امن ذريعي عورتن تي تشدد جو خاتمو سيمينار

'سنڌياڻي' فورم ۾ نثارناز طرفان آندل موضوعَ ‏25 جنوري 2011۔

  1. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    743
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    [JUSTIFY]پيارا سنڌ سلامت جا ساٿيو السلام عليڪم جيئي سنڌ
    گُذريل جمع جي ڏينهن بتاريخ 21 جنوري 2011 ع تي شهر جي ميراحمد علي ٽالپر پبلڪ لائئبريري ٽنڊو محمد خان ۾ ناري ڊيولپمينٽ آرگنائزيشن پاران هڪڙو سيمينار بعنوان امن ذريعي عورتن خلاف تشدد جو خاتمو منعقد ڪرايو ويو، جنهن ۾ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ڏاها، پروفيسر، مختلف اين جي اوز جا نمائندا وڏي تعداد شريڪ ٿيا ان کان علاوه ٽنڊو محمد خان شهرجا مرد توڻي عورتون پڻ شريڪ ٿيا، ٻاهران آيل مهمانن ۾ ڪراچي کان محترم راشد انور ، حيدرآباد کان غفار ملڪ ، محترم مصطفى بلوچ، جڏهن ته خيرپور کان پروفيسر نذر چنا ، ٽنڊو محمد خان کان محترم علي نواز لُنڊ، محترما، نصرت ميمڻ پڻ شريڪ ٿيا، مهمانن کي آجياڻو ڏيندي ناري ڊيولپمينٽ آرگنائيزيشن ٽنڊو محمد خان جي چيئرپرسن ۽ سنڌ سلامت جي ميمبرياڻي شبانه امتياز سمون چيو ته دنيا ۾ جتي به انساني حقن جي لتاڙ ٿئي ته ان جو شڪار سڀ کان وڌيڪ عورت ٿئي ٿي، پوءِ اهو تشدد چاهي عورت عورت تي ڪري يا مرد عورت تي ڪري ، عورت جو ڪردار هن دنيا کي وڌائڻ ۽ ويجهائڻ ۾ ڪنهن کان به ڳجهو ڪونهي، تشدد ته ڪامن شيءَ آهي پر هتي ته عورتن سان ظلم جي حد تائين تشدد ڪيو ويندو آهي ڪڏهن عورتن جي سڀ کان وڌيڪ سونهن ڀري چيز وارن کي ڪٽيو ويندو آهي ته ڪڏهن عورت جي چهري تي تيزاب هاريو ويندو آهي ته ڪڏهن عورتن تي جنسي ڏاڍائي ڪري شيطان کي به لڄي ڪيو ويندو آهي، انهي جبر ۽ ڏاڍ کي ختم ڪرڻ لاءِ هڪڙو امن ئي واحد ذريعو آهي جنهن سا سئو فيصد نه سهي پر 90 فيصد عورتن تي تشدد جو خاتمو ممڪن ٿي سگهي ٿو۔ ڳالهه جڏهن امن جي نڪرندي ته توهان ڏٺو هوندو ته علائقي جا سانڃهه وند ماڻهون پنهنجي هٿن ۾ امن جا اڇا جهنڊا کڻي ، منٿ ميڙ ڪافلن جي صورت ۾ جتي جتي تشدد ٿيو هوندو ، جتي جتي ڏاڍ ٿيو هوندو اتي پهچندا آهن اتي گهڻو ڪري انهي منٿ ميڙي قافلي کي مان ڏنو ويندو آهي، ۽ پوءِ ڪي قدر قسمان قسمي جي ذريعي تشدد ۽ ڏاڍ جو خاتمون ٿي ويندو آهي۔ اسان کي به گهرجي ته اسان کي پنهنجي پاڙن ۾ پنهنجي ڳوٺن ۾ پنهنجي شهرن ۾ اهڙي قسم جون امن ڪاميٽيون ٺاهڻ گهرجن جيڪي بي لوث ، همدرد ماڻهن تي مشتمل هُجن جو فوري طور اهي حرڪت ۾ اچي تشدد ڪندڙ ڌر کي سختيءَ سان هدايت ڪن ۽ تشدد ٿيندر ڌر سان محبتون ونڊي ڪاميابيون ماڻهي سگهن، انهي سنجيده ۽ بهترين ڳالهه تي سموري پنڊال دل کولي تاڙيون وڄائي شبانه امتياز کي داد ڏنو، محترم مصفطفى بلوچ چيو ته سنڌ ڌرتي شروع کان وٺي امن جي ڌرتي رهي آهي، سنڌ ۾ سنتن ۽ صوفين سدائين امن کي برقرار رکيو آهي، انسانيت جو درس ڏنو آهي، هتي جيڪو عورتن تي ڏاڍ ڪيو وڃي ٿو ان جو سڀ کان وڏو ڪارڻ اهو آهي ته اسان پنهنجي مذهب، صوفين ۽ سنتن جي پيغامن کان يڪسر مُنهن موڙيو آهي، جيڪڏهن اسان پنهنجي پاڻ ۾ جهاتيون پايون ۽ نفرتن ۽ ذلتن کي پنهنجي پاڻ مان ڌڪي ٻاهر ڪڍون ته هوند عورت ڇا، مرد ڇا، ٻارڙا ڇا، پر سنڌ ۾ هڪڙي جانور تي به تشدد کي ٻُنجو اچي سگهجي ٿو، انهي موضع تي ڳالهائيندي محترم غفار ملڪ چيو ته اسان جا صوفي بزرگ جيڪڏهن ڪامياب هُئا ته صرف انهي ڪري ته هوءَ عدم تشدد ۽ عدم اهنسا جا پيروڪار هُئاماڻهو انهن وٽ ايندا هُئا ۽ پنهنجو دلي سُڪون حاصل ڪندا هُئا ته صرف ان ڪري اهي صوفي بزرگ ماڻهن ۾ پيار ورهائيندا هُئا ۽ سچايون ورهائيندا هُئا، جڏهن معاشري ۾ پيار ۽ سچ ورهائبو ته توهان اندازو لڳائي سگهو ته تشدد جي اصل پاڙ پٽجي ويندي آهي۔ دنيا جو هر مذهب انسانيت جو داعي رهيو آهي، پوءِ انهن مذهبن جا ٺيڪيدار جنوني ٿي تشدد جي پرچارڪ ڪن ٿا، تشدد کي پروان چڙهائن ٿا، امن جو گلو ڪاٽي رت جا ڍُڪ ڀري ڊريڪولا جيان معاشري کي کوکلو ڪن ٿا، ۽ ان ۾ سڀ کان زياده تشدد جو شڪار عورت ئي ٿئي ٿي۔ اسان کي گهرجي ته تنگ نظرن ۽ جنوني ماڻهن کان پنهنجي جند آجي ڪرايون۔ ڪراچي کان ڪهي آيل ڏاهي راشد انور چيو ته جيڪڏهن اسان صوفي شاهه عنايت شهيد جي فلسفي جيڪو کيڙي سو کائي، کي عام ڪريون ته ظلم نفرتون ۽ ڏاڍو جو خاتمون اچي سگهي ٿو۔ عورت جيڪا سونهن آهي هن خوبصورت دنيا جي ، شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح به پنهنجي پاڻ کي عورت جي ٻولي اديون عبداللطيف چئي واري ڪيفيت مان گذاري اهو ثابت ڪيو آهي ته عورت ئي اها هستي آهي جنهن جي دم سان محبتون ، وفائون ۽ پيار برقرار آهن ۔ هاڻي پيش آهن انهي سيمينار جون ڪجهه تصويري جهلڪيون ياد رهي ته انهي زبردست سيمينار جي سموري ڪاروائي سنڌ سلامت جي جهوني هن نثاراحمد ناز هلائي۔[/JUSTIFY]

    [​IMG]
    ناري ڊيولپمينٽ آرگنائزيشن پاران هن سيمينار جو بينر آويزان هو

    [​IMG]

    ميراحمد علي ٽالپر لائبريري ٽنڊو محمد خان جي دروازي جو ٻاهريون گيٽ انهي لائيبريري ۾ اهو سيمينار منعقد ڪيو ويو۔

    [​IMG]

    [​IMG]
    سنڌ سلامت جي ميمبر ۽ ناري ڊيولپمينٽ آرگنائيزيشن ٽنڊو محمد خان جي چيئرپرسن محترما شبانه امتياز مهمانن کي آجياڻو ڏئي رهي آهي۔

    [​IMG]
    ايس ڊي ايس جو سرپرست محترم غفار ملڪ تقرير ڪري رهيو آهي۔

    [​IMG]
    ايس پي او جو چيئرمين محترم مصطفى بلوچ پنهنجا خيال ونڊي رهيو آهي۔

    [​IMG]
    ڪراچي کان آيل راشد انور پنهنجا ويوز ونڊي رهيو آهي۔

    [​IMG]
    پاڪستان پيپلر پارٽي ضلع ٽنڊو محمد خان جي خواتين ونگ جي نائب صدر نصرت ميمڻ پڻ خطاب ڪيو۔

    [​IMG]
    آپا سيما قمبراڻي پڻ پنهنجا خيال هن موضع تي اوريا۔

    [​IMG]
    علي نواز لُنڊ خطاب ڪري رهيو آهي​
     
  2. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    743
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: امن ذريعي عورتن تي تشدد جو خاتمو سيمينار

    ڪجه وڌيڪ تصويرون
    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,859
    ورتل پسنديدگيون:
    27,209
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: امن ذريعي عورتن تي تشدد جو خاتمو سيميناز

    سائين نثار ناز سلام

    اوهان جا ٿورا جو اوهان اهڙن صحتمند پروگرامن ۾ حصو وٺي ان جا حال احوال اسان ونڊ ٿا ڪيو جيڪي معاشري جي ترقي ۽ بهتريء لاء ڪردار ادا ڪري رهيا آهن۔ ناري ڊيولپمينٽ آرگنائيزيشن ٽنڊو محمد خان جي ڀينرن کي به سلام جيڪي هن گهُٽ ۽ ٻوسٽ واري دور ۾ پنهنڪو هاڪاري ۽ مثبت ڪردار ادا ڪري هيون آهن۔ لطيف سرڪار ته ان عورت لاء جيڪا پنهنجي پيار لاء راتين جو اٿي ان سان ملڻ ٿي وڃي لکيو آهي ته :

    سِياري سِہَ راتِ ۾، جا گِھڙي وَسندي مِينهَن؛
    هَلو ته پُڇُون سُهڻِي، جا ڪَرَ ڄاڻي نِينهَن؛
    جنهن کي راتو ڏِينهَن، ميهارُ ئِي مَنَ ۾

    خبر ناهي ڇو اسان جا رويا لطيف جي راين جا مخالف ٿي ويا آهن ۽ معاشرو عورت کي اهو جائز مقام نه پيو ڏي پر هت ته نه نوجوانن کي اهو مقام مليو آهي نه مردن کي اها عزت ملي پئي ۔۔۔۔۔۔

    هڪ دفعو ٻيهر مهربانيون ۽‌ ناري ڊولپمينٽ وارن کي سلام
     
  4. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    743
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: امن ذريعي عورتن تي تشدد جو خاتمو سيميناز

    [JUSTIFY]پيارا محمد سليمان وساڻ توهان جا اهي پيار ڀريا ويچار ناري ڊيولپمينٽ آرگنائزيشن جي چيئرپرسن محترما شبانه امتياز جيڪا اسان جي سنڌ سلامت جي ميمبر پڻ آهي تائين پهچايا ويا آهن اميد آهي ته شبانه امتياز صاحبه ضرور شڪريا ادائگي جا ڪامينٽس لکندي۔ دوست سليمان نه صرف منهنجو پر هر سنڌي دوست جو اهو فرض ٿئي ٿو ته اهڙي صحتمند پروگرامن ۾ ضرور شرڪت ڪري هن تباهه ٿيندڙ معاشري کي بچائين ۽ صوفين جي هن سرزمين سنڌ ۾ ٿيندڙ چاهي مرد هُجي چاهي عورت هُجي تي ٿيندڙ ظلم ۽ ڏاڍ جي ديوار کي پنهنجي پيرن جي ٺوڪرن سان ڪيرائي پٽ ڪن نه ته جنهن ڊگر تي اسان جو معاشرو جنونيت ۽ ڏاڍو ۽ گابو واري رستي تي هلي پيو ان ۾ انسانيت جي ترقي تقريبن ناممڪن آهي۔ توهان جو ٿورائتو آهيان هميشهه جيان همت افزايون ڪري اسان جهڙن جيتامڙن شاعرن جون همت افزايون ڪريو ٿا۔[/JUSTIFY]

    هي ڪجهه وڌيڪ تصويرون آهن انهي سيمينار جون جيڪي توهان سميت سموري سنڌ سلامت جي دوستن کي ارپيان ٿو۔

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]]​
     
  5. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,875
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: امن ذريعي عورتن تي تشدد جو خاتمو سيمينار

    [justify]سائين نثار ناز جي ڪم جي تعريف ڪرڻ ته اسانکان گهڻي آهي، جو پاڻ هميشه ٽنڊي محمد خان ۽ حيدرآباد جي اوس پاس ۾ ٿيندڙ گڏجاڻيون، مجلسون ۽ ميلا اسانکي گهمائيندو ۽ انهن جا حال احوال ڏئي سنڌ ۾ هلندڙ هوائڻ جي رخ جي پيرائتي خبر ڏيندو رهندو آهي ۔۔۔ جنهن لا اسين سڀ سندس جا ٿورائتا آهيون ۔۔۔

    عورت تي تشدد جو جيتري حد تائين سوال آهي ته اهو ڪنهن هڪ معاشري جو سور ناهي پر دنيا جي سڀني معاشرن ۾ اهو سور موجود آهي، پو ڪٿي لڪل، ڪٿي ظاهر ۽ ڪٿي انجون شڪليون بدليل آهن ۔۔۔ سموري دنيا ۾ عورتون اهڙي قسم جون تنظيمون ٺاهي پنهنجن مردن جي مردانگي کي ٿڌو ڪنديون رهن ٿيون ۔۔۔

    پر يار مون مردن کي به مائن جي هٿان مار کائيندي ڏٺو آهي، بلڪ ڪيترن مردن کي ته گهر ۾ گهرندي ئي زال اهڙا ته طعنا ۽ لفظ چوندي آهي جو ويچارو مرد اصل ڀڄي جان ڇڏائيندو آهي ۔۔۔ جهڙي نموني عورتن تي ٿيندڙ تشدد جي خلاف عورتون گهٽ مرد وڌيڪ دنيا ۾ ڪم ڪري رهيا آهن ۔۔۔آ چاهيان ٿو ته عورتون به اهڙي ئي نموني مردن جي حقن جي جدوجهد جي لا پاڻ ڪو ميدان قائم ڪن، جت ويچارو مرد جڏهن گهر واري کان مار کائي ته ات اچي دانهن ڏئي سگهي ۔۔۔

    باقي اسانجون همدرديون اهڙين عورتن سان آهن جن تي مرد هروڀرو، بيڏوهو تشدد ڪنٿا ۽ ظلم ڪري مردانگي تي داغ هڻن ٿا ۔۔۔۔ اهي مرد اصل ۾ مرد نه پر بزدل ۽ ڀاڙيا هوندا آهن جي پنهنجي سگهه جسماني طور ڪمزور ۽ حساس عورت تي آزمائي دنيا جي مردن جو ڪنڌ شرم کان جهڪائيندا آهن ۔۔۔

    دنيا جي کوڙ ساترن ملڪن ۾ اهڙين تنظيمن جي خاص ضرورت به نه هوندي آهي جو اتان جو قانون ئي ايترو سگهارو ۽ سهڻو ٺهيل هوندو آهي جو ڪو به مرد ڪنهن به عورت کي ماري ته ٺهيو پر انجي مرضي کان بغير پيار به نٿو ڪري سگهي ۔۔۔

    دنيا جون قومون (سوا اسانجي ۽ ڪجهه ٻين جاهل ۽ ظالم ملڪن جي) پنهنجي معاشري ۾ اهڙا قانون ٺاهي انهن تي سختي سان عمل ڪنديون آهن، جت ڪنهن به انسان جي حق تلفي نه ٿئي ۔۔۔

    تازو سعودي عرب ۾ هڪ ماڻهون کي 20 ڪوڙا هنيا ويا جو هن ٻي هڪ شخص کي وحشي جانور چيو ۽ انجي بي عزتي ڪئي ۔۔۔

    تازو دبئي ۾ اهڙو قانون پاس ڪيو ويو آهي ته جيڪڏهن ڪو به شخص ٻي شخص کي گارگند ڪندو يا انکي اخلاق کان ڪريل اشارا (جيئن وچين آڱر ڏيکارڻ) يا ٻولي ڳالهائيندو ته کيس دبئي بدر ڪيو ويندو ۔۔۔

    مطلب ته آزاد قومون جهڙي طرح پنهنجي معاشري کي ڏينهن به ڏينهن صاف ڪنديون رهن ٿيون ته انهن جي معاشري ۾ رهندي هر انسان چاهي عورت هجي يا مرد، چاهي ٻار هجي يا پوڙهو يا جوان سڀ هڪ احساس ذميواري ۽ احساس تحفظ محسوس ڪنٿا ۔۔۔

    آ ڳالهه ڪريان ٿو آزاد ۽ سڌريل ملڪن جي، افسوس سنڌ نه آزاد آهي نه سڌريل ۔۔۔ ڇاڪاڻ سنڌ جي روڊن ۽ رستن تي هلندي ۽ گهمندي ڦرندي معاشري جي تصوير ڪشي ڪجي ته هڪ ڀيانڪ ۽ بڇڙي نظر ايندي ۔۔۔ ماڻهون ،ماڻهون سان وڙهندي، ماڻهون، ماڻهون جي بي عزتي ڪندي ۽ ماڻهون، ماڻهون کي ماريندي نظر ايندو آهي ۔۔۔

    رب العالمين کان دعا آهي ته اسانکي ظالمن کان بچائي ۽ اسانجي قوم کي ڏاهپ عطا ڪري ته هو پنهنجي قوم جي آزادي ۽ معاشرتي اصلاح جا ڪي قدم کڻي سگهن ۔۔۔ آمين
    [/justify]
     
  6. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    743
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: امن ذريعي عورتن تي تشدد جو خاتمو سيمينار

    [justify]ادا اسان جي پياري پاڪستان جي پياري عوام کي سُڌ هُجي ته انساني حقن جي لتاڙ جي خلاف قانون هن مُلڪ ۾ به کوڙ سارا آهن، پر انهن قانونن کي قانون جا پاسدار پنهنجي مرضي مطابق پنهنجي پِي جي جاگير سمجهندا آهن هتي عورتن تي ۽ مردن تي تشدد جا نت نوان طريقا سڀ کان وڌيڪ قانون جا رکوالا استعمال ڪندا آهن ادا، جيڪڏهن ڪا مظلوم عورت پنهنجي گهر جي چوري جي رپورٽ يا پنهنجي مڙس جي خلاف ايف آئي ڪٽرائڻ وڃي ٿي ته ٿاڻي جي وڏي منشي ، ننڍي مُنشي، کان وٺي سپاهي ڪاڪي جي هوس جو شڪار ٿيندي ٿيندي ، وڪيلن تائين وڃي پهچي ٿي، مرد وري جيڪڏهن ڪنهن ظلم ، تشدد يا ڏاڍ جو شڪار ٿئي ٿو ته رپورٽ مهل کيسي جي صفائي کان وٺي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ بار بار ٿاڻي ۾ طلبي جو هُن کي مُنهن ڏسڻو پوي ٿو، مطلب جنهن شريف ماڻهو رپورٽ لکائي ڄڻ ڦاٿو پو جنهن جي خلاف رپورٽ لکائي وئي اهو به قابو قانون جي رکوالن جي ٻنهي طرفان موج، وري جيڪڏهن ڪا عورت ڪنهن به ڪيس ۾ قابو ٿي آئي انهي عورت کي سڀ کان پهرين ته ڊيش ڊيش ڊيش جي قرباني ڏيڻي پوندي، وڏن کان وٺي ننڍن تائين۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ جي ٻيگهي مچي پوي ٿي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ پيارا نثار يار سُٺو آهين جو مڪي جي هوٽلن جا وي آئي پي کاڌا کايو سال اڌ لا مست (مست کان معافي ) وٺندي مڪي پاڪ ۾ ويٺو آهين، انساني حقن واريون تنظيمون به صرف پنهنجي پنهنجي قابليت چمڪائڻ اينديون آهن۔ باقي رهيون اين جي اوز واريون تنظيمون اهي به ننڍي پئماني تي انساني حقن جي لتاڙ خلاف پنهنجي وسيلن جي اندر رهي ڪري ڪجهه نه ڪجهه آواز اٿارينديون رهنديون آهن ، شبانه امتياز جي ناري ڊيولپمينٽ آرگنائزيشن ٽنڊو محمد خان به انهي سلسلي ۾ گهڻو ڪجهه ڪيو چلو وڏي پئماني تي نه سهي پر ننڍي پئماني تي ئي سهي۔[/justify]
     
  7. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,486
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: امن ذريعي عورتن تي تشدد جو خاتمو سيمينار

    saen naz sb awhan khe salam tho pesh karyan jo ehrha behtreen kama karyo paya, awhan jo kawshon desi moonkhe pana kareem (p.b.u.h) jan je hajatul wada ji aakhri speech and zendagi ji akhri lamhan ji wasiata yad achi wai janhen men (p.b.u.h) aortun je haqqan babat khas tor wasiata kai aahe, muhtaram imteyaz and muhtarma shabana sahebah san gadhu awhan penu (p.b.u.h) ji ina wasiyata te amal kare rahya aahyo janhe lae aaun samjhan tho ta awhan yaqinan (p.b.u.h) ji shafaata ja haqdara banji waya aaheyo dhani khan iha ee umeeda aahe, chand deenha aghu tando mohammad khan men awhan and muhtaram imteyaz and muhtarma shabana and ada a.ghfoor samon and muhtaram ada jumman shaikh jan ji pur takalluf manjhamde and tea dawat deyan jo thoraeto aaheyan ada asad mast san moon t.m.khan men hazri bhari jete awhan ji activeties ji wadheeka wejho achee desana jo moqo melyo. Yaqinan awhen samaj je behtri laae pana patorhe rahya aaheyo. Aakher men roman men likhan lae mazrat chaheyan tho jo aaun panhji mobile tan likhan payo jeka sindhi suport na thi kare.
     
  8. جواد رضا

    جواد رضا
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 جنوري 2010
    تحريرون:
    508
    ورتل پسنديدگيون:
    111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    ڌنڌو:
    لکڻ ۽ پڙهڻ
    ماڳ:
    شهدادپور
    جواب: امن ذريعي عورتن تي تشدد جو خاتمو سيمينار

    هي تحرير وري ڪهڙي ٻولي ۾ آهي؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟
     
  9. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    340
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: امن ذريعي عورتن تي تشدد جو خاتمو سيمينار

    سائين نثار ناز صاحب توهان جي تمام بهترين ونڊ آهي .
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو