جواب: پارسَ لڳي سون ٿيون سهڻا دوست، اوهان جا لک ٿورا جو اوهان سچل جو ڪلام ونڊ ڪيو اهو به سر تماچي مان، هي سر ايترو ته گهرو سر آهي جو لطيف سرڪار ۽ سچل هن سر ۾ ايترون ته حقيقت جون رمزون شامل ڪيون آهن جو سالڪ سمجهي ته پارس ٿي پوي ۔۔۔ هت سمون آهي مرشد يا رهنما (نور الاهي) ۽ نوري آهي گندري غريب ۽ ڌپياري عورت (گنهگار انسان)، جنهن کي جڏهن مرشد يا رهنما ملي وڃي ٿو ته هو ڪوجهي مان سهڻو سون ٿي پوي ٿو ۔۔۔ ۽ ڪامل مرشد به هميشه پنهنجي توجهه گنهگار انسانن کي گهڻي ڏيندو آهي ۽ انهن کي پيارو رکندو آهي ته جيئن انهن جي صفائي ڪري سگهي ۽ کين گنهگار مان ڦيرائي نوراني انسان بڻائي سگهي۔ لک ٿورا دوست، اميد ته اوهان سچل جا بيت سمجهاڻي سان پيش ڪندا رهندا ته جيئن اسانجهڙن اٻوجهن کي اهي ڳالهيون سمجهه ۾ اچي سگهن ۔۔۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت