ڦلپوٽو فقير
سينيئر رڪن
سنڌ سرڪار ثقافتي ماڳن جي تحفظ، چوري ۽ منتقل ٿيل نوادرات جي واپسي لاءِ متحرڪ ٿي وئي. چوکنڊيءَ جي تاريخي قبرستان کي چوديواري ڏياري، حددخيلون هٽائڻ ۽ نئين الاٽمينٽ نه ڪرڻ جو فيصلو. صوبائي وزير جي سربراهيءَ ۾ 8 رڪني ”ڪلچرل اينٽيڪوٽيز اينڊ آرڪيالاجيڪل“ ڪاميٽي قائم، نوادرات بابت نئون قانون تيار ڪرڻ ۽ تاريخي ماڳن لاءِ حفاظتي اپاءَ وٺڻ جي هدايت، وڏي وزير جي صدارت هيٺ ڪالهه سي ايم هائوس ۾ نوادرات ۽ ثقافت کاتي جو اعليٰ سطحي گڏيل اجلاس ٿيو، جنهن ۾ اين سي ايڇ ڊي جي چيئرپرسن نفيسا شاهه، صوبائي وزير مخدوم جميل الزمان، سيڪريٽري اينٽي ڪئيٽي ڪليم لاشاري، سيڪريٽري ثقافت علم الدين بلو، سيڪريٽري قانون غلام نبي شاهه، سيڪريٽري اينڊوومينٽ حميد آخوند، ياسمين لاري، حيمد هارون ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ سنڌ جي تاريخي شين، ڪاشيگري ۽ جنڊي سميت ثقافتي ڪرِتن ۽ تعميراتي فن جي حوالي سان ٿيندڙ ڪمن جو جائزو ورتو ويو ۽ مختلف تجويزن تي غور ڪيو ويو، ان موقعي تي وڏي وزير ڳالهائيندي چيو ته سنڌ ثقافتي لحاظ کان وڏي اهميت رکي ٿي. ان ڪري تاريخي ماڳن، عمارتن ۽ نوادرات کي اصلي حالت ۾ بچائڻ لاءِ سخت نظرداري ڪئي وڃي ۽ اتي ٿيندڙ حددخليون هٽايون وڃن. وڏي وزير وڌيڪ چيو ته 18 هين ترميم کانپوءِ موهن جي دڙي کانسواءِ باقي قديم ماڳ صوبي حوالي ڪيا ويا آهن. ان ڪري صوبائي مامرن ۾ ڪابه مداخلت برداشت نه ڪئي ويندي، ان موقعي تي وڏي وزير نوادرات واري صوبائي وزير مخدوم جميل الزمان جي سربراهيءَ ۾ 8 رڪني ”ڪلچرل اينٽيڪوٽيز اينڊ آرڪيالاجيڪل“ ڪاميٽي جوڙي وئي، جنهن ۾ صوبائي وزير سسئي پليجو، نفيسا شاهه، سيڪريٽري قانون، سيڪريٽري نوادرات، سيڪريٽري ثقافت، حميد آخوند، حميد هارون ۽ ياسمين لاري شامل آهن، ڪاميٽي کي هدايت ڪئي وئي آهي ته موجوده قانون جو جائزو وٺي ان ۾ ترميم ڪري نئون قانون تيار ڪيو وڃي ۽ قديم ماڳن جي تحفظ لاءِ هڪ مهيني اندر ڪاميٽي پنهنجون سفارشون پيش ڪري. وڏي وزير ڪاميٽيءَ کي هدايت ڪئي ته سنڌ جي تاريخي نوادرات جي لنڊن مان واپسيءَ لاءِ تحرڪ وٺي، وڏي وزير تاريخي نوادرات جي واپسيءَ لاءِ ٿيندڙ ڪامورڪي ڪوشش ۽ محقق جي محنت کي ساراهيندي اميد ظاهر ڪئي ته هن تاريخي ڪم ۾ سندن سهڪار جاري رهندو. اجلاس ۾ هدايت ڪئي وئي ته ڪراچي جي ڪڙ تي واقع چوکنڊيءَ جي قديمي قبرستان کي چوديواري ڏياري حددخليون هٽاوين وڃن ۽ ڪابه نئين الاٽمينٽ نه ڪئي وڃي. جڏهن ته خدا آباد، حيدرآباد، ڪراچي، اسلام ڪوٽ، ڪوٽڏيجي. آمري، رني ڪوٽ، سکر ۽ ٻين شهرن ۾ تاريخي ماڳن جي تحفظ لاءِ پڻ حفاظتي اپاءَ ورتا وڃن. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته حيدرآباد جي مکي هائوس ۽ سنڌ پراونشل بئنڪ جي عمارت کي محفوظ ڪرڻ لاءِ وڏي وزير ڏانهن سمري اماڻي ويندي.
روزانه ڪاوش جي ٿورن سان
سدائين گڏ