سيوهڻ کان سن ۽ سن کان سچل ڳوٺ تائين

'سنڌ جا تاريخي ماڳ ۽ مقام' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏23 جنوري 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [JUSTIFY]

    17 جنوري 2011 تي لاڙڪاڻي ۾ سنڌ سلامت جي ساٿين ادا رشيد سمون ، مولوي رحيم بخش ۽ عامر ضياء چارڻ سان گڏ سائين عبدالماجد ڀرڳڙيء سان ملاقات ٿي. ان ملاقات جو ذڪر انٽرويو جي صورت ۾ جلد دوستن سان ونڊ ڪبو جيڪا ذميواري ادا رشيد سمون جي آهي.

    لاڙڪاڻي ۾ ئي سنڌ جي نوجوان شاعر رضوان گل ، احسان دانش ۽ سائين بشير احمد شاد سان به ملاقات ٿي. سائين جن جي ادبي ڪچهري واري جاء مهراڻ ادبي مرڪز به وياسون ۽ دوستن بهترين تواضع ڪئي ۽ سٺي مانجهاندي جو به انتظام ڪيو جنهن لاء سندن لک قرب.

    19 جنوري 2011 تي صبح جو سوير سچل ڳوٺ ڪراچيء لاء روانا ٿياسون ته رستي ۾ ماما تاج محمد جي فون آئي ته اسان ڪراچيء مان سيوهڻ ۽ سن لاء نڪرون پيا اوهان به مورو کان دادو طرف اچو. مان ادا رشيد سان ڳالهايو جيڪي ڳوٺ هئا ۽ ادو عامر به ڪٿي ويل هئو جنهن سبب ساڻن دادوء ۾ ملاقات ڪونه ٿي سگهي. پوء اسان سيوهڻ لاء روانا ٿياسون. دادو سيوهڻ روڊ ٻوڏ سبب ۽ ڪجه بارشن سبب هنڌان هنڌان ٽٽل هو ۽ تمام خراب ۽ ٿڪاوٽ وارو رستو هو. مان پهريون دفعو سيوهڻ وڃي رهيو هوس ان ڪري تمام گهڻو تجسس هو.

    رستي ۾ خدا آباد جي تاريخي مسجد نظر آئي ته گاڏي روڪي مسجد گهمڻ لڳاسون. خدا آباد ڪلهوڙن جي دور ۾ سنڌ جو تختگاه رهيو آهي. تمام وڏي، ڪشادي ۽ اوکي منزل تي ٺهيل مسجد جي مرمت جو ڪم هلي رهيو هو.


    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    جامع مسجد خدا آباد، دادو

    نامور ڪلهوڙي حڪمران، ميان يار محمد خان، دادو ضلعي ۾ ”خدا آباد“ مرڪز جو بنياد رکيو ۽ جيئن خاندان ترقي ڪندو ويو، تيئن مرڪز جي رونق، آرائش ۽ حسن ۾ به اضافو ٿيندو رهيو. ميان غلام شاهه جي دور تائين خداآباد جي عظمت ۾ ڪو به فرق نه آيو. عبدالنبيءَ جڏهن مير عبدالله خان ٽالپر ۽ مير فتح خان ٽالپر کي قتل ڪرايو، تڏهن ٽالپرن انتقام جي جوش ۾ اچي خداآباد تي حملو ڪيو. هنن شهر کي لُٽيو ۽ جاين کي باهه ڏئي ڇڏي. اهڙيءَ طرح 1781ع ۾ خداآباد جو شهر تباهه ٿي ويو.

    هينئر خدا آباد ۾ فقط ٻه جايون بچيل آهن: هڪڙي جامع مسجد ۽ ٻيو ميان يار محمد خان جو مقبرو.
    جامع مسجد اڄ به موجود آهي، جيتوڻيڪ پوڻا ٻه سئو سال گذري چڪا آهن، باغ علي خائف، ”نامہء نغز“ ۾ لکيو آهي ته ”جڏهن هيءَ مسجد جوڙي وئي، ته منجهس نقاشيءَ جو ڪم نهايت عمدو ڪيو ويو. قبو ايترو بلند ٺهرايو ويو، جو آسمان سان وڃي مليو. چٽساليءَ جي ڪم ۾ شنگرف گهڻو استعمال ڪيو ويو. هن کي بيت المقدس ته نٿو چئي سگهجي، پر اُتي هر وقت ذڪر ٿيندو رهي ٿو. نحو ۽ صرف جا استاد، عربيءَ جي تعليم ۽ تدريس ۾ مشغول آهن. صحيح بخاري پڙهائي وڃي ٿي. حافظ قرآن جي تلاوت ڪندا رهن ٿا، ۽ ذاڪر تسبيح ۾ مصروف آهن.“
    هينري ڪوزنس جي بيان مطابق ”هيءَ مسجد ميان يار محمد خان ڪلهوڙي ٺهرائي هئي. هن جا ٻه حصا هئا: هڪڙو اسي فوٽ ڊگهو ۽ ايڪيهه فوٽ ويڪرو، ۽ ٻيو اسي فوٽ ڊگهو ۽ پنجويهه فوٽ ويڪرو. اُچائي چوٽيهه فوٽ هئي. ٻاهرئين دروازي تي، ٻنهي پاسن ڪاشيءَ جو نهايت دلاويز ڪم ٿيل هو. چٽساليءَ جي ڪم ۾ هن کان اڳ تڪلف ۽ بناوت کان ڪم ورتو ويندو هو، ميان صاحب انهيءَ پراڻي طريقي کي ترڪ ڪري نئون طريقو اختيار ڪيو ۽ مسجد ۾ جيترو به ڪاشيءَ جو ڪم ڪرايو، ان جي اصليت جي شان کي قائم رکيو.“

    تاريخ ڪلهوڙا، حصه 2 (ص 973- 974)
    (سلائيڊ: بشڪريه شاهنواز بابر سومرو، سنڌ هسٽاريڪل ائنڊ ڪلچرل سوسائٽي، ٽنڊوآدم)


    اتان ٻيهر گاڏين ۾ روانا ٿي سيوهڻ شهر پهتاسون ۽ گاڏي بودلي بهار جي درگاه نشين ميان اختر جي گهر سامهون پارڪ ڪئي سون ته ڪراچيء مان به دوست اچي پهتا ۽ انهن به گاڏي اتي ئي بيهاري. اتان سڌو بودلي بهار جي مقبري تي آياسون جيڪو ٻيهر ٺهرائي ان تي تمام سٺو تزئين ۽ آرائش جو ڪم ڪيو ويو آهي.

    بـــــودلـــــو بــهــــار رح
    [1238ع – 1298ع]
    حضرت قلندر لعل شهباز سيوهاڻي رح جي خاص خدمتگارن مان، ملتاني درويش مخدوم بودلو سڪندر عرف ”بودلو بهار“ ولد ديندار خان چنيهو، وڏو عالم ۽ متقي انسان ٿي گذريو آهي. سندس جنم 602 هه مطابق 1238ع ۾ ”اچ شريف“ (ملتان) ۾ ٿيو ننڍپڻ کان ئي صوفي بزرگن جي صحبت ۾ رهندي، الله وارن جو طالبو رهيو. جوانيءَ ۾ سندس ملاقات، سيد محمد عثمان مروندي رح (1187ع – 1299ع) سان ٿي؛ جنهن حڪم ڪيس، ته سنڌ طرف سيوهڻ شريف ڏانهن هليو وڃ، جتان توکي منزل ملندي.
    بودلو سڪندر، ڦوه جوانيءَ ۾ ئي سيوهڻ شريف پهتو. شروعات ۾ ديني درس ڏيندو رهيو، پر پوءِ حال کان بي حال ٿي، دنيا جا لڳ لاڳاپا لاهي، راتيان ڏينهان روحاني رهبر جو متلاشي رهيو. انهيءَ ذڪر فڪر واري ڪيفيت ۾ اڪثر اگهاڙو رهيو.
    چوڻ ۾ اچي ٿو ته سيوهڻ ۾، سڪندر اعظم (356ق-م/323ق-م) جي ٺهرا يهل قلعي جي ٻاهران هڪ گهاٽي کٻڙ جي وڻ هيٺان، جيئن ئي پنهنجي شغل ۾ رڌل رهيو، ته راجا جيسر (جيڪو ”چرٻت راجا“ جي نالي سان مشهور هو) ، جي ڌيءَ سينا، ماڙيءَ مان کيس ڏٺو - جا ڳالهه واٽهڙن وائکي ڪري ڇڏي. پوءِ ته راجا جيسر، بنا ڪنهن سوچ ويچار جي، ڳوٺ جي ظالم ”حنود ڪاسائيءَ“ کي گهرائي، سندس ٻانهن حوالي ڪئي.

    حنود، مست بودلي کي دعوت جي بهاني دوکي سان گهر نيئي، ڪهي ڇڏيو. مڄاڻ ڪو انهيءَ ڏينهن ، لعل شهباز سائين به اچي سيوهڻ ۾ سهڙيو. تنهن جيئن جو بودلي کي سڪ مان وڏي واڪي سڏ ڪيو، ته بودلي جا هڏا ۽ ماس، جيڪي ٽڙيا پکڙيا پيا هئا، پاڻ ۾ ملي ويا. پوءِ ته سندس رڳ رڳ مان ”جي مرشد“ جو آواز پئي نڪتو. هي واقعو 694 هه (1298ع) جو آهي.

    روايت آهي ته حنود، جيڪو گوشت ماڻهن ۾ ٻوٽيون ٻوٽيون ڪري وڪيو هو، ان کي ڪن ماڻهن کاڌو هو. جڏهن لعل سائينءَ جي امر سان بودلي جو سمورو جسم ٺهي ويو، ته مٿي تي ٿورو گوشت کٽل هو، جيڪو ماڻهن کاڌو هو. لعل سائينءَ کي اها ڳالهه پسند نه پئي؛ جنهن ڪري انهن گوشت کاڌل ماڻهن جي مغز مان اهي ٻوٽيون ٺڪاءُ ڪري ٻاهر اچي بودلي جي جسم سان مليون. چون ٿا، ته انهن جي مغز ۾ اها کڏ رهجي ويئي، جيڪا اڃا سندن نسل در نسل ۾ هلندي پئي اچي.

    قلندر سائينءَ کي البته مٺيان لڳي، مگر ظاهري طرح صبر کان ڪم وٺي: بودلي کي قلعي جي اترين طرف ڪوٽ جي ڀرسان دفنايائونس.

    بودلو، قلندر لعل شهباز جي پيارن طالبن مان هڪ هو. کانئس ڪيتريون ئي ڪرامتون سرزد ٿيون. بودلائي فقيرن جي طريقت سان وابسته آهي. سيد علي سرمست (جنهن جي مزار قلندر لعل شهباز جي روضي جي ٻاهران موجود آهي)، سندس وزير هو. بودلي جي مزار تي پٿر جو ڪٽهڙو جڙيل آهي. سندس مريد ڳاڙهو ويس پهريندا آهن، جيڪي هر روز پيرن ۾ ڇيرون ٻڌي، قلندري ڌمال قائم ڪندا آهن. بيک مڱڻ وٽن عيب آهي. البته ڪيترا زائرين، خادمن ۽ مجاورن جي نيت سان کين نذرانا به ڏئي ويندا آهن، جن مان هو گذر سفر ڪندا آهن.

    مست بودلي سڄي عمر ۾ شادي ڪانه ڪئي ۽ مجرد رهيو. سندس نالي پٺيان سيوهڻ شريف ۾ ”بودلي جي ڪافي“ به سڏجي ٿي.
    ( ڪتاب جو نالو : عظيم سنڌي انسان ، سهيڙيندڙ : ميمڻ عبدالغفور سنڌي )



    پوء عثمان مروندي المعروف لعل شهباز قلندر جي مزار تي حاضري ڀري ۽ پنهنجي لاء ، دوستن لاء ، سنڌ ۽ سنڌ سلامت لاء خاص دعائون گهريون.


    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    حضرت قلندر لال شهباز به انهن بزرگ هستين مان هڪ هو، جنهن جي پاڪائي، نيڪي ۽ زهد و رياضت، سنڌ کي اڇو اُجرو ڪري ڇڏيو آهي. چون ٿا ته سندس اصل نالو عثمان هو ۽ لال شهباز قلندر سندن لقب هو. پاڻ آذر بائيجان جي مروند ڳوٺ ۾ پيدا ٿيا هئا. اتي ئي تعليم و تربيت حاصل ڪيائون، جڏهن جوان ٿيا ته ان وقت جي مشهور بزرگ بابا ابراهيم جا مريد ٿيا، ان کانپوءِ، حج بيت الله ۽ ٻين پاڪ زيارتن لاءِ سير و سفر تي نڪتا، جتان هندستان ۾ آيا ته ملتان ۾ اچي رهيا. ملتان ان زماني ۾ نيڪ ٻانهن جو مرڪز هو. حضرت قلندر شهباز ۾ خدا جي ذڪر ۽ روحانيت جو ايڏو جذبو هوندو هو جو قلندرانه مستيءَ ۾ محو هوندا هئا. ان ڪري ملتان جي هڪ قاضي قطب الدين سندن خلاف فتويٰ ڏني. جنهن تان پاڻ ڪاوڙجي شيخ بهاؤالدين ذڪريا ڏانهن دانهن کڻي ويا پر شيخ ذڪريا جي هڪ نگاهه قلندر جي گرميءَ کي ٿڌو ڪري ڇڏيو ۽ کين پنهنجي رشد و هدايت جي حلقي ۾ شامل ڪري ڇڏيو ۽ کيس شهباز قلندر جو لقب ڏنو. ان کانپوءِ حضرت شيخ شرف الدين بو علي شاهه جن جي هدايت تي سنڌ ڏانهن دين جي تبليغ لاءِ روانا ٿيا. لال شهباز قلندر سندن راءِ مڃي سنڌ ڏانهن روانا ٿيا.

    ان دور ۾ سيوهڻ، سنڌ جي براين جو وڏو مرڪز هو، ماڻهو شرڪ ۽ بت پرستيءَ جهڙين جهالتن جا غلام بنجي چڪا هئا. نيڪي، سندن ڪنن ۾ شيهو پلٽائي ڇڏيو هو، ان ڪري حضرت قلندر جن، سيوهڻ ۾ ئي رهڻ جو ارادو ڪيو ۽ اتي پهچڻ کانپوءِ قلندر لال شهباز جن محبت، اخلاق ۽ نيڪي جا اهي واهڙ وهايا، جو ماڻهن جي دلين تان برائي ۽ بڇڙائيءَ جو ڪٽ لهڻ لڳو ۽ سندن سينو سچائي جي آئيني وانگر چمڪڻ لڳو. اهي پنهنجي گناهن کان توبهه تائب ٿيا. ڪفر ۽ شرڪ جي اونداهه مان نڪري ايمان ۽ اسلام جي روشنيءَ ۾ الله جي عبادت ۾ مشغول ٿي ويا. سيوهاڻين ۽ سندس مريدن جو پنهنجي مرشد حضرت قلندر شهباز ۾ ايڏو عقيدو وڌي ويو، جو هو سندس عشق ۾ پچڻ ۽ نچڻ لڳا. چيو وڃي ٿو ته حضرت عثمان جن سيوهڻ ۾ فقط ڇهه سال قيام ڪيو ۽ ان ٿوري عرصي ۾ دين جي تبليغ جو ايڏو ڪم ڪيائون جو هوند سئو سالن ۾ به نه ٿي سگهي.

    حضرت شهباز قلندر سنه 673 هجري ۾ 112 ورهين جي ڄمار ۾ وفات ڪئي. سندن روضو پهريائين سلطان فيروز تغلق جي ڏينهن ۾ جڙيو، ان جي مزار جاني بيگ جي وفات کانپوءِ مرزا غازي بيگ مرمت ڪرائي، اها مرمت ڪلهوڙن جي دور تائين جدا جدا حاڪمن جاري رکي. هن وقت شهنشاهه ايران وٽان مليل تحفي طور سونو دروازو قلندر شهباز جي درگاهه تي لڳايو ويو آهي.


    اتان شام جو دير سان سن لاء نڪتاسون ۽ سائين گي ايم سيد جي مزار تي حاضري ڀريسون. سائين جي قبر تي اڪريل شعر جا ڪجه نُڪتا ۽ اکر غائب نظر آيا جيڪي سنڌي قوم کان نه ٿا لڳي سگهن۔ ٻه ڏينهن اڳ ئي سيد جي سياسي وارثن ڪيترن ئي ٽولن ۾ اچي الڳ الڳ ميڙاڪا ڪيا ۽ تقريرون ڪيون پر ڪنهن جو به شايد ان طرف ڌيان ڪونه ويو۔ سائين جي قبر جي چوڌاري لڳل ڇٻر کي ايترو ته گهڻو پاڻي ڏنو ٿو وڃي جو اهو اوور ٽاپ ڪري ٿو وڃي جنهن ڪري قبر جو پٿر به ڪجه هنڌن کان ٽٽل نظر آيو۔ مسافرن ۽ حاضري ڀريندڙن لاء پاڻيء جو به ڪو جو ڳو بندوبست ٿيل ڪونه هئو۔ پنهنجي سموري زندگي سنڌ ۽ سنڌين لاء ارپيندڙ سائين جي ايم سيد کي اسان ايترو جلد وساري ويٺا آهيون يا وري تنگ نظر ٿي ويا آهيون ۔۔۔۔۔۔


    [​IMG]

    [​IMG]


    جيئي سنڌ تحريڪ جو باني جي ايم سيد، (1904ع - 1995ع) شهيد مخدوم بلاول جي خليفي سيد حيدر شاهه سنائيجي نسل مان 17 جنوري 1904ع تي سن ۾ سيد محمد هاشم جي گهر سيد غلام مرتضى شاهه المعروف جي ايم سيد جو جنم ٿيو. ‏ جي ايم سيد شروعاتي سنڌي، ماستر ڌرمداس، ماستر ريوا چند ۽ ماستر وسڻ مل وٽ پڙهيو، عربي ۽فارسي جي تعليم محمد هاشم سنائي مولوي محمد صالح سيال ۽ الهه بخش دادويءَ کان حاصل ڪيائين قرآن شريف آخوند ميان سمن ميمڻ وٽ پڙهيو ۽ انگريزي حامد علي هالائي کان سکيائين. مٽياري سيدن جو هي ڪامل سپوت هڪ ئي وقت سياستدان، سماجي ورڪر، اديب، عاشق، مفڪر، فلسفي، صوفي، تعليمي ماهر ۽ منتظم هو. مطلب تھ سندس شخصيت جا ڪيترا ئي رخ آهن.

    ‏جي ايم سيد سياست کان سواءِ عام سماجي ڀلائيءَ ڀلائي جا ڪم پڻ ڪيا. 1920ع ڌاري، يعني 16 سال جي ڄمار ۾خلافت ڪانفرنس لاڙڪاڻي ۾ حڪيم معين الدين کنيارين واري سان گڏجي شريڪ ٿيو. جنهن کان هڪ مهينو پوءِ سن ۾ حڪيم فتح محمد سيوهاڻي جي صدارت ۾ خلافت ڪانفرنس منعقد ڪيائين. 1924ع ۾ انجمن سادات مٽياريءَ جو بنياد وڌائين. 1925ع تعلقي لوڪل بورڊ مانجهند جو رڪن ۽ پوءِ صدر بڻيو. 1929ع ۾ ضلعي لوڪل بورڊ ڪراچي جو وائس پريزيڊنٽ ۽ ڪجهه وقت لاءِ پريزيڊنٽ پڻ چونڊجو. ان عرصي ۾ ڪيترائي عام ڀلائي جا ڪم پڻ ڪندو رھيو. جن ۾ غريب شاگردن ۾ تعليم عام ڪرڻ، رستا ۽ اسپتالون ٺهرائڻ، سن اسٽيشن تائين پڪو رستو ٺهرائڻ، زنانا ۽ مرداڻا اسڪول کولڻ، ڪراچي کان ڪوٽڙي ۽ ڪوٽڙي کان منگهي پير تائين پڪا رستا ٺهرائڻ ۽ ڪراچي جي لوڪل بورڊ عمارت ٺهرائڻ شامل آهن. 1930ع ۾ ميرپورخاص ۾ دوستن سان گڏجيهاري ڪاميٽي جو بنياد رکيائين. 1937ع ۾ سنڌ اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو ويو ۽ 1938ع ۾ مسلم ليگ ۾ شامل ٿيو. 1940ع ۾ آل انڊيا مسلم ليگ جي مجلس عامله جو رڪن بڻايو ويو. 3 مارچ 1943ع تي سنڌ اسيمبلي‏ءَ مانپاڪستان جو ٺهراءُ منظور ڪرايائين. قائداعظم سان اصولي اختلاف ڪرڻ ڪري مسلم ليگ مان خارج ڪيو ويو.

    ‏ان کان پوءِ عوامي پارٽي ۽ عوامي محاذ جوڙيائون. 1955ع ۾ ون يونٽ ٺهيو ته ان خلاف جدوجهد جي جرم ۾ کين گرفتار ڪري جيل موڪليو ويو. 1956ع ۾ اولهه پاڪستان اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويو. 10 آڪٽوبر 1958ع جي مارشل لا ۾ کين گرفتار ڪيو ويو. جي ايم سيد شروع کان وٺي هر پليٽ فارم تي سنڌجي مفاد کي مقدم رکيو. پاڪستان ٺهڻ بعد سنڌ ۽ سنڌين جي صورتحال وڌيڪ ابتر ٿيندو محسوس ڪندي ”جيئي سنڌ“ جو نعرو اختيار ڪيائين. 4 مارچ 1972ع تي ”سنڌوديش“ لاءِ جدوجهد جو اعلان ڪيائين ۽ جيئي سنڌ محاذ نالي نئين پارٽي جو بنياد پيو. جي ايم سيد جي تحريرن ۽ تقريرن نئين نسل ۾ سنڌ لاءِ لازوال محبت پيدا ڪئي. شاگرد ۽ نوجوان وٽس پتنگن وانگر گڏ ٿي ويا. تعليمي لوڪل بورڊ مانجهند واري زماني ۾ محال مانجهند جو تعليمي پروگرام جوڙيائون. 1940ع ۾ سنڌ جا وزير تعليم ٿيا ته ”سنڌ يونيورسٽي“ جي قيام لاءِ ڪاميٽي مقرر ڪيائون ۽ ”سينٽرل ايڊوائيزري بورڊ آف ڪنٽرول فار سنڌي لٽريچر“ قائم ڪيائون. بعد ان کي خودمختيار ”سنڌي ادبي بورڊ“ جي حيثيت ڏياريائون.

    ‏مصروف سياسي ۽ سماجي زندگي مان مطالعي ۽ لکڻ لاءِ باقائده وقت ڪڍندو هو. سندن لائبرري سنڌ جي شاندار ڪتب خانن ۾ شمار ٿئي ٿي. پاڻ مذهب،تصوف، سياست، تاريخ، جاگرافي ۽ شخصيات سميت مختلف موضوعن تي 60 کان وڌيڪ ڪتاب لکيائون. پهريون ڀيرو ”پيغام لطيف“ لکي شاهه لطيف ڀٽائي جي شاعري جا انيڪ نوان رخ سامهون آندائين. سندن اهم ڪتابن ۾ پيغام لطيف، خطبات سيد، پنهنجي ڪهاڻي پنهنجي زباني، ديار دل داستان محبت، جيئن ڏٺو آهي مون، سنڌوديش ڇو ۽ ڇا لاءِ، جديد سياست جا نو رتن، سنڌو جي ساڃاهه، جنب گذاريم جن سين، رهاڻ، پاڪستان هاڻ ٽٽڻ گهرجي، رهاڻ ۽ ساهڙ جا سينگار وغيره شامل آهن. سندن اڪثر ڪتابن تي سرڪار بندش هڻي ڇڏي هئي. ”سنڌ ڳالهائي ٿي“ سندن آخري تصنيف آهي.

    ‏جي ايم سيد ھڪ صوفي ۽ ڪميونسٽ هو. مذهبي تنگ نظريءَ جو مخالف ۽ تصوف جو پرچارڪ هو. سنڌي ثقافت ۽ راڳ توڙي موسيقيءَ جو ڀرجهلو هو. سندن خيال هو ته سنڌ جي صوفين وٽ عالمي امن ۽ ترقيءَ لاءِ هڪ عالمگير پيغام موجود آهي. جنهن کي منظم نموني ڦهلائڻ جي ضرورت آهي. ”بزم صوفياءِ سنڌ“ جو قيام ۽ سن ۾ ٿيندڙ ڪچهريون، جتي سيد دنيا جي هر موضوع تي ڳالهائيندو هو. جي ايم سيد صوفي روايت جو ڪامل امين هو. ”ديار دل داستان محبت“ ۽ ”جيئن ڏٺو آهي مون“ عشق ۽ تصوف جي موضوع تي سندن مستند تصنيفون آهن.
    ‏ھُو پنهنجي ايڪانوي سال ڊگھي ڄمارَ ۾ ٽيهن سالن کان وڌيڪ عرصي لاءِ جيل يا نظربنديءَ ۾ رهيو. هن جو پرچار ھو تھ سنڌ هزارين سال قديم ثقافت جي مالڪ آھي، جنھن کي آزاد ملڪ رھڻ جو حق حاصل ھوڻ گھرجي ۽ سنڌ کي هڪ آزاد، سيڪيولر، سوشلسٽ ۽ انسان دوست ديس بڻجڻ گھرجي. 25 اپريل 1995ع تي جي ايم سيد وفات ڪري ويو پر سندس پيغام اڄ به سڄي دنيا جي سنڌين لاءِ مشعل راهه آهي.

    سائين جي ايم سيد، پنهنجي ذات م هڪ اڻ کٽ هستي آهن، سائين جي ايم سيد پنهنجي وجود ۾ لامحدود آهن. بيشڪ سائين جي ايم سيد جو محور سنڌ رهي آهي پر سائين جي ايم سيد مظهر ڪائنات آهي ۽ سندس مدار سڄي عالم انسانيت آهي. سائين جي ايم سيد جو فڪر ۽ پيغام سڄي عالم لاءِ راه نجات آهي . سائين جي ايم سيد جو فڪر سنڌ جي هزارن سالن جي تهذيب ۽ تمدن جو فطري نچوڙ آهي، جنهن کي آفاقي شاعر شاه عبدالطيف ڀٽائي پَرکيو هئو ۽َ سائين جي ايم سيد ان ساڳي فڪر ۽ پيغام کي وِ رکيو. اهو پيغام مذهبي، نسلي، لساني،قومي، گروهي، فرقيوارنه تضادن ۽ ڇڪتاڻن جو حل آهي ، جنهن لا سڄي عالم انسانيت واجها ئي رهي آهي، جيڪو سنڌ ڌرتي جي هزارن سالن کان تهذيب بڻجي رهيو آهي ۽ سنڌ جي صوفين، ملنگن ، مستن، درويشن ۽ عام ماڻهن جو ڪامل ايمان ٿي رهيو آهي، سائين جي ايم سيد وٽ سنڌوديش ذريعي سڄي عالم انسانيت لاءِ اهو فڪر ۽ پيغام آهي.
    (وڪي پيڊيا تان ورتل )


    [​IMG]

    شام جو دير سان سن مان نڪري سچل ڳوٺ لاء روانا ٿياسون. سچل ڳوٺ پهچندي رات جا ساڍا ڏھ ٿي ويا. هن پوري سفر دوران روڊ تي ڪا ڍنگ جي هوٽل نظر ڪونه آئي جتي ويهي مانيء جا ٻه گرھ کائجن يا چانھ پيئجي. جڏهن ته نيشنل هاء وي تي حيدرآباد کان گهوٽڪيء تائين بيشمار ۽ سٺيون هوٽلون ملن ٿيون.

    [/JUSTIFY]
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سيوهڻ کان سن ۽ سن کان سچل ڳوٺ تائين

    [justify]سائين محترم وساڻ صاحب، اصل دل خوش ڪري ڇڏي اٿوَ جو سنڌ جي سير به ڪرايو اٿوَ، مٿان وري ٽي ڪارائتا مضمون به ونڊ ڪيا اٿوَ ۔۔۔ ڪڏهن ڪڏهن مونکي اوهان دوستن سان حسد ٿيندو آهي ته اوهان سنڌ جهڙي جنت ۾ گهمندا وتو ۽ آ پرديس ۾ ۔۔۔ جيتوڻيڪ الله جا لک شڪر آهن جو آ مڪي پاڪ جهڙي شهر ۾ آهيان جيڪو دنيا جو ام القري آهي، (ڳوٺن جي ما) پر پو به پنهنجو ملڪ جت انسان پئدا ٿيندو اهي انجي سڪ سلالي هوندي آهي ۔۔۔

    اوهانجو هي سفرنامو انتهائي سهڻو لڳو ۔۔۔ هن سفرنامي ۾ سنڌ جي سڄڻ ۽ دوست مرحوم جي ايم سيد تي لکيل مضمون پڻ انتهائي سهڻو لڳو ۔۔۔

    اوهانجي مٿي ڏنل ڳالهه کان تعجب ٿيو ته پاڻکي ايترا وڏا قومپرست ۽ جي ايم جا چاهيندڙ ۽ پاڻکي جي ايم جا پوئلڳ سڏرائيندڙ تازو ان قبر تان ٿي ويا آهن، پر کين ايتري جرات نه ٿي ته ان نشان جي مرمت ڪرائي سگهن ۔۔۔!!!

    اهڙا ماڻهون جيڪي ان جي نظرئي جي سبب ڪروڙپتي ٿي ويا ۽ ان جي نظرئي جو غلط استعمال ڪري پاڻکي الائي ڪٿان کان ڪٿي وڃي پهتا آهن، انهن جي حالت اها آهي ۽ هليا آهن سنڌ کي ٺاهڻ ۔۔۔؟ عجب ڳالهه آهي ۔۔۔

    ٻي ڳالهه جي ايم سيد سان مٿي مضمون ۾ لکي وئي آهي ته سائين صوفي ۽ ڪميونسٽ هو، انلا عرض آهي ته صوفي ۽ ڪميونسٽ ۾ فرق آهي ۔۔۔ صوفي وحدت الوجود جو مڃيندڙ آهي، صوفي رب جي ذات ۾ ايمان رکندڙ هوندو آهي، جڏهن ته ڪميونسٽ، مادي پرست هوندو آهي ۽ انجو الله جي ذات ۾ ايمان ناهي هوندو ۔۔۔ انڪري جي ايم سيد کي ڪميونسٽ چوڻ غلط آهي، ها جي ايم سيد سوشل ازم جي تتبع تي شاهه عنايت شهيد جي ” جيڪو کيڙي سو کائي“ واري نظرئي جي پوئلڳي ڪندي سنڌ جي اقتصادي نظام کي قائم ڪرڻ ٿي گهريو ۔۔۔ جنهن ۾ جاگيرداريون ۽ سرمائيداريون ختم ڪري هر هڪ کي جيئڻ جو سامان ميسر ڪيو وڃي ۔۔۔

    پر مجموعي طور تي سنڌ جي محترم سائين جي ايم سيد کي ڪميونسٽ چوڻ غلط آهي، ڇاڪاڻ ته جي ايم سيد ڪميونسٽ نظرئي کي پڻ هڪ هٽي وارو نظريو چئي ظالماڻه نظام چوندو هو ۔۔۔ انجو آ پاڻ شآهد آهيان ۽ سندس لکڻيون ۽ ڪتاب پڻ شاهد آهن ۔۔۔

    لک ٿورا سائين وساڻ صاحب تمام سهڻو سفرنامو ونڊ ڪيو اٿوَ ۔۔۔ هاڻ اوهان سنڌي ادب جي ٻي هڪ صنف لکڻ جو شرف حاصل ڪري ورتو آهي ۔۔۔ ” سفرنامه” لکڻ جي صنف جو ۔۔۔ واڌايون۔

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
    [/justify]
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: سيوهڻ کان سن ۽ سن کان سچل ڳوٺ تائين

    واھ ادا سليمان تمام زبردست ۽ ان سان گڏ اوهان جو ڏنل تفصلي احوال تمام بهترين۔
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سيوهڻ کان سن ۽ سن کان سچل ڳوٺ تائين

    سائين نثار اوهان جا لک ٿورا جو اوهان منهنجي هن ننڍڙي ڪوشش تي پنهنجا خوبصورت الفاظ نڇاور ڪيا۔ سائين جي ايم سيد جي محبت ۽ ڇڪ مونکي اتي وٺي وئي شايد مان ان ڪري اهي ننڍيون ڳالهيون نوٽ ڪيون جيڪي اسان واپسيء ۾ به ڪندا آياسون۔

    سائين جي حوالي سان لکيل هي ليک منهنجو ذاتي ڪونهي مان وڪيپيڊيا تان جيئن هيو ايئن ئي پيش ڪيو جنهنجو مون حوالو پڻ ڏنو آهي۔ اوهان جي ڏنل تفصيلن کانپوء اسان جي به رهنمائي ٿي ۽ يقينن پڙهندڙ دوست به پنهنجي راء ڏئي سگهن ٿا۔

    باقي اوهان منهنجي هن ليک کي سفرنامو ڪوٺيو آهي جڏهن ته مون ته اوهان سان هڪ حال احوال ونڊ ڪيو آهي۔ همٿ افزائيء لاء اوهان جا ٿورا
     
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سيوهڻ کان سن ۽ سن کان سچل ڳوٺ تائين

    ڀاء عاشق اوهان جي مهرباني
     
  6. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: سيوهڻ کان سن ۽ سن کان سچل ڳوٺ تائين

    ادا وساڻ صاحب يار اوهان جي مضمون جي ڇا داد ڏئي ڇا داد ڏجي . بهترين ۽ جانڪاري سان شاهڪار ونڊ لاءِ اوهان جا لک ٿورا . سنڌ سڳوري جي اصل سير ڪرائي ڇڏي اوهان . مضمون ۾ ڪميونزم جو تذڪرو ڇڙيو سو مان به هن تي مضمون لکيان پيو اوهان جي ونڊ ڏسي سوچيم ته اڌ ۾ ڪٽي ونڊ ڪجي باقي حصي کي وري ڪنهن ٻي دفعه ونڊ ڪبو
    مضمون لاءِ هتي ڪلڪ ڪندا
     
  7. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: سيوهڻ کان سن ۽ سن کان سچل ڳوٺ تائين

    تمام بهترين انداز سميت تصويرن ۽ موضوعن جي بهترين سفرنامون لڳي رهيو آهي۔۔۔ جنهن ۾ دادو جهڙي قديم ضلعي ۽ اتان جي خوبصورت نظارن، درويشن ۽ ماڳن جو ذڪر ڪرڻ سان گڏو گڏ هتان گذرندڙ مسافرن سان پيش ايندڙن مسئلن جي ڳالهه پڻ ڪيوَ۔۔۔
    ضياء دور کان پوءِ هر دور ۾ هتان جا سياستدان وزير ايسيتائين جو وزيرِ اعلى به رهيا پر دادو ضلعي جي حالت بدلائي نه سگهيا۔۔۔ قلندر جي مزار هجڻ ڪري ته هن ضلعي جي خاص اهميت آهي۔۔۔ پر افسوس جو حڪومت روڊن رستن کي ئي بهتر نه ڪري سگهي آهي۔۔۔ هر سال قلندر جي ورسي تي ڪيترائي روڊ ايڪسيڊنٽ ٿيندا رهيا آهن۔۔۔ روڊ ته اڳي ئي خراب هو مٿان رهي سهي ڪسر ٻوڏ به پوري ڪري ڇڏي پر حڪومت يا ان ۾ موجود دادو جا وزير اڃان به غافل آهن۔۔۔۔
    جيتري قدر مٿي سائين جي ايم سيد جي آرٽيڪل ۾ سائين نثار ابڙو جو نقطو اٿارڻ جو سوال آهي ته دوستن کي ٻڌائيندو هلان ته وڪي پيڊيا هڪ اوپن سورس آهي ۔۔۔ هتي اها سهولت موجود آهي ته ڪو به اچي اڳي کان موجود آرٽيڪلز کي ترميم ڪري يا وري نوان آرٽيڪل موڪلي ۔۔۔۔ وڪي پيڊيا کي سنڌي ترجمون ڏيندڙ وٽ ڪافي اختيار موجود آهن ته هو ڪنهن به آرٽيڪل کي هٽائي يا مٽائي سگهي ٿو۔۔۔ سنڌي وڪي پيڊيا کي سنڀاليندڙ کان اڳ به ڪنهن شڪايت سنڌ سلامت کي موڪلي هئي۔۔۔ بحرحال ادا سليمان توهان سائين جي ايم سيد جي آرٽيڪل جو لنڪ به موڪليو ته جيئن سائين نثار ابڙو جن لنڪ جو ڦيرو ڀري آرٽيڪل ۾ ضروري ترميم ڪري سگهن۔۔۔۔
     
  8. غلام قاسم تسنيمي

    غلام قاسم تسنيمي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    225
    ورتل پسنديدگيون:
    156
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    علم پرائڻ ۽ پکيڙڻ
    ماڳ:
    ڪوٽڙي
    جواب: سيوهڻ کان سن ۽ سن کان سچل ڳوٺ تائين

    ادا وساڻ صاحب هن پياري ۽ محبتي ليک جي ونڊ تي اوهان جي مهرباني، دادو ضلعو تاريخي مقامن، عظيم هستين۔۔۔۔۔۔۔۔جو مرڪز رهيو آهي۔ هڪ دفعو وري اهڙي جدوجهد ۽ محنت تي ٿورا اوهان جا۔ اصل روح ريحان ڪري ڇڏيو۔
     
  9. محمد رمضان منڌرو

    محمد رمضان منڌرو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2010
    تحريرون:
    762
    ورتل پسنديدگيون:
    39
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    پڙهائي
    ماڳ:
    ڀڳڙاميمڻ بدين
    جواب: سيوهڻ کان سن ۽ سن کان سچل ڳوٺ تائين

    بهترين ادا
     
  10. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سيوهڻ کان سن ۽ سن کان سچل ڳوٺ تائين

    سائين چوهاڻ صاحب اوهان جي مهرباني

    اوهان جو ليک مون پڙهيو آهي ، بهترين ۽ ڄاڻ وارو مضمون آهي

    اوهان کي هڪ گذارش ڪندس ته مضمون قسطوار ونڊ ڪرڻ جي بجاء ڪوشش ڪري پورو ونڊ ڪندا ڪريو ته جيئن ان تي رايا ڏيڻ ۾ ۽ سمجهڻ ۾ آساني ٿي۔

    هڪ دفعو ٻيهر مهرباني
     
  11. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سيوهڻ کان سن ۽ سن کان سچل ڳوٺ تائين

    ادا رشيد مهرباني

    هڪڙي ننڍڙي ڪوشش ڪئي اٿم ته جيئن تصويرن سان گڏ شخصيتن جي ڄاڻ ۽ علائقي جي باري ۾ به ڪجه تفصيل پيش ڪجن۔ دوستن جا قرب جن منهنجي هن ڪوشش کي ساراهيو آهي۔

    ٻوڏ جي تباهڪارين جا ڇڏيل نشان ۽ مٽيل گهر واضح نظر اچي رهيا هئا۔ دعا آهي ته سنڌي ماڻهو ٻيهر بحال ٿي ۽ همت ڪري پنهنجي پيرن تي بيهن۔

    وڪيپيڊيا جي لنڪ لاء هت ڪلڪ ڪري اوهان يا سائين نثار ابڙو هن ليک کي ترميم ڪري سگهو ٿا۔
     
  12. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سيوهڻ کان سن ۽ سن کان سچل ڳوٺ تائين

    سائين رشيد صاحب جي يادهاني کانپو آ ان سائيٽ ۽ گهربل مقالي تي وڃي پهتو هيس ۽ خاص ان لفظ جي ترميم ڪري ڇڏي هئي ۔۔۔ لک ٿورا ۔۔۔
     
  13. جواد رضا

    جواد رضا
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 جنوري 2010
    تحريرون:
    508
    ورتل پسنديدگيون:
    111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    ڌنڌو:
    لکڻ ۽ پڙهڻ
    ماڳ:
    شهدادپور
    جواب: سيوهڻ کان سن ۽ سن کان سچل ڳوٺ تائين

    ادا تمام بهترين سفرنامو ۽ زندگي جو هڪ يادگار لمحو پيش ڪيو اٿو انهي تي اوهان بلڪل جس لهڻو سائين۔
     
  14. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سيوهڻ کان سن ۽ سن کان سچل ڳوٺ تائين

    سائين تسنيمي صاحب مهرباني

    دادو واقعي تاريخي مقامن ۽ عظيم شخصيتن جو مرڪز رهيو آهي۔ ضياء جي مارشلا جي دور ۽ ايم آر ڊيء جي تحريڪ دوران دادو جي ماڻهن جي سخت مزاحمتي تحريڪ سبب دادو ويٽنام جي نالي سان مشهور ٿيو هو ۽ بي بي سيء جي مشهور رپورٽر مارڪ ٽيلي پاڻ دادوء کي سنڌ جو ويٽنام سڏيو هو۔
     
  15. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: سيوهڻ کان سن ۽ سن کان سچل ڳوٺ تائين

    سائين سليمان وساڻ صاحب

    لک ٿورا توهان جا جو توهان اسان کي اهڙي بهترين انداز ۾ ٽئي آرٽيڪلن سان گڏ پنهنجون تصويرون به شيئر ڪيون ۽ ان سان گڏوگڏ لک ٿورا پڻ سائين نثار ابڙي صاحب جا جن ڪميونزم جي حوالي سان وضاحت ڪئي

    ادا توهان لاڙڪاڻي ۾ سڀني دوستن سان مليو تمام سٺي ڳالهه ٿئي

    توهان جو هي ٿريڊ معلوماتي به آهي


    جزاڪ الله ادا

    سدائين گڏ
     
  16. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سيوهڻ کان سن ۽ سن کان سچل ڳوٺ تائين

    ادا مهرباني پسند ڪرڻ جي
     
  17. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سيوهڻ کان سن ۽ سن کان سچل ڳوٺ تائين

    ادا مهرباني پسند ڪرڻ جي
     
  18. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سيوهڻ کان سن ۽ سن کان سچل ڳوٺ تائين

    مهرباني سائين نثار

    وڪيپيڊيا جي سائيٽ تي ڏيکاريل آهي ته هي مضمون 23 جنوري 2010 تي اپڊيٽ ڪيو ويو آهي
     
  19. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سيوهڻ کان سن ۽ سن کان سچل ڳوٺ تائين

    ادا مهرباني

    هنن تاريخي ماڳن ۽ شخصيتن جي مزار تي وڃڻ کانپوء دل ۾ سوچيم ته کو نه هي وند دوستن سان به ڪجي۔
     
  20. تسليم جاويد

    تسليم جاويد
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏7 مئي 2010
    تحريرون:
    45
    ورتل پسنديدگيون:
    2
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: سيوهڻ کان سن ۽ سن کان سچل ڳوٺ تائين

    اسلام عليڪم
    ادا سليمان وساڻ صاحب تمام سٺو
    گھر ويٺي سچل ڳوٺ کان سيوھڻ شريف تائين سير ڪرايو مھرباني
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو