محمد رمضان منڌرو
سينيئر رڪن
حضرت سچل سرمست جي سر مومل راڻو مان کنيل هڪ بيت توهان سڄڻن لا اميد ته پسند ايندو
غلطي جي سڀن دوستن کان معافي سائين نثار توهان جا لک ٿورا جو اسان کي غلطين کان آگاه ڪريو ٿا مهربانياوهان لکيو آهي “ منهن ڏيکارج مينڌار “ ممڪن اهو مينڌرا لفظ هجي ۔۔۔ وري ڏسي وٺندا ۔۔۔
ان وقت خاص خيال رکيو وڃي جڏهن چترڪاري ۾ بيت کي ڦوٽو جي صورت ڏجي، ڇاڪاڻ پو ان ۾ رد وبدل ڪرڻ ڏکيو ٿيو پوي ۔۔۔ ۽ ٻولي ۾ هڪ نقطي جي غلطي سبب محرم مان مجرم لکجي ويندو آهي ۔۔۔
سهڻو بيت آهي سچل جو ۔۔۔ سچل جو پيغام به سنڌ جي عشق جو پيغام آهي ۔۔۔
سنڌ سلامت ساٿ سلامت
سچل جو سهڻو بيت ۔ بيت ڪجه هن طرح آهي
چڙھنديسانءِ چِکي، نه ته مُنھن ڏيکارج مينڌرا؛شايد اوهان ماجد ڀرڳڙيء جي ويب تان کنيو آهي۔ ان ۾ ڪجه پروف جو غلطيون آهن۔ ساڳي ئي صفحي تي ڪٿي مينڌرا ته ڪٿي مينڌار لکيل آهي۔
آندو مون کي ھِتين، ڪَنھِن لارَ لِکي؛
چاڙھيو مون کي ڏاگھَ تي، تُنھنجي عِشق تکي؛
مَرُ ٻيو ڪو سِرُ سِکي، اُنھيءَ جي اولاڪ جو
اوهان هت ڪلڪ ڪري ماجد ڀرڳڙي صاحب جي ويب پيج تي ڏسي سگهو ٿا
مهرباني