به ڏسڻا پيا....!​

    انب گوپانگ
    اي سنڌڙي! تنهنجي ماءُ سنڌو ڪاوڙجي پئي آهي، اڳي ته مانسرور مان نڪرندي هئي پر هينئر ته آسمان تان لهي پئي آهي. سرحد ۽ پنجاب جا ڳوٺ توڙي شهر ڳهندي هاڻي اچي تنهنجي پيٽ ۾ پئي آهي ته پئي ٿي پلٽي ۽ پائي.......
    ائين ٿو لڳي ته ڪا قيدياڻي، ورهين پڄاڻان جيل مان آزاد ٿي آهي. ڄڻ ڪنهن کي سنگهرن ۾ جڪڙي ڇڏيو هو، هاڻي هو نيئر ٽوڙائي نڪتي آهي ۽ ٻوڙان ٻوڙ ڪندي، وڻ وڻاچا، گهر تڙ، ڳوٺ واهڻ وسنديون، شهر مال متاع ڍور ڍڳا ماڻهو ڇيڻهون سڀ ڳڙڪائيندي سمنڊ ڏانهن ڌوڪيندي ٿي وڃي!؟
    اي سنڌڙي! تنهنجا ٻچڙا موت جي پيٽ اچي ويا آهن. ڪي لڙهي لهوارا ٿي ويا، ڪي پاڻيءَ جي گهيري ۾ گهرن جي ڇتين تي، وڻن تي، بندن تي، دڙن تي پنهنجيون حياتيون بچائڻ جي لاءِ مدد لاءِ واجهائي رهيا آهن. پر ڪوبه سندن واهر ڪرڻ وارو ڪونهي. حڪومت جي مشينري به حرڪت ۾ آهي، الائي ڇا ٿي ڪري. اجلاس ٿين پيا، وزيرن سفيرن ۽ ڪامورن ڪڙن جا لامارا لڳا پيا آهن، بيان بازي جا بند ڀڄي پيا آهن، اعلانن جو به اڻ کٽ سلسلو آهي. پر ڪئمپن، ڳوٺن ۽ بندن تي ويٺل ۽ ٻوڏ ۾ ڦاٿل ماڻهن جون دانهون ۽ ڪوڪون ٿا ٻڌون ته ماڻهن کي ڪا آٿت ئي ڪا نه ملي آهي. موت جي وڪڙ ۾ اچي ويا آهن. ماضيءَ ته ميسارجي ويو، پر هينئر اڻ ڄاتل علائقن ڏانهن سفر ڪندا حال ۽ مستقبل جي خطرناڪ جوکائتي ۽ اونداهي دور ۾ دنيا ڏانهن وڃي رهيا آهن. پٺيان ته سندن ٻنيون ٻارا ئي ناهن رهيا، ڪنهن جو ابو لڙهيو، ڪنهن جي امان موڪلايو، ڪنهن جا للهنگ لڙهيا، ڪنهن جا ڪلهڙا ابا ابا! امان امان! ڪندا لهرن جي هندورن ۾ جهوليندا آسمان ۽ زمين ۾ ضم ٿي ويا انهن کي گهر ڪير ٺاهي ڏيندو؟ پلاٽ ڪير ڏيندو؟ روزگار ڪير ڏيندو – پيار ڪير ڏيندو – عزت ڪير ڪندو – مٿن ڪهل ڪير ڪندو – ان غير يقيني وارين ڪيفيتن ۾ ٻڏندا ترندا بکن ڏکن ۾ پنهنجي ماءُ جي ڇاتيءَ تي ڳوڙها ڳاڙيندا هنجون هاريندا، جيئڻ پيا جوڙين.
    ٽمن نيڻ رت وهي، چُئاڪا ڪِئو،
    مونکي ڏئون ڏِئو، ايئن ٿا وڃو اوٺئا! (شاهه)
    هاڻي اهي الله جي آسري حڪومت جي حوالي ۽ حالتن جي، سنڌ جي سياسي سماجي رهنمائن جي رحم ڪرم تي.‏ اميد آهي اهي سڀئي ادارا مسڪين ۽ مصيبت ۾ ڦاٿل خدا جي خلق جي لاشن ۽ اڌ مئل انسانن جي هيڻائي ۽ ڪسمپرستي تي پنهنجي سياست چمڪائڻ جي بجاءِ آفتن جي ماريل ماڻهن جي ٺپن جو ٺار ٿيندا ۽ ٻاجهه جا ٻڙا رکندا. في الحال ته سڀني جون دعوائون ۽ اعلان ته اڀ کي ٿوڻي ٿا ڏين. پر نتيجا ٻڌائيندا ته سندن دعوائون سچيون هيون يا ڪوڙيون.
    سيئي لوڙائو ٿئا، جنين سندي ڌير،
    ماروئڙا فقير، ڪنهن در ڏيندا دانهڙي؟ (شاهه)
    ٻاهرين دنيا مان اربين ڊالرن ۽ ريالن جا اعلان ٿيا آهن ۽ کاڌي پيتي جي شين کان سواءِ ٻيو به گهڻو مال جهازن ۾ اچي پيو، پوءِ اهو ملندو الائي ڪنهن کي؟ ماضي جو تجربو ٻڌائي ٿو ته سٺو ۽ اوچو سامان صاحبن جي گهرن ۾ وڃي لڪندو آهي، باقي جيڪو بچيو سو راهن ۾ رلي ويندو. ملڪ جو سرمائيدار ۽ جاگيردار طبقو جن جي ڏوهن ۽ عياشين ۽ شاهي خرچين جي ڪري سڄو ملڪ ۽ ملڪ جو مظلوم عوام لوڙيندو رهي ٿو. جيڪو به حڪمران طبقو آهي تن جون محلاتون ۽ مال ملڪيتون انهن ڀرندڙ بندن ۽ روڊن رستن، سفرن توڙي ڳوٺن جي ترقياتي فنڊن مان جڙيون آهن. اهي هيڏي قيامت جهڙي وقت ۾ به، پنهنجي ڪروڙن اربن جي اڪائونٽ مان ڪوڙي ڪوڏي به ڪڍڻ لاءِ تيار ناهن. اهي اڄ به پنهنجون ٻنيون ۽ ڪيٽيون بچائڻ جي لاءِ شهرن ڳوٺن ۽ انسانن کي ٻوڙڻ ۾ لڳا پيا آهن. ڪنهن به وڏي جاگيردار وڏيري يا سرمائيدار اهڙو ڪوبه اعلان نه ڪيو آهي ته سندس اوطاقون، اوتارا، گدام ۽ مال ملڪيت عوام لاءِ کليل آهن ۽ نه ئي ڪير اَن اٽي جون گاڏيون ڀري وڃي ڪئمپن تي پڄائي آيو آهي. مخالف سياستدان، سياسي ٽولا توڙي پارٽيون حڪومت تي تبصرا ڪرڻ ۽ مطالبا ڪرڻ ۽ ڪئمپن ۾ پيل اڌ مئن انسانن جو تماشو ڏسڻ ۽ فوٽو ڪڍائڻ کان سواءِ کين ٻيو ڪجهه سجهي ئي ڪو نه ٿو ۽ حڪومت توڙي اميدوار حڪومت ۽ هينئر تائين هيترا لاشا هٿ آيا آهن ۽ اڃا به هيترا هيترا ٿي سگهن ٿا ۽ آسمان جيڏو نقصان ٿيو آهي ملڪ ۽ قوم کي (انهن جو عوام سان ڪو واسطو ئي ڪونهي) هيترن اربن جي ضرورت آهي.
    ان ۾ ڪوبه شڪ ڪونهي ته تمام گهڻا پئسا ايندا جنهن مان رئيسن ۽ اميرن جا گهر ڀريا يا ڏتڙيلن جا اجها اڏبا!؟ اهو به اڀ اکين پيو ڏسجي، پر في الفور جيڪي ماڻهو ساهه بچائي سرڪاري ۽ ان شهري آبادي جي سهاري لوڊين ۽ ريلن ۾ ڀرجي خيمن ۾ اچي قيدي بڻبا آهن، جن اڄ ڏينهن تائين شهرن جي شهزادن کي اناج به کارايو آهي. ميواتون به پهچايون آهن، ڀاڄيون کير، ڪڪڙ ۽ مڇيون به کارايون آهن ۽ سندن ترقي ۽ تعمير لاءِ هڏ گڏ ڳاري ڇڏيو آهي. انهن ۾ ڪهڙي اميد ڪجي؟ ڇا اهي خدا جي خلق کي پنهنجو ڀاءُ ۽ سڄڻ سمجهي ساهن سان سيڪيندا، هيئين سان هنڊائيندا ۽ سندن بچيل جڳر جي ٽڪرن کي پنهنجن ٻچن وانگي سنڀاليندا، پنهنجي ابي امان وانگي جيءَ ۾ جايون ڏيندا يا هو اهي چئي ڪن لاٽار ڪري ڇڏيندا ته قدرت جو قهر آهي، اسان ڇا ڪريون؟ اهو سندن مقدر هو.... تنهن ڪري وڃي لوڙين.......... ڇا ضروري ناهي ته رڳو ڀت جون چار ديڳون لاهڻ ۽ ٻه ٽي سُڪي کير جا دٻا، پراڻا سراڻا لڳڙ ڏيڻ جي، حڪومت، حڪومتي ادارا، سول سوسائٽي جا سرندياڙ ماڻهو ۽ دولت مند ماڻهو پنهنجي حرام جي ڪمائي، يا ڦرلٽ جي مال مان، ايمانداري ۽ عزت سان سڀني ستايل ساسين جي مالڪي ڪن. نيڪ نيتي سان ماڻهن جي مدد ڪن ته اهي ماڻهو سڀاڻي سندن سهارا ۽ سگهه بڻجي ويندا جيئن اڄ ڏينهن تائين سندن غلامي ڪندا رهيا آهن. پر ٽي ويون ۽ اخبارون شاهد آهن ته هي سڀئي رئيس وڏيرا ۽ حڪمران طبقو شهرن کي بچائڻ لاءِ ٻهراڙين کي ٻوڙي رهيا آهن.
    اي منهنجي سنڌڙي! تون شاهد رهجئين، تنهنجي جنت جهڙي ڌرتيءَ کي عوام توڙي خواص سڀني دوزخ جي وادي ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي ۽ سندن دليون دونهاٽجي ويون آهن ۽ دماغن ۾ خود غرضي ۽ مفاد پرستي جو زهر ڀرجي ويو آهي. جن جون زندگيون عياشين ۽ فضول خرچين ۾ گذرن ٿيون.
    اي منهنجي امان سنڌ! ڇا تنهنجي باشعور، روشن خيال ترقي پسند عالمن، اديبن، شاعرن، سياستدان ۽ سماجي رهنمائن کي اڄ به هوش ڪونه ايندو. اڄ به اهي غفلت ۽ گهري ننڊ مان ڪونه جاڳندا. تنهنجي ۽ تنهنجن يتيم ۽ زمانن جي ماريل ٻچڙن جي جهريل جيون ۽ جهڳن جي سنڀال نه ڪندا!؟ اميد نه پر پڪ آهي، اڄ سنڌ جو باشعور ۽ باضمير ٻار نوجوان، ٻڍو، مرد توڙي عورت سجاڳ ٿي ويو آهي ۽ پنهنجي سڄڻ توڙي ڏڄڻ کي سڃاڻي ورتو آهي. اهي اگهور ننڊ مان ڇرڪ ڀري جاڳي پيا آهن ۽ هاڻي اها ڳالهه چٽي ٿي وئي آهي، حڪمران طبقو توڙي سندس سهڪاري ۽ حواري تنهنجن ڪمائو پٽن جا دشمن آهن ۽ پنهنجي مفادن ۽ غرضن خاطر توکي وڪڻڻ توڙي ڪهڻ لاءِ هر وقت تيار رهن ٿا!
    هي وقت آهي. هن وقت جنهن به سنڌ ۽ سنڌ جي ڏتڙيل ماڻهن سان ٻه پير ڀريا ۽ ڏڍ ڏنو اهي ئي عزت احترام ۽ حفاظت سان جِي سگهندا. ٻيا ايئن تهس نهس ٿي ويندا، جيئن سنڌوءَ ۾ لڙهندڙ ٻانڌيون ۽ ٻانڊ اولجن پيا. هاڻي سنڌ جي نئين تاريخ لکبي ۽ سڄڻ دشمن جي نئين سر رجسٽريشن ٿيندي.
    اٿي توهه طلب، وير ورنديئي ويسرا!
    سائر ڪنهن سبب، ڪالهه نه وڌئي ڪُن ۾. (شاهه)
    بشڪريه عوامي آواز
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو