• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سيوهڻ کان سن ۽ سن کان سچل ڳوٺ تائين

جواب: سيوهڻ کان سن ۽ سن کان سچل ڳوٺ تائين

اڪيلا اڪيلا ٿا سفر ڪريو سائين سنگت سان نه صلاح نه مشورو۔۔
عاشق ويچارو ڏاڍو رنو۔۔۔
بس سائين اوهان جي مرضي۔۔۔
 
جواب: سيوهڻ کان سن ۽ سن کان سچل ڳوٺ تائين

سائين سليمان وساڻ صاحب

لک ٿورا توهان جا جو توهان اسان کي اهڙي بهترين انداز ۾ ٽئي آرٽيڪلن سان گڏ پنهنجون تصويرون به شيئر ڪيون ۽ ان سان گڏوگڏ لک ٿورا پڻ سائين نثار ابڙي صاحب جا جن ڪميونزم جي حوالي سان وضاحت ڪئي

ادا توهان لاڙڪاڻي ۾ سڀني دوستن سان مليو تمام سٺي ڳالهه ٿئي

توهان جو هي ٿريڊ معلوماتي به آهي

جزاڪ الله ادا

سدائين گڏ

فقير بابا مهرباني

واه جو ڪيئي۔ لاڙڪاڻي آياسون پر ڀڄي وئين۔ خير آهي وري ملاقاتون ڪبيون۔

ونڊ کي پسند ڪرڻ‌جي مهرباني
 
جواب: سيوهڻ کان سن ۽ سن کان سچل ڳوٺ تائين

اسلام عليڪم
ادا سليمان وساڻ صاحب تمام سٺو
گھر ويٺي سچل ڳوٺ کان سيوھڻ شريف تائين سير ڪرايو مھرباني

مهرباني ادا تسليم

سچل ۾ ته پاڻ گڏ آهيون پر جي هلو سنڌ جو سير ڪرڻ ته تيار آهيون۔
 
جواب: سيوهڻ کان سن ۽ سن کان سچل ڳوٺ تائين

اڪيلا اڪيلا ٿا سفر ڪريو سائين سنگت سان نه صلاح نه مشورو۔۔
عاشق ويچارو ڏاڍو رنو۔۔۔
بس سائين اوهان جي مرضي۔۔۔

هي سفر ڪو پلاننگ تحت ڪونه هو۔ پنهنجي ڳوٺ ڪوٽڏجي مان ڪراچيء لاء نڪتاسون ته رستي ۾ سچل ڳوٺ جي دوستن فون ڪيو ته اسان هتان سيوهڻ ۽ سن لاء پيا نڪرون اوهان به اوڏانهن اچو۔ پوء اسان به اوڏانهن جو سفر شروع ڪيو ۽ پوء سوچيم ته ڇونه دوستن سان هن سفر ۽ ماڳ مقامن کي ونڊ ڪجي۔

عاشقن جو ته ڪم ئي روئڻ آهي ، باقي اسان آهيون سنڌ جا عاشق۔ جي اوهان اسان واري عاشق سولنگيء جي ڳاله ٿا ڪيو ته پوء ان لاء هي شعر :

الله عاشقن جي خلقي ڪهڙي ذات
هڪڙا ويهن واٽن تي ٻيا جاڳن ساري رات
اهڙا محبوب بيوفا ذات جيڪي نيهن لائي ننڊون ڪن۔

پر عاشق به مون وانگر رات جو جلدي سمهي پوندو آهي جو صبح جو سوير اٿڻو هنودو آهي.

دوست زندگي رهي ته انشاء الله سنڌ سلامت جي پليٽ فارم تان سنڌ جو سير ڪنداسون۔
 
جواب: سيوهڻ کان سن ۽ سن کان سچل ڳوٺ تائين

اڄ سن جي سائين جي ايم سيد جو جنم ڏينهن آهي۔ گذريل سال سائين جي جنم ڏينهن تي اتي حاضري ڀري هئي ۽ پوء هي ننڍڙو ليک به دوستن سان ونڊ ڪيو هو۔ اڄ وري اهو سفر ياد پيو اچي۔
 
جواب: سيوهڻ کان سن ۽ سن کان سچل ڳوٺ تائين

توهان کي سفر ياد اچي ٿو ان هو هڪ سبب ته سائين جي ايم سيد جو جنم ڏينهن آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ء شايد ٻيو اهي روڊ رستا دادو جا جيڪي هميشهه وانگر اڃاتائين ڀڳل ،ٽٽل آهن ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ مونکي ته لڳي ٿو انهن کي ياد ڪري سوچيندا هوندو ته وري ان طرف ڏانهن سفر نه ڪندس ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ڪئين ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
 
جواب: سيوهڻ کان سن ۽ سن کان سچل ڳوٺ تائين

انمول وساڻ صاحب جيان سندن انمول ونڊ سنڌ سلامت جي لاءِ زيب و زينت جو درجو رکن ٿا مهرباني سائين وساڻ صاهب جو اوهان ايترو بهترين سفر نامو خوبصورت تصويرن سان اسان تائين پهچايو۔ وسلام
 
جواب: سيوهڻ کان سن ۽ سن کان سچل ڳوٺ تائين

حنود، مست بودلي کي دعوت جي بهاني دوکي سان گهر نيئي، ڪهي ڇڏيو. مڄاڻ ڪو انهيءَ ڏينهن ، لعل شهباز سائين به اچي سيوهڻ ۾ سهڙيو. تنهن جيئن جو بودلي کي سڪ مان وڏي واڪي سڏ ڪيو، ته بودلي جا هڏا ۽ ماس، جيڪي ٽڙيا پکڙيا پيا هئا، پاڻ ۾ ملي ويا. پوءِ ته سندس رڳ رڳ مان ”جي مرشد“ جو آواز پئي نڪتو. هي واقعو 694 هه (1298ع) جو آهي.

ماشا الله ادا سليمان توهانجو اهو تمام پيارو ، دلچسپ سفر هيو۔ پيرائتي ڳالھ لکي موڪلڻ تي اوهان کي شاباس هجي۔ خوش هجو۔
 
جواب: سيوهڻ کان سن ۽ سن کان سچل ڳوٺ تائين

توهان کي سفر ياد اچي ٿو ان هو هڪ سبب ته سائين جي ايم سيد جو جنم ڏينهن آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ء شايد ٻيو اهي روڊ رستا دادو جا جيڪي هميشهه وانگر اڃاتائين ڀڳل ،ٽٽل آهن ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ مونکي ته لڳي ٿو انهن کي ياد ڪري سوچيندا هوندو ته وري ان طرف ڏانهن سفر نه ڪندس ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ڪئين ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

يار سچ پيو چوين

روڊن جو ڪم اڃان به لٿل آهي ۔۔۔۔ سيوهڻ کان اڳتي وڃڻ لاء دل ئي ڪانه پئي ڪري پر مجبوريون هيون تنهنڪري ٻيهر وڃڻو پيو پر روڊن جي حالت اڃان بهتر ڪانه ٿي آهي۔
 
جواب: سيوهڻ کان سن ۽ سن کان سچل ڳوٺ تائين

سائين وَساڻ صاحب سدا ايئن وسندا رهو اوهانجو سفر نامون پسند آيو ۔
اوهان جيڪي خداآباد واري مسجد جون تصويرون ڏنيون آهن ، انهي گنبذ نظر نه پيو اچي ڇو ؟
انهيءَ مسجد جا ٽي گنبذ آهن جن ۾ اندر اندر ئي رستو ٺهيل آهي جيڪي هڪ گنبذ کان ٻين ڏانهن ڀُلائيندڙ رستي سان وٺي ويندو هو ۔ چون ٿا ته اِن مسجد کي مورچي طور به استعمال ڪندا ۽ انهن گنبذن کان ڪنهن ٻئي طرف به رستو ويندو هو جنهن کي مڪمل طور بند ڪيو ويو هو ۔
 
مهربانيون سائين

خدا آباد مسجد پنهنجي دور جو لازوال شاهڪار آهي۔ مان سامهون کان تصويرون ورتيون هيون ڇو ته ڪم هلي رهيو هو تنهنڪري اندر ڪونه وياسين۔
 
جواب: سيوهڻ کان سن ۽ سن کان سچل ڳوٺ تائين

تمام سهڻي ونڊ، اهو سڄو سمورو منظر منهنجي اکين ۾ تري آيو، اهو ان ڪري جو، اهو ئي منهنجو روٽ آهي، پنهنجي ماڳ طرف وڃڻ لا۔۔ مان اڪثر ڪري انهن سڀني ماڳن تان گذرندي پنهنجي ڳوٺ وڃڻ ٿيندو آهي۔۔۔لک قرب ونڊ ڪرڻ لا۔
 
Back
Top