نثارناز
سينيئر رڪن
پيارا سنڌ سلامت جا ساٿيو السلام عليڪم جيئي سنڌ
گُذريل جمع جي ڏينهن بتاريخ 21 جنوري 2011 ع تي شهر جي ميراحمد علي ٽالپر پبلڪ لائئبريري ٽنڊو محمد خان ۾ ناري ڊيولپمينٽ آرگنائزيشن پاران هڪڙو سيمينار بعنوان امن ذريعي عورتن خلاف تشدد جو خاتمو منعقد ڪرايو ويو، جنهن ۾ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ڏاها، پروفيسر، مختلف اين جي اوز جا نمائندا وڏي تعداد شريڪ ٿيا ان کان علاوه ٽنڊو محمد خان شهرجا مرد توڻي عورتون پڻ شريڪ ٿيا، ٻاهران آيل مهمانن ۾ ڪراچي کان محترم راشد انور ، حيدرآباد کان غفار ملڪ ، محترم مصطفى بلوچ، جڏهن ته خيرپور کان پروفيسر نذر چنا ، ٽنڊو محمد خان کان محترم علي نواز لُنڊ، محترما، نصرت ميمڻ پڻ شريڪ ٿيا، مهمانن کي آجياڻو ڏيندي ناري ڊيولپمينٽ آرگنائيزيشن ٽنڊو محمد خان جي چيئرپرسن ۽ سنڌ سلامت جي ميمبرياڻي شبانه امتياز سمون چيو ته دنيا ۾ جتي به انساني حقن جي لتاڙ ٿئي ته ان جو شڪار سڀ کان وڌيڪ عورت ٿئي ٿي، پوءِ اهو تشدد چاهي عورت عورت تي ڪري يا مرد عورت تي ڪري ، عورت جو ڪردار هن دنيا کي وڌائڻ ۽ ويجهائڻ ۾ ڪنهن کان به ڳجهو ڪونهي، تشدد ته ڪامن شيءَ آهي پر هتي ته عورتن سان ظلم جي حد تائين تشدد ڪيو ويندو آهي ڪڏهن عورتن جي سڀ کان وڌيڪ سونهن ڀري چيز وارن کي ڪٽيو ويندو آهي ته ڪڏهن عورت جي چهري تي تيزاب هاريو ويندو آهي ته ڪڏهن عورتن تي جنسي ڏاڍائي ڪري شيطان کي به لڄي ڪيو ويندو آهي، انهي جبر ۽ ڏاڍ کي ختم ڪرڻ لاءِ هڪڙو امن ئي واحد ذريعو آهي جنهن سا سئو فيصد نه سهي پر 90 فيصد عورتن تي تشدد جو خاتمو ممڪن ٿي سگهي ٿو۔ ڳالهه جڏهن امن جي نڪرندي ته توهان ڏٺو هوندو ته علائقي جا سانڃهه وند ماڻهون پنهنجي هٿن ۾ امن جا اڇا جهنڊا کڻي ، منٿ ميڙ ڪافلن جي صورت ۾ جتي جتي تشدد ٿيو هوندو ، جتي جتي ڏاڍ ٿيو هوندو اتي پهچندا آهن اتي گهڻو ڪري انهي منٿ ميڙي قافلي کي مان ڏنو ويندو آهي، ۽ پوءِ ڪي قدر قسمان قسمي جي ذريعي تشدد ۽ ڏاڍ جو خاتمون ٿي ويندو آهي۔ اسان کي به گهرجي ته اسان کي پنهنجي پاڙن ۾ پنهنجي ڳوٺن ۾ پنهنجي شهرن ۾ اهڙي قسم جون امن ڪاميٽيون ٺاهڻ گهرجن جيڪي بي لوث ، همدرد ماڻهن تي مشتمل هُجن جو فوري طور اهي حرڪت ۾ اچي تشدد ڪندڙ ڌر کي سختيءَ سان هدايت ڪن ۽ تشدد ٿيندر ڌر سان محبتون ونڊي ڪاميابيون ماڻهي سگهن، انهي سنجيده ۽ بهترين ڳالهه تي سموري پنڊال دل کولي تاڙيون وڄائي شبانه امتياز کي داد ڏنو، محترم مصفطفى بلوچ چيو ته سنڌ ڌرتي شروع کان وٺي امن جي ڌرتي رهي آهي، سنڌ ۾ سنتن ۽ صوفين سدائين امن کي برقرار رکيو آهي، انسانيت جو درس ڏنو آهي، هتي جيڪو عورتن تي ڏاڍ ڪيو وڃي ٿو ان جو سڀ کان وڏو ڪارڻ اهو آهي ته اسان پنهنجي مذهب، صوفين ۽ سنتن جي پيغامن کان يڪسر مُنهن موڙيو آهي، جيڪڏهن اسان پنهنجي پاڻ ۾ جهاتيون پايون ۽ نفرتن ۽ ذلتن کي پنهنجي پاڻ مان ڌڪي ٻاهر ڪڍون ته هوند عورت ڇا، مرد ڇا، ٻارڙا ڇا، پر سنڌ ۾ هڪڙي جانور تي به تشدد کي ٻُنجو اچي سگهجي ٿو، انهي موضع تي ڳالهائيندي محترم غفار ملڪ چيو ته اسان جا صوفي بزرگ جيڪڏهن ڪامياب هُئا ته صرف انهي ڪري ته هوءَ عدم تشدد ۽ عدم اهنسا جا پيروڪار هُئاماڻهو انهن وٽ ايندا هُئا ۽ پنهنجو دلي سُڪون حاصل ڪندا هُئا ته صرف ان ڪري اهي صوفي بزرگ ماڻهن ۾ پيار ورهائيندا هُئا ۽ سچايون ورهائيندا هُئا، جڏهن معاشري ۾ پيار ۽ سچ ورهائبو ته توهان اندازو لڳائي سگهو ته تشدد جي اصل پاڙ پٽجي ويندي آهي۔ دنيا جو هر مذهب انسانيت جو داعي رهيو آهي، پوءِ انهن مذهبن جا ٺيڪيدار جنوني ٿي تشدد جي پرچارڪ ڪن ٿا، تشدد کي پروان چڙهائن ٿا، امن جو گلو ڪاٽي رت جا ڍُڪ ڀري ڊريڪولا جيان معاشري کي کوکلو ڪن ٿا، ۽ ان ۾ سڀ کان زياده تشدد جو شڪار عورت ئي ٿئي ٿي۔ اسان کي گهرجي ته تنگ نظرن ۽ جنوني ماڻهن کان پنهنجي جند آجي ڪرايون۔ ڪراچي کان ڪهي آيل ڏاهي راشد انور چيو ته جيڪڏهن اسان صوفي شاهه عنايت شهيد جي فلسفي جيڪو کيڙي سو کائي، کي عام ڪريون ته ظلم نفرتون ۽ ڏاڍو جو خاتمون اچي سگهي ٿو۔ عورت جيڪا سونهن آهي هن خوبصورت دنيا جي ، شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح به پنهنجي پاڻ کي عورت جي ٻولي اديون عبداللطيف چئي واري ڪيفيت مان گذاري اهو ثابت ڪيو آهي ته عورت ئي اها هستي آهي جنهن جي دم سان محبتون ، وفائون ۽ پيار برقرار آهن ۔ هاڻي پيش آهن انهي سيمينار جون ڪجهه تصويري جهلڪيون ياد رهي ته انهي زبردست سيمينار جي سموري ڪاروائي سنڌ سلامت جي جهوني هن نثاراحمد ناز هلائي۔

ناري ڊيولپمينٽ آرگنائزيشن پاران هن سيمينار جو بينر آويزان هو

ميراحمد علي ٽالپر لائبريري ٽنڊو محمد خان جي دروازي جو ٻاهريون گيٽ انهي لائيبريري ۾ اهو سيمينار منعقد ڪيو ويو۔

سنڌ سلامت جي ميمبر ۽ ناري ڊيولپمينٽ آرگنائيزيشن ٽنڊو محمد خان جي چيئرپرسن محترما شبانه امتياز مهمانن کي آجياڻو ڏئي رهي آهي۔

ايس ڊي ايس جو سرپرست محترم غفار ملڪ تقرير ڪري رهيو آهي۔

ايس پي او جو چيئرمين محترم مصطفى بلوچ پنهنجا خيال ونڊي رهيو آهي۔

ڪراچي کان آيل راشد انور پنهنجا ويوز ونڊي رهيو آهي۔

پاڪستان پيپلر پارٽي ضلع ٽنڊو محمد خان جي خواتين ونگ جي نائب صدر نصرت ميمڻ پڻ خطاب ڪيو۔

آپا سيما قمبراڻي پڻ پنهنجا خيال هن موضع تي اوريا۔

علي نواز لُنڊ خطاب ڪري رهيو آهي