• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سچل سارو سچ

نثارابڙو

نائب منتظم
سڀ کان پهريائين ته دوست رشيد لک ٿورا جو اوهان دوستن جي خواهش کي مان ڏنو ۽ هي سنڌ جي سرمست سچل جي لائبريري قائم ڪئي آهي ۔۔۔۔ ٿورا ناهن ٿورا ۔۔۔

سچل جي ڪلام ۾ اعلا قسم جي سنڌي استعمال ٿيل آهي، سچل جا استعمال ٿيل لفظ اهڙا ته سهڻا ۽ مانائتا آهن جنهن سان سنڌي ٻولي جي آسودگي جي وڪالت ٿئي ٿي ۔۔۔

چڱــي ڳـالهه چوان، سا سُڻ ميان مينڌرا،
آ تنهنجــڙي آهيــان، تـــون منهنجـڙو آن،
هي نڌر تنهنجي نان، آهي وڪاڻي ولها۔
مومل راڻو ۔۔۔ داستان 2 ۔۔۔ بيت 7
 
جواب: سچل سارو سچ

ادا برابر اسان کي پنهنجي ٻولي جي ميراث جي قدر ڪرڻ گهرجي ۽ بزرگن کي ياد رکڻ گهرجي۔ ٻولي اها زنده رهندي آهي جنهن ۾ وقت مطابق مناسب تبديلي ۽ نواڻ آندي وڃي۔
 
جواب: سچل سارو سچ

اسان سڀ سائين رشيد جا ٿورائتا آهيون جنهن سنڌ جي هڪ وڏي نامياري شاعر جي شاعري لا الڳ سيڪشن ٺاهيو
مهرباني
 
Back
Top