موجوده دؤر ۾ سنڌي ڪهاڻي

'سنڌي ادب' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏24 جنوري 2011۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,395
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    موجوده دؤر ۾ سنڌي ڪهاڻي
    مرتضيٰ سيال
    ڪهاڻيءَ جي تاريخ به اوتري ئي پراڻي آهي جيتري انسان جي ڪهاڻي يا قصو انساني زندگيءَ سان پاڇي وانگر جڙيل آهي تنهنڪري اهو چوڻ غلط نه ٿيندو ته انسان ۽ ڪهاڻي جو جنم گڏ ٿيو آهي. جيئن جيئن ارتقا جون منزلون طئه ڪندي انسان اڳتي وڌيو آهي تيئن ڪهاڻي به مختلف دؤرن مان گذرندي جدت ڏانهن وڌندي رهي آهي. اوائلي دؤر ۾ جڏهن سماج تعليم يافته نه هئو ته ڪهاڻيون قصن جي روپ ۾ موجود هيون، علم ۽ شعور جي روشني ڦهلجڻ سان ڪهاڻين ۾ نواڻ، نکار ۽ سگهه پئدا ٿي.
    پهرين سنڌي ڪهاڻي ڪنهن ۽ ڪڏهن لکي، مون کي اها ڄاڻ ته ناهي پر جڏهن هوش سنڀاليم ته ڪيئي ڪهاڻيون پنهنجي آسپاس محسوس ڪيم. اهڙي طرح ننڍپڻ کان ئي ڪهاڻيون ٻڌڻ ۽ پڙهڻ جو شوق رهيو، شوق به اهڙو جو ڪورس جي ڪتابن ۾ ڪهاڻين جا ڪتاب لڪائي پڙهندو هوس ته جيئن سڀڪو اهو سمجهي ته ڪورس جا ڪتاب پيو پڙهان. سنڌي ادب جي جنهن صنف گهڻو اتساهه ڏنو اها ڪهاڻي ئي آهي. سنڌي ڪهاڻيڪارن ۾ امر جليل وٽ متاثر ڪرڻ جي وڏي سگهه آهي. پر نسيم کرل، خيرالنساءِ جعفري، جمال ابڙو، نورالهديٰ شاهه، انيس انصاري، شرجيل، اخلاق انصاري، مدد علي سنڌي، طارق عالم، لياقت رضوي، رسول ميمڻ، ملڪ آگاڻي، رزاق مهر، ولي رام ولڀ، محمود مغل، ڪليم لاشاري، طارق قريشي، قمر شهباز، ڪيهر شوڪت، شوڪت حسين شورو، شبنم گل، صديق منگيو ۽ ٻين ڪيترن ئي ليکڪن به سنڌي ادب کي خوبصورت ڪهاڻيون ارپيون. اڄڪلهه جيتوڻيڪ ڪهاڻي گهٽ لکي پئي وڃي پر باوجود ان جي ڪهاڻي جي اهميت ۽ افاديت ساڳي طرح قائم آهي. ڪهاڻي جي اهميت کي محسوس ڪندي ان کي ساڳي اوج ڏانهن موٽائڻ لاءِ انيس انصاري اڪيڊمي پاران هر سال ڪهاڻي ڪانفرنس ڪرائڻ جي روايت وڌي وئي آهي. انيس انصاري پاڻ به سنڌي ٻولي جو خوبصورت ڪهاڻيڪار هئو ۽ سندس ڪٽنب جا سڀئي فرد به ليکڪ آهن، هي ادبي گهراڻو ڪهاڻيءَ سان وڌيڪ پيار ڪري ٿو اهوئي سبب آهي جو ڪهاڻي ڪانفرنس لاءِ سڀئي انصاري ڀائر نه رڳو تمام گهڻي محنت ڪن ٿا پر هڙان وڙان ڏئي ان کي ڪامياب توڙي ڀرپور بنائن ٿا. اڄ جي دؤر ۾ جڏهن سماجي مسئلا وڌي ويا آهن، انساني رشتا انيڪ مونجهارن جي وَرَ چڙهي ويا آهن ۽ قدر تباهه ٿي رهيا آهن ته جديد ۽ سگهاري ڪهاڻي جي تمام گهڻي ضرورت آهي. ائين ڪونهي ته سنڌ ۾ جديد ڪهاڻي لکجڻ بند ٿي وئي آهي پر اهو ضرور آهي ته ڪهاڻي کيتر ۾ ڪافي ماٺار اچي وئي آهي. اُن ماٺار کي ٽوڙڻ لاءِ سٺين ڪهاڻين تي ايوارڊ ڏيڻ ۽ هر سال هڪ ڪهاڻي ڪانفرنس ڪرائڻ بهترين روايت آهي. سنڌي ادب ۾ تنقيد واري کوٽ به ڪهاڻيءَ کي وڏو نقصان پهچايو آهي، تنقيد اهو بنياد آهي جيڪو ڪنهن به شيءِ کي وڌيڪ نکار، نواڻ ۽ سگهه پئدا ڪرڻ ۾ مدد ڏئي ٿو، ناليواري ڪهاڻيڪار شوڪت حسين شوري هڪ هنڌ لکيو آهي ته:
    "سنڌي ڪهاڻيءَ جي هڪ بدقسمتي اها آهي ته ان جي صحيح ڪٿ ڪانه پئي ٿئي، سنڌ ۾ شروع کان وٺي ڪهاڻيءَ جو ڪو نقاد پئدا نه ٿيو آهي، نقادن جي کوٽ سبب ڪيتريون سٺيون ڪهاڻيون un-noticed هليون وڃن ٿيون. ٻيو مسئلو اهو آهي ته ڪنهن هڪ سال ۾ ڇپيل ڪهاڻين جو جائزو به ڪڏهن ڪونه ورتو ويو آهي جنهن سان ڪنهن هڪ ڏهاڪي ۾ لکيل ڪهاڻين جي جائزي وٺڻ ۾ آساني ميسر ٿي سگهي." شوڪت جي انهي اهم ڳالهه تي ڌيان ڏيندي هر سال ڇپيل ڪهاڻين تي علمي ۽ تنقيدي حوالي سان ڇنڊڇاڻ ٿيڻ ضروري آهي، ان سان سنڌي ڪهاڻي جي تاريخ به مرتب ٿيندي رهندي. ٻاهرين دنيا ۾ علم ۽ ادب وارن شعبن ۾ خدمتون سرانجام ڏيندڙ شخصيتن جي نالن تي شاندار ادارا قائم ٿيل آهن جن جو ڪم ئي گهڻ رخي تحقيق ڪرڻ ۽ تنقيد کي سهيڙي شايع ڪرڻ آهي. اسان وٽ ان شيءِ جي ڪافي کوٽ محسوس ٿي رهي آهي پر انيس انصاري اڪيڊمي جو قيام ۽ ان طرفان ڪهاڻي ڪانفرنس توڙي ڪهاڻين تي ئي ايوارڊ ڏيڻ وارو ساليانو ڪاڄ تمام سٺي ۽ سهڻي ڳالهه آهي. هن سالياني تقريب کي وڌيڪ بهتر ۽ لاڀائتو بنائڻ لاءِ وڌيڪ جاکوڙ ڪرڻ گهرجي. ٽين ڪهاڻي ڪانفرنس اڄ خيرپور ۾ ضلعي حڪومت خيرپور ۽ ڪلچرل ڊپارٽمينٽ جي سهڪار سان ٿي رهي آهي. هن ڀيري ڪانفرنس جو افتتاح سنڌ جو وڏو وزير سيد قائم علي شاهه ڪري رهيو آهي. جهڙي طرح انيس انصاري جي نالي پٺيان اڪيڊمي ٺاهي وئي آهي اهڙي طرح ٻين عالمن ۽ اديبن جي نالن پٺيان به اهڙا ادارا ٺهڻ گهرجن جيڪي تحقيق ۽ تنقيد جي حوالي سان تاريخي ڪم ڪن. نه رڳو اهو پر اهڙن علمي، ادبي ۽ تحقيقي ادارن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ حڪومت کي به ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. ادارا سماج لاءِ اتساهه ۽ ڄاڻ جا ذريعا هوندا آهن، تنهن ڪري ان جي تمام گهڻي ضرورت آهي ته ادارا ٺهن ۽ تاريخي ڪم ڪن.
    انيس انصاري جي فرزند ۽ اسان جي جاکوڙي دوست اشتياق انصاري ايم اي سنڌي جي شاگرد طور انيس انصاري جي فن ۽ شخصيت تي بهترين مونوگراف لکيو جنهن کي ڪويتا پبليڪيشن حيدرآباد شايع ڪيو. اهڙو ڪم فرض شناسي سان گڏوگڏ تاريخي به آهي. علم ۽ ادب جي ميدان ۾ غير معمولي ڪردار ادا ڪندڙ سڀني شخصيتن تي ان انداز ۾ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي جيئن اسان جي ايندڙ نسل کي ڄاڻ ۽ اتساهه ملي سگهي.
    ڪهاڻي ڪانفرنس لاءِ جاکوڙيندڙ سڀني ڪردارن کي مبارڪون ڏيندي اها گذارش ڪرڻ چاهيندس ته ان سلسلي کي نه رڳو جاري رکيو وڃي پر ان کي وڌيڪ بهتر ۽ لاڀائتو بنائڻ جون به ڪوشش ڪرڻ گهرجن. هر سال ڪهاڻي ڪانفرنس جي موقعي تي سال ۾ شايع ٿيندڙ ڪهاڻين جي ڇنڊڇاڻ ٿيڻ به ضروري آهي. اها به ڪوشش شروع ڪرڻ گهرجي ته ڪهاڻي سميت ادب جي مختلف صنفن تي ليڪچر سيريز به شروع ڪرڻ گهرجي، ان حوالي سان سنڌي ادبي سنگت به بهتر ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي ۔


    شڪريه عبرت
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,876
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: موجوده دؤر ۾ سنڌي ڪهاڻي

    سهڻو ليک آهي ۽ اميد ته محترم اشتياق انصاري پڻ پنهنجي پي انيس انصاري جو نالو روشن ڪندو ۽ سنڌي ڪهاڻي جي واڌ ويجهه لا پاڻ پتوڙيندو رهندو ۔۔۔ ڪهاڻي لکڻ جو رواج تمام گهڻو هو پر جڏهن کان ٽي وي ۽ انٽرنيٽ جو رواج ٿيو آهي ته ڪتابي سلسلا گهٽبا پيا وڃن ۔۔۔

    لک ٿورا ۔۔۔
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,882
    ورتل پسنديدگيون:
    27,213
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: موجوده دؤر ۾ سنڌي ڪهاڻي

    سنڌي ڪهاڻي هڪ دور ۾ تمام گهڻي پڙهي ويندي هئي۔ سنڌي ڪهاڻيء جا وڏا نالا جيڪڏهن مان رينڪ ڪيان ته جمال ابڙو پهرين ۽ امر جليل ٻئي نمبر تي اچن ٿا۔ انکانپوء نورالهدا شاه ، نسيم کرل ، علي بابا ، حميد سنڌي ۽ ٻيا انيڪ ليکڪ۔ اهو منهنجو پهنجو نظريو آهي باقي صحيح درجه بندي ته ڪي وڏا ليکڪ ۽ اديب ئي ڪري سگهن ٿا جن وٽ صحيح ماپا هوندا.

    هن دور ۾ سنڌي ڪهاڻي گهٽ پڙهي ٿي وڃي ان جو سبب ڪيبل ، ڊش ، انٽر نيٽ آهن۔
     
  4. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,395
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: موجوده دؤر ۾ سنڌي ڪهاڻي

    ادا سلمان وساڻ صاحب توهان جي مهرباني جو توهان منهنجي هن ونڊ کي پڙهي ڪري پنهنجا خيالات اسان تائين پهچايا۔ ادا توهان صحيح لکيو آهي ته جمال ابڙو صاحب پهرين نمبر تي ڪهاڻيڪار آهي، ادا جمال ابڙو مشهور تعليمي ماهر علي خان ابڙو جو پٽ هو. پاڻ شروعاتي تعليم ميهڙ ڀرسان پنهنجي ڳوٺ سانگي مان حاصل ڪئي. ڪجهه عرصو جونا ڳڙهه ۾ به زير تعليم رهيو.تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ 1948 ۾ جمال ابڙو وڪالت جي پيشي سان وابسته ٿيو. ڪجهه عرصو پبلڪ پراسيڪيوٽر رهڻ کان پوءِ عدليا سان وابسته رهيو. پاڻ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جج طور رٽائر ٿيو. ان دوران هڪ سنڌ اسيمبلي جو سيڪريٽري ۽ سروسز ٽربيونل جو چيئرمين به رهيو. مگر سندس سڃاڻپ ادب ۽ ان جا ترقي پسند خيال هئا.
    پاڻ اسڪول واري زمان کي ئي لکڻ شروع ڪيو. سچ، پيار، محبت، انساني حق، مساوات ۽ سماجي انصاف جهڙن موضوعن تي قلم کنيو.سندس پهرئين ڪتاب ”پشو پاشا“ افسانن جو مجموعو هئي. جنهن کين امر ڪري ڇڏيو. سندس ڪهاڻين مواد، فن ۽ خيالن جي حوالي سنڌي ادب ۾ هڪ انقلاب برپا ڪري ڇڏيو. پاڻ سنڌي افسانا نگاري کي نون رجحانن سان روشناس ڪرايو. جمال ابڙي جو شمار جديد سنڌي افساني جي بانين ۾ ٿئي ٿو. ان جي ڪجهه افسانن جو ترجمو انگريزي، اردو، روسي ۽ جرمن ٻولين ۾ به ٿي چڪو آهي، جمال صاحب پنهنجن ڪهاڻين کانسواء پنهنجي هڪ بهترين آتم ڪٿا پڻ لکي آهي، جنهن ۾ پنهنجي دور جي عالمن اديبن جو پڻ ذڪر ٿيل آهي، ۽ سندس اهي آتم ڪٿا جا ڪتاب به پڙهڻ وٽان آهن۔ وساڻ صاحب مون اهي سڀ ڪتاب پڙهيا آهن ۽ پڙهڻ سان دل اڃان به سٽون پئي کائي ته جمال ابڙي صاحب جا ڪاش اڃان به ڪي آتم ڪٿا جا ڪتاب هجن هان ۽ پڙهجن هان۔
    جمال صاحب ذاتي زندگي ۾ هڪ ايماندار ۽ نيڪ دل آفيسر ٿئي گذريو آهي، ۽ يارن جو يار رهيو آهي، سنڌ جي شاعر شيخ اياز صاحب پنهنجي ڪتاب ڪٿي ته ڀڃبو ٿڪ مسافر ۾ لکيو آهي ته جڏهن مارشل لاء دور ۾ آرمي ۽ پوليس گرفتار ڪرڻ ٿي چاهيو ته پاڻ جمال ابڙي صاحب وٽ پناهه ورتي هئائون، جڏهن ته ان وقت جمال ابڙو صاحب سرڪاري ملازم هئا ۽ جج هئا۔ جمال صاحب جون ڪجهه سڪون وري سندس پٽ بدرالدين ابڙو لاهيندو آهي، دعا آهي ته رب پاڪ جمال ابڙي صاحب جون بشري مدايون ميٽي ڪري کيس جنت ۾ جايون عطاء ڪري۔ آمين۔
    ۔
    [​IMG]
     
  5. منظور احمد ڪلوئي

    منظور احمد ڪلوئي
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏22 فيبروري 2016
    تحريرون:
    27
    ورتل پسنديدگيون:
    48
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    53
    ڌنڌو:
    پرائويٽ استاد نيو غزالي گرامر پبلڪ اسڪول پيارو
    ماڳ:
    تعلقو ۽ ضلعو دادو پوسٽ آفس پيارو اسٽيشن
    تمام بهترين ڪاوش
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو