سنڌ يونيورسٽي جي پس منظر ۾ لکيل ناولن جو تقابلي جائزو

'سنڌي ادب' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏24 جنوري 2011۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,397
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    سنڌ يونيورسٽي جي پس منظر ۾ لکيل ناولن جو تقابلي جائزو​


    ايڊووڪيٽ ادريس لغاري
    سنڌ يونيورسٽي تي لکيل ٽن رومانوي ناولن جو جائزو پيش ڪجي ٿو. ان سلسلي ۾ جيڪو پهريون ناول لکيل آهي، اهو طارق عالم ابڙو جو ”رهجي ويل منظر“ آهي. جنهن جي تعريف ۾ عبدالقادر جوڻيجو، امر جليل، تاج جويو، اياز گل ۽ ادل سومري لکيو آهي.
    ٻيو ناول زاهد گوتم جو ”پٿرن جو شهر“ آهي، جنهن جي تعريف ۾ علي بابا لکي ٿو ته ”هي ناول ’رهجي ويل منظر‘ کي اورانگهي ٿو وڃي.“
    ٽيون ناول منير چانڊيو جو ”ڪيف ڌاران ڪوءِ...“ آهي، جنهن تي جامي چانڊيو، اخلاق انصاري، مختيار جاگيراڻي، اختر حفيظ کان ويندي منظور ڪوهيار تائين سڀ منير جي ناول تي رحم کائيندي ۽ سندس جذبن کي ڏسندي ڏاڍي احتياط سان مڙئي ”خوش ڪرڻ“ واري انداز ۾ نظر نه ايندڙ تعريف جا ڪي اڍائي لفظ بيان ڪندي موڪلائن ٿا. باقي ڊاڪٽر پروفيسر تهمينه مفتي هڪڙي بهترين تنقيد نگار هئڻ جي روپ ۾ منير جي ناول سان انصاف ڪندي انهي جي خوبين ۽ صلاحيتن جو اعتراف ڪري ٿي، جنهن ۾ ذري جو به وڌاءُ نه آهي. ٽنهي ناول نگارن پنهنجن لکڻين مان ثابت ڪيو آهي ته انهن سان مايون بي وفائي ڪري ويون. سڀ کان پهرين اسان هتي ”رهجي ويل منظر“ جو جائزو وٺنداسون، جنهن ۾ مرڪزي ڪردار پنهون، سنجها، صبا ۽ مددي ڪردار شبنم، نصير ۽ ٻيا.
    ناول ۾ جيڪا منظر نگاري ڪئي وئي آهي، اها مڪمل سنڌ يونيورسٽي جي آهي. باقي جيڪي مرڪزي ڪردار ۽ انهن جا عمل بيان ڪيا ويا آهن، اهي تمام گهڻا بولڊ آهن، جنهن ۾ سنجها گوريون کائيندي، سگريٽ پيئندي ۽ ماڊرن ڏيکاري وئي آهي. ان کان اڳتي ليکڪ سنجها جا هي روپ ڏيکاريندي بيان ڪري ٿو، ”تو جڏهن به چاهيو هو سپر هاءِ وي جي فوٽ پاٿ تي بيهي آڱوٺي جي هلڪي اشاري سان ڪارن کان لفٽ ورتي هيئي، جڏهن به ڪار ۾ چڙهي هئينءَ منهن ورائي مون ڏانهن نهارڻ ضروري نه سمجهيو هيئي.“ (ص 32) ليکڪ هتي رڳو هي بيان نٿو ڪري ته سنجها ڪا ڪارن کان آڱوٺي جي هلڪي اشاري سان لفٽ وٺندي هئي، پر شاهد ٿيو بيٺو آهي ۽ ساڻس گڏ آهي، مائي ڪار ۾ چڙهي ٿي، پنهون بيٺو آهي، ڪار رواني ٿيندي پنهون انهي کي ڏسندو رهندو آهي، پر مائي هن ڏانهن مڙئي نهاري به ڪونه ٿي.
    ٻيو جيڪو مرڪزي ڪردار آهي صبا، انهي لاءِ ليکڪ تمام گهڻو لکيو آهي، سنجها ۽ صبا پاڻ ۾ سهيليون هونديون آهن. ٻنهي جا پنڌ ساڳيا آهن. صبا پنهون تي عاشق ٿي پوندي آهي، پر عاشق صرف رومانس جي حد تائين. هڪڙي اهڙي واقعي جي منظر ڪشي ڪندي لکي ٿو ته، ”پرس مان گولڊليف جو پئڪٽ ڪڍي سگريٽ دکائي ڊگها، ڊگها سوٽا هڻڻ لڳي هئي... صبا منهنجي جملي کي اڌ ۾ ڪٽي، پنهنجو سگريٽ وارو هٿ هوا ۾ ٻه ٽي ڀيرا لوڏي چيو هو، ها ها مون کي خبر آهي ته تنهنجين محبتن جا رستا سنجها وٽ پهچي ختم ٿي وڃن ٿا ۽ تون سنجها جي ڪري پنهنجي ’ٽين ايج‘ محبوبا کي به ڇڏي چڪو آهين. اهو سڀ ڄاڻندي به يار... مان گهلجي رهي آهيان تو ڏانهن. نه چاهيندي به مان تنهنجي ڳالهين جي سيلاب جي زد ۾ اچي وئي آهيان. اسپيڊ سان توڏانهن لڙهي رهي آهيان.“ (ص 47-48)
    هتي معاملو رڳو صبا جو پنهونءَ تي مرڻ جو ناهي، پر سنجها ۽ صبا جي ڪيترن ئي اهڙن عملن جي عڪاسي ڪئي وئي آهي. ناهيد کان ويندي ٻين ڪردارن جو به اهڙو حال ڏيکاريو ويو آهي.
    هن ناول ۾ جيڪڏهن يونيورسٽي سان ڪا شيءِ تعلق رکي ٿي ته صرف انهي جي منظر نگاري، باقي ڪردار ڪنهن به يونيورسٽي جا نٿا لڳن. جيڪڏهن اسان کڻي مڃون ته مٿيان سڀ ڪردار يونيورسٽي جي عڪاسي ڪن ٿا ته پوءِ انهن هزارين غريب ۽ معصوم شاگردياڻين جي هن ناول ۾ توهين ڪئي وئي آهي، جيڪي پنهنجي عزت سان يونيورسٽي ۾ پڙهن ٿيون. ناول نگار ڪٿي به اهو محسوس ڪونه ٿو ڪرائي ته ڪا ڇوڪري پنهنجي پڙهائي ۾ ايتري ته هوشيار ۽ قابل هئي جو پهرين پوزيشن حاصل ڪئي. ڪا اهڙي ڇوڪري به نه ڏيکاري وئي آهي، جنهن جو ڪنڌ ادب مان بلند ۽ علم جي تلاش ۾ مهو هجي؟ ڪوبه اهڙو ڪردار نه آهي، جنهن مان مجموعي طرح سنڌي قوم جي عملن، اخلاقن، قدرن ۽ فضيلتن جا ڪي اهڃاڻ ملندا هجن. هن ناول جي منظرنگاري ۽ گفتگو کان ماڻهو ضرور متاثر ٿي سگهي ٿو.
    ٻيو ناول ”پٿرن جو شهر“ آهي، جنهن لاءِ علي بابا لکيو آهي ته ”هي ناول ’رهجي ويل منظر‘ کي اورانگهي ٿو وڃي.“ پر حقيقت ۾ هي ناول ”رهجي ويل منظر“ جي ٿورڙي تبديلي سان فوٽو ڪاپي آهي. هن ناول جا جيڪي مرڪزي ڪردار ملهار، وينگس ۽ آسمه آهن، اهي پنهون، سنجها ۽ صبا جي ڪردار کان گهڻو مختلف ناهن. وينگس به سنجها جيان ڪارن ۾ اچي ٿي ۽ وڃي ٿي. صبا ۽ آسمه ٻئي شوقين آهن، باقي پنهون ۽ ملهار ۾ ٿورو فرق آهي، ڇو ته ملهار ڪو ڌنڌو نٿو ڪري، صرف هڪ شاگرد آهي. جڏهن ته پنهون فوٽو گرافي ڪندو هو.
    هن ناول جي به بنيادي ڳالهه آهي ته عورت بي وفا آهي. يا مائي همراهه سان بي وفائي ڪري وڃي ٿي. پر جنهن انداز سان وينگس جي ڪردار کي پيش ڪيو ويو آهي، اهو سنجها کان به وڌيڪ ڪريل صورت ۾ پيش ڪيو ويو آهي. ملهار وينگس تي عاشق ٿي پوي ٿو، پر مائي لفٽ نٿي ڪرائي. ملهار پوءِ پنهنجي دوست ساونت جي صلاح تي عمل ڪندي نوان ڪپڙا ۽ شرٽون انهي سان گڏ وارن جي سيٽنگ ۽ مغروري جا ٻيا ناز نخرا استعمال ڪري وينگس کي متاثر ڪري ويجهڙائي حاصل ڪري ٿو.
    وينگس ملهار کي ٻڌائيندي آهي ته سندس پي ايڇ ڊي اي ۾ ڊائريڪٽر آهي، پر جڏهن آسمه ۽ وينگس ۾ جهيڙو ٿيندو آهي، تڏهن آسمه ملهار کي ٻڌائيندي آهي ته وينگس جو پيءُ ڊائريڪٽر وغيره ڪونهي. پر شناختي ڪارڊ آفيس ۾ ڪلرڪ آهي. ملهار صاحب تمام گهڻو پڙهيو لکيو ڏيکاريو ويو آهي، جيئن پاڻ لکي ٿو ته ”اسان جي گهر ۾ هڪڙو ڪمرو سندس لائبريري هئي، جنهن ۾ تقريبن ٽي هزار کن ڪتاب موجود هئا. يورپين لٽريچر، رشين لٽريچر، فلسفو، سائنس، تاريخ، سنڌي لٽريچر جن ۾ شاعري، ناول، تقريرون، آٽو بايو گرافيز، رسالا... مون لائبريري جا تقريبن ڪتاب ڪاليج لائيف تائين بار بار پڙهي پورا ڪيا هئا.“ (ص 32-33)
    معنيٰ ٻارهين جماعت تائين ملهار ٽي هزار کان وڌيڪ ڪتاب بار بار پڙهي ڇڏيا هئا، بس کوٽ جي هئس ته هڪڙي مائي جي. پنهنجي ڏاهپ جو خاص اثر نه ڏسندي مايوس ٿيو ته پوءِ دوست ساونت جو چوڻ وٺندي وينگس کي متاثر ڪرڻ لاءِ نوان طريقا ۽ حربا استعمال ڪيا. جنهن ۾ کيس ڪاميابي ملي. پوءِ تمام گهڻو پڙهيل ملهار وينگس سان رومانس ڪندي ڏاڍو خوش گذاري ٿو. يونيورسٽي ۾ ٿيندڙ شاگرد سياست تي تنقيد پڻ ڪري ٿو ۽ سياست کي انتهائي غليظ ڪري پيش ڪري ٿو. ”رهجي ويل منظر“ جو پنهون صرف مڪلي تي ڏنگن ”شاگردن جو ذڪر ڪري ٿو، پر هتي ملهار ٿورو وڌي ساونت جي روپ ۾ انهي کي تنقيد جو نشانو بڻائي ٿو.“
    هن ناول ۾ ڪيتريون اهڙيون ڳالهيون ۽ عمل ڪرايا ويا آهن، جيڪي سنڌي سماج ۾ في الحال ته الائي ڪڏهن ٿيندا، جهڙي حال ۾ آهن. پر ناول نگار صاحب وڏي آرام سان معجزه ڪندو ٿو وڃي. وينگس، آسمه جي صحبت ۾ صائمه نالي به هڪ ڪردار آهي، جيڪا نه صرف هڪ سنڌي جاگيردار جي ڌي آهي، پر سندس پيءُ ايم اين اي هئڻ سان گڏوگڏ منسٽر به آهي. انهي صائمه جو عشق ساونت سان هندو آهي، ساونت جون ايڪسيڊنٽ ۾ هڪ ٽنگ ۽ ٻئي اکيون ضايع ٿي وڃن ٿيون. صائمه کي جڏهن اها خبر پوندي آهي ته هو ساونت جي گهر لاڙڪاڻي وڃي نڪرندي آهي. ساونت جو پيءُ هڪ رٽائرڊ فوجي هوندو آهي. صائمه ساونت سان شادي ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويندي آهي. وڏي ڳالهه ته صائمه جي اهڙي شادي ۾ هن جو ڏاڏو خوش هوندو آهي. معنيٰ سنڌ جي هڪ وڏو جاگيردار ايم اين اي ۽ وفاقي منسٽر جو پيءُ پنهنجي پوٽيءَ جي هڪڙي اهڙي شادي لاءِ راضي ٿي وڃي ٿو، جيڪو همراهه ٽنگ ۽ ٻنهي اکين کان محروم هوندو آهي. اها شادي ڪورٽ ميرج جي صورت ۾ ڏاڍي سولي ۽ آسان طريقي سان ڪرائي ويندي آهي، نه صرف شادي ٿي ويندي آهي، پر ساونت ۽ صائمه شادي کان پوءِ آزادي سان گهميا ڦريا پئي. هتي ليکڪ پنهنجي ڏاهپ سان هي ڏيکاري ٿو ته صائمه جاگيردار جي ڌيءُ هوندي به ڪيڏي شريف ۽ وفادار آهي. جڏهن ته وينگس هڪ غريب ڪلرڪ جي ڌيءَ هوندي ڪيڏي ڪريل ۽ نيچ آهي. واهه واهه ليکڪ صاحب تنهنجي ڏاهپ. هن ناول جو اختتام انتهائي ڪريل انداز سان ڪيو ويو آهي.
    جڏهن مٿيان ٻئي ناول پڙهي پورا ڪيم ته دل ۾ انديشو ٿيو ته منير چانڊيو جو نالو به ڪٿي انهي راهه تي هلندي سنڌي شاگردن ۽ شاگردياڻين جي توهين ڪندي پنهنجي پر ۾ ناول نگار جهڙي روپ ۾ ڪو ”نفسياتي مريض“ جهڙو نه هجي. انهي ڊپ کي دل ۾ رکي جڏهن پڙهڻ شروع ڪيم ته مون کي منير جي ناول جي راهه ئي ٻي نظر آئي.
    هن ناول جا مرڪزي ڪردار منصور ۽ سنڌيا آهن. ٻئي سادا. منصور کي سنڌيا وڻي ٿي، پر پنهنجي شخصيت ۽ سادگي کي ڏسي عشق واري باهه کي دل ئي دل ۾ سانڍي ڪنهن موقعي ۽ مهل جي انتظار ۾ رهي ٿو. سنڌيا هڪڙي سادي سٻاجهڙي ڪردار ۾، جنهن مان نج سنڌي ڇوڪري جي سادگي لڳي ٿي. سنڌيا هاسٽل ۾ رهي ٿي، پر يونيورسٽي ۽ هاسٽل جي ماحول ۾ پاڻ کي ڏاڍو منجهيل محسوس ڪري ٿي. ايتري قدر جو هاسٽل جو گس به صحيح طرح ياد نٿو بيهي. غريب هئڻ ڪري رڪشي جو ڪرايو ڀرڻ جهڙي حالت ۾ به نه هوندي آهي. هڪ دفعو رستو منجهي وڃي اي سي ٽو نڪتي، اتان لاچار رڪشو ڪرائي هاسٽل پهتي. آخرڪار منصور جهڙي درويش کي ڏسي انهي کي عرض ڪري ٿي ته مون کي توهان هاسٽل تائين ڇڏي ايندا. منصور ته اڳي اهڙا ڏينهن پئي ڳوليا. منصور جيڪو ڏسڻ ۾ سادو ۽ درويش نظر پئي آيو، پر جڏهن سنڌيا سان ڪچهري ڪري ٿو، تڏهن هن جي اندر مان ”رهجي ويل منظر“ يا ”پٿرن جو شهر“ جهڙن مصنوعي اداڪارن جا جملا ڪونه ٿا نڪرن، پر سادا ۽ سڌا جملا نڪرن ٿا، جيڪي سنڌيا جهڙي ڇوڪري لاءِ ڪنهن وڏي فلاسافر ۽ داناءَ جي گفتن کان گهٽ ڪيئن هئا. سچ ته هي آهي منصور پنهنجي سنڌيا کي سادگي سان وڻائي ٿو. جڏهن پنهون ۽ ملهار لفظن جا ڄار هڻي ۽ ڪٿي ڪٿي غير فطري جملا استعمال ڪري، پنهنجي ڏاهپ جي نمائش ڪري متاثر ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. منصور اهڙي ڪنهن به احساس ڪمتري ۾ نٿو وڃي، پر هو پاڻ تي ٽوڪون ڪرئي، ماڻهو کلائيندي پنهنجي سنڌيا جي دل کٽي ٿو. سنڌيا جو ڪردار ڪنهن به طرح هڪڙي سنڌي گهراڻي يا شاگردياڻي کان گهٽ ڪونهي. بهترين ٻوڙ رڌي ٿي. ڀرت ڀرڻ ۾ ماهر آهي. پنهنجي منصور لاءِ آنا تري انهي لاءِ ماني پچائي اچي ٿي. منصور يونيورسٽي ۾ ٿيندڙ منفي شاگرد سياست کي ندي ٿو ۽ هو چوي ٿو ته هي جيڪا هتي شاگرد سياست متعارف ڪرائي وئي آهي، اها اصل ۾ سنڌي شاگردن کي سياست کان پري رکڻ جي هڪڙي منظم پلاننگ آهي ۽ پاڻ انهي کي نديندي سنڌيا کي ٻڌائي ٿو ته ”يار! ان کي تون شاگرد ساست ٿي سمجهين؟ هي ته ’مٿين فرشتن‘ جا ڀرتي ٿيل پگهاردار آهن، جن جو ڪم سنڌ جي تعليم تباهه ڪرڻ ۽ شاگرد سياست کي گندو، مڪروهه ۽ ڪرمنل بڻائڻ آهي. سڀني سياسي پارٽين جون شاگرد ونگز ائين نه آهن. ڪجهه اهڙيون به شاگرد تنظيمون آهن، جيڪي بائيڪاٽ، ڀتي، زوري چندي ۽ سڄي سوشل ڪرائيم کي ڪرائيم ئي سمجهن ٿيون....“ بشڪريه عبرت
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سنڌ يونيورسٽي جي پس منظر ۾ لکيل ناولن جو تقابلي جائزو

    طارق عالم ابڙي جي طبي معائني لاءِ ميڊيڪل بورڊ جو اجلاس طلب

    [JUSTIFY]ڪراچي (پڌرائي) بين الصوبائي رابطن جي وزير ۽ سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمين مخدوم جميل الزمان گذريل ڏينهن سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ خاص طور تي سنڌ جي اديب ۽ مهراڻ جي ايڊيٽر طارق عالم ابڙو جي پرڏيهه مان علاج ڪرائڻ جي گذارش ڪئي، جنهن کانپوءِ وڏي وزير هيلٿ ڊپارٽمينٽ کي ميڊيڪل بورڊ جوڙڻ لاءِ حڪم جاري ڪيا، ان سلسلي ۾ سيڪريٽري صحت 5 مئي 2011ع تي ميڊيڪل بورڊ جو اجلاس طلب ڪري ورتو آهي، جنهن ۾ ڄاڻايل ليکڪ جو طبي معائنو ڪيو ويندو، ياد رهي ته مشهور اديب طارق عالم ابڙو گذريل هڪ مهيني کان گڙدن جي موذي مرض ۾ مبتلا آهي ۽ سنڌ انسٽيٽيوٽ آف يورالاجي ۾ زير علاج آهي.[/JUSTIFY]
     
  3. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: سنڌ يونيورسٽي جي پس منظر ۾ لکيل ناولن جو تقابلي جائزو

    سائين طارق عالم ابڙو فيسبوڪ تي ڪالهه پنهنجي اسٽيٽس ۾ لکيو هو ته هو ٽن ڏينهن جي موڪل تي گهر آيو آهي۔۔۔​
     
  4. نرمل

    نرمل
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏7 اپريل 2010
    تحريرون:
    131
    ورتل پسنديدگيون:
    73
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ادب سان دلچسپي ۽ وڪالت
    ماڳ:
    شاهه لطيف چوڪ ڪوٽڙي
    جواب: سنڌ يونيورسٽي جي پس منظر ۾ لکيل ناولن جو تقابلي جائزو

    تمام عمدو ۽ اعلى فهم وارو مطالعو ۽ تقابلي جائزو بهترين ونڊ
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو