ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!
واٽس ايپ ذريعي
جاوا سڪرپٽ غير فعال آهي. سنڌسلامت کي بهتر انداز سان استعمال ڪرڻ لاءِ مهرباني فرمائي برائوزر سيٽنگ مان جاوا سڪرپٽ کي فعال ڪريو.
You are using an out of date browser. It may not display this or other websites correctly.
You should upgrade or use an
alternative browser .
ڪراچي کان سکر ويندڙ تيز رفتار ڪوچ جو آئل ٽينڪر کي ٽڪر، خوفناڪ باهه، 32 مسافر سڙي فوت،
ڪراچي کان سکر ويندڙ تيز رفتار ڪوچ جو آئل ٽينڪر کي ٽڪر، خوفناڪ باهه، 32 مسافر سڙي فوت، 22 زخمي
۔
۔
نوري آباد/ڄامشورو(شمس پالاري/عرفان برفت) رات دير سان 2 لڳي ڏهه منٽن تي نوري آباد ٿاڻي جي حد سپر هاءِ وي تي ڪراچي کان سکر ويندڙ المدينه مسافر ڪوچ تيز رفتاري سبب اڳيان ويندڙ پيٽرول سان ڀريل ٽينڪر سان ٽڪرائجي وئي جنهن سبب تيز ڌماڪي سان آئل ٽينڪر کي باهه لڳي وئي جيڪا مسافر ڪوچ کي وڪوڙي وئي، جنهن سبب بس ۾ سوار مسافر عورتن، ٻارڙن ۽ مردن ۾ ڪيهاٽ پئجي ويا، ٿوري ئي دير ۾ چئن ٻارڙن سميت 32 مسافر سڙي ڪوئلو ٿي ويا ۽ ڪيترن ئي مسافرن شيشا ٽوڙي درين مان ٽپا ڏئي هيٺ ڀڳا، باهه سبب ۽ ڌڪ لڳڻ سبب 22 مسافر زخمي ٿي پيا. زخمين مان 9 ڄڻن جي حالت نازڪ ٻڌائي پئي وڃي، جڏهن ته هڪ زخمي جي به سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي، جيڪو خوف وچان هوش وڃائي ويٺو آهي، سمورن زخمين کي نوري آباد اسپتال، حيدرآباد ۽ ڪراچي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته فوت ٿيلن مان چئن ڄڻن جا لاش لمس اسپتال ڄامشورو آندا ويا آهن ۽ ٻين فوتين جا لاش سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪيا ويا آهن. ڪوچ حادثي ۾ زخمي ٿيل 22 مسافرن ۾ ممتاز علي چنو، ٻانڌي خان چنو(سڪرنڊ) عبدالغفار (عرضي ڀٽو قمبر) پرويز علي شاهه(شڪارپور) ضمير احمد، حيات علي، نور حسن (گهوٽڪي) محمد عمر (ڦل شهر) علي شير ڏاهري (دولتپور) عابد حسين لنڊ( سيٺارجا) سجاد ڀيو (شڪارپور) صدام حسين (نوشهروفيروز) معشوق علي گوپانگ (هالاڻي) ممتاز علي (سڪرنڊ) علي شير، شاهدت خان، رياض ولد خان محمد، شاهد حسين ولد مختيار وحيد، علي محمد، عبدالغفار ولي محمد شاهه، غلام حيدر ولد خدا بخش شامل آهن، جن مان ڪجهه زخمي ۽ ڪجهه صحيح سلامت هئا، بدنصيب مسافر ڪوچ جي سڙي ويل 28 لاش ايڌي هوم ۽ 4 لاش ايل ايم يو ڄامشورو نيا ويا آهن، بدنصيب مسافر ڪوچ جي ڊرائيور جي سڃاڻپ قربان جلباڻي جي نالي سان ٿي آهي. نوري آباد حادثي جو اطلاع نوري آباد پوليس کي ڏهه منٽن بعد مليو، 15 منٽن بعد نوري آباد جي گشتي پوليس ۽ موٽري وي پوليس واقعي واري هنڌ پهتي، نوري آباد ۽ موٽر وي پوليس حادثي بابت فوري طور تي فائربرگيڊ نوري آباد حيدرآباد ۽ ڪراچي کي اطلاع ڏنو. شديد ترين باهه هجڻ سبب فائربرگيڊ جي هڪ گاڏي باهه وسائڻ ۾ ناڪام رهي بعد ۾ حيدرآباد ۽ ڪراچي مان گاڏيون پهتيون، حادثي جي اطلاع تي سپر هاءِ وي ايڌي سينٽر، حيدراباد ۽ ڪراچي مان ايڌي جون ۽ ٻيون ايمبولينسون اڌ ڪلاڪ بعد پهچڻ شروع ٿيون. پوري علائقي ۾ قيامت جهڙو منظر هو، مسافر عورتون، ٻارڙا ۽ مردن ۾ دانهون ۽ ڪيهاٽ پئجي ويا، ڪيترن ئي عورتن ۽ ٻارڙن مردن شيشا ٽوڙي ۽ درين مان ٽپا ڏيئي جان بچائي، مسافر بس مان ٽپا ڏيئي روڊن تي ڪرندڙ ڪيترن ئي مسافرن جون ٻانهون ۽ ٽنگون ڀڄي پيون، نوري آباد حادثي ۾ هڪ نوجوان مسافر خطرناڪ باهه ۽ حادثو ڏسي هوش وڃائي ويٺو، نوجوان کي زخم ته هلڪا لڳا آهن پر هو حادثي بعد صرف دانهون ڪندو رهي ٿو، پوليس موجب نوجوان وٽ ڪو به سڃاڻپ ڪارڊ ڪونهي ۽ هو ڳالهائي نٿو صرف سڏڪا ڀريندو ۽ روئيندو رهي ٿو، جنهن کي ايڌي ايمبولينس ذريعي حيدرآباد اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. نوري آباد حادثي جي اطلاع تي لمس اسپتال ڄامشورو ۾ رات 3 وڳي کان ايمرجنسي لاڳو ڪندي ماهر پروفيسر ڊاڪٽرن ۽ ٽڪينيشن عملي کي فوري طور طلب ڪري الرٽ رکيو ويو، اسپتال جو اي ايم ايس ڊاڪٽر مولا بخش ٿيٻو، آءِ ايم ايس ڊاڪٽر ڪاشف ميمڻ، ڊاڪٽرن جي ٽيم سميت ايمرجنسي وارڊ ۾ ويهي رهيا. نوري آباد ۾ ٿيل خوفناڪ حادثي جي متعلق رابطو ڪرڻ تي نوري آباد ٿاڻي جي ايس ايڇ او پير ممتاز ٻڌايو ته حادثو رات دير سان ٿيڻ سبب فوتين جي انگ ۾ واڌارو ٿيو، بروقت طبي سهولتون نه ملڻ ڪري ماڻهو فوت ٿيا آهن، هن چيو ته اهڙي واقعي جو ڪيس اي ايس آءِ ثابت چانڊيو جي فرياد تي داخل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ٻن ڄڻن جي کيسن مان سڃاڻپ ڪارڊ مليا آهن، انهن تي هڪ جو نالو باغ علي ۽ ٻئي جو محمد ڪوڙل چنا لکيل آهي، جڏهن ته ٻين فوتين جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي. واقعي واري ملبي مان هڪ موبائيل فون پڻ ملي جيڪا سڙيل هئي پر ان ۾ سم ثابت هئي، جيڪا فوتي باغ علي گوپانگ رهندڙ هالاڻي جو هو جنهن جي ٻڌائي پئي وڃي. ڊي سي او ڄامشورو چيو آهي ته حادثو ڪوچ ڊرائيور جي غفلت سبب ٿيو آهي، سڙي فوت ٿيل سمورن جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي. سپر هاءِ وي تاريخ جي المناڪ حادثي ۾ آئل ٽينڪر ۾ 40 هزار ليٽر تيل ڀريل هو، باهه جا شعلا پري تائين ڏسڻ ۾ اچي رهيا هئا، جنهن سبب سپر هاءِ وي ڪيترائي ڪلاڪ بلاڪ ٿي ويو. سپر هاءِ تي بدنصيب ڪوچ جي حادثي ۾ معجزاڻي طور بچي ويل نوجوان معشوق علي گوپانگ ۽ محمد شريف پانڌي خان چنو، ممتاز علي چنو صحافين کي ٻڌايو ته اسان ڪوچ جي پويان واري شيشي مان نڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وياسين، باهه پهرين اڳيان واري حصي ۾ لڳي هئي، بس ۾ باهه وقت عورتون ٻارڙا دانهون ڪري رهيا هئا پر امدادي ڪارروايون دير سان شروع ڪيون ويون، ڪوچ ۾ باهه جي وڙ چڙهيل مدد لاءِ پڪاري رهيا هئا، امدادي ڪارروائي جي دير ٿيڻ سبب سمورا زنده انسان دانهون ڪندا موت جي منهن ۾ هليا ويا. حيدرآباد ويجهو آئل ٽينڪر ۽ ڪوچ جي ٽڪر ۾ ٻن درجن کان وڌيڪ فوت ٿيندڙ ۾ مٺياڻي واسي نوجوان 25 ساله نديم علي ڀٽي، 27 ساله ديدار علي ملاح پڻ فوت ٿي ويا، جڏهن ته ممتاز علي سخت زخمي ٿي پيو، فوتين جي وارثن کي اهڙو اطلاع ملڻ بعد سندن گهر ۾ ڪهرام مچي ويو آهي، سندن مائرن کي بيهوشي جا دورا پئجي رهيا آهن، فوتين جا لاش هن وقت تائين وارثن جي حوالي نه ٿي سگهيا آهن. نوري آباد ڀرسان مسافر بس ۽ ٽينڪر جي ٽڪر ۾ سڙي فوت ٿيل مسافرن مان ٻه ڄڻا گمبٽ واسي ڳوٺ خليفه ناريجو جا 23 ساله علي نواز پٽ علي مراد ناريجو ۽ 27 ساله محرم علي پٽ مرحوم الهورايو طور سڃاڻپ ٿي، ٻئي پورهيت نوجوان ڪراچي ۾ پورهيو ڪندا هئا، رات ٻنهي ڄڻن کي مائٽن گلشن حديد پپري ۾ موڙ وٽان ڪوچ ۾ ويهاريو هو. سڙي فوت ٿي ويل علي نواز ناريجو جي شادي ٿيل هئي، جنهن کي هڪ پٽ جو اولاد آهي، ٻئي نوجوان جي اڃا شادي به ٿيل نه هئي، علاقي ۾ خبر ٻڌڻ تي هر اک آلي آهي، ماحول سوڳوار بڻيل آهي.ح
بشڪريه عبرت
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
جواب: ڪراچي کان سکر ويندڙ تيز رفتار ڪوچ جو آئل ٽينڪر کي ٽڪر، خوفناڪ باهه، 32 مسافر سڙ
انتهائي افسوسناڪ خبر آهي ۔۔۔ اڪثر منهنجو به رات جو سفر هوندو آهي۔۔۔ ۽ اهڙين ڪوچز جي ڊرائيور جو ننڊ جي جهوٽن کان بچڻ لاءِ ٽيپ کي وڏي آواز سان ٻڌڻ به ان لاءِ برداشت ڪندو آهيان ته ان سان ڊرائيور بهتر ڊرائيو ڪري سگهندو۔۔۔
اهڙين ڪوچز ۾ اڳ ئي ٻاهر نڪرڻ پريشان ڪن هوندو آهي مٿان واري ايڪسيڊينٽ ۽ باهه لڳڻ ڪري افراتفري ۾ لهڻ ڪيڏو نه مشڪل هوندو۔۔۔ خاص طور عورتن ۽ ٻارڙن لاءِ ۔۔۔
ادا ممتاز اهڙي موت جو تصور ئي جسم ۾ سيسڙاهٽ آڻي ٿو ڇڏي۔۔۔ دعا آهي ته حادثي ۾ جان وڃائيندڙ جي الله پاڪ بخشش فرمائي ۽ پوئنرن کي صبر عطا فرمائي۔۔۔۔ آمين
جواب: ڪراچي کان سکر ويندڙ تيز رفتار ڪوچ جو آئل ٽينڪر کي ٽڪر، خوفناڪ باهه، 32 مسافر سڙ
الله سائين هر ڪنهن کي پناھ ۾ رکي تمام افسوس ناڪ واقعو آهي۔
شايد اها ڊرائيورن جي غلطي آهي۔۔۔ڊرائيور رات جي ٽائيم ايترو ته لاپرواهي سان گاڏي ٿا هلائين جو ڪابه خبر ڪون ٿي پئي۔
مونکي کوڙ دفعا ڊرائيور جي پوئيان واري سيٽ ملي آهي۔۔۔۔پر سڄي رات ڊرائيور ۽ ڪنڊيڪٽر جو منهن ڏسڻو پيو۔۔۔نينڊ ته بلڪل به نه آئي ان دوران ڊرائيور ۽ ڪنڊيڪٽر جيڪا پاڻ ۾ چر پر ڪن پيا ته ان مان اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته سڄو ڪثور ڊرائيورن جو آهي۔
جواب: ڪراچي کان سکر ويندڙ تيز رفتار ڪوچ جو آئل ٽينڪر کي ٽڪر، خوفناڪ باهه، 32 مسافر سڙ
يا الله خير.
جواب: ڪراچي کان سکر ويندڙ تيز رفتار ڪوچ جو آئل ٽينڪر کي ٽڪر، خوفناڪ باهه، 32 مسافر سڙ
يا الله خير