مومل ۽ راڻو جو داستان ۽ وڊيو رپورٽ

'مختصر پر سبق آموز' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏26 جنوري 2011۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,398
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    مومل ۽ راڻو جو داستان ۽ وڊيو رپورٽ ​


    پندرھين صدي عيسويءَ جي اوائل ۾، راجا بند نالي گجر(1) ذات جو ھڪ سردار، ميرپور ماٿيلي(2) جو حاڪم ھو. کيس نو نياڻيون ھيون. انھن مڙني مان مومل سونھن ۾ سوائي ھئي، ۽ سومل وري سياڻپ ۾ سرس ھئي.
    ھڪ ڏينھن راجا نند امير امراءَ ساڻ ڪري، سنڌو نديءَ جي ڪپ تي شيل شڪار پئي ڪيو، تھ اوچتو ھڪ سوئر درياءَ ۾ ٽپندو نظر آيس. ڇا ڏسي تھ جيئن سوئر وڃي اڳتي وڌندو، تيئن درياءَ وڃي سڪندو. اھڙو اچرج ڏسي، سوئر جي پٺيان کڻي پنھنجو گھوڙو ڇڏيائين، ۽ ويو ڪاھيندو، تان جو ٻئي وڃي پرينءَ ڀر پھتا. آخر سوئر کي پھچي، کيس ڏڦو ھڻي، ماري وڌائين. دل ۾ خيال ٿيس تھ سوئر جي ڪنھن اندام (عضوي) ۾ مڙيو ئي ڪو اسرار ھو، جو پاڻي سڪندو پئي ويو، تنھن ڪري ويٺو سوئر جي بدن کي پرزا پرزا ڪرڻ ۽ انھن کي پاڻيءَ ۾ وجھي آزمائڻ. آخر معلوم ٿيس تھ اھو راز ھڪ ڏند ۾ سمايل آھي. پوءِ، اھو ڏند ساڻ ڪري، ان جي وسيلي پار پئي، موٽي پنھنجي محل ڏي روانو ٿيو. رفتي رفتي پنھنجو سارو خزانو کڻي، درياءَ جي پيٽ ۾ پوشيده رکيائين. ھن مام جي ڪنھن کي بھ ڪل نھ رھي.
    اتفاق سان، ھڪ فقير کي جادوءَ جي زوي تي انھيءَ ڏند جي ڪرامت جي کڙڪ پئجي ويئي، ۽ ڏاڍي دل ٿيس تھ ڪيئن بھ ڪري اھو ھزاري ڏند ھٿ ڪريان، سو ڪھي ڪھي، اچي ماٿيلي ۾ پھتو، ۽ واجھھ پئي وڌائين تھ ڪو اھڙو موقعو مليم، جو راجا نند جي پرپٺ پنھنجي آرزو پوري ڪريان. ڪنھن ڏينھن راجا نند سانگي سان سفر سڌاريو. اھو وجھھ وٺي، فقير وڃي محلات جي در تي سئن ھنئي، ۽ وٺي اھڙيون آھون صدائون ڪيائيون جو محلات اندر مومل جي ڪن وڃي پھتيون. مومل امالڪ دريءَ کان منھن ٻاھر ڪڍي، فقير کان پڇيو، اي سائين لوڪ! توسان ڪھڙي ويڌن ٿي آھي؟ فقير وراڻي ڏني، سانئڻ! آءٌ ڪنھن وڏي مرض ۾ مبتلا آھيان، ۽ ڏس مليو اٿم تھ شايد سوئر جي ڏند مان شفا حاصل ٿئيم. اوھين اڇي ڪاري جا مالڪ آھيو، ۽ ضرور اھڙيون شيون اوھان وٽ ئي موجود ھونديون. اھا آس رکي اوھان جي در سوالي ٿي آيو آھيان. مومل کي ھري آيو تھ بابي وٽ برابر ھڪ ڏند آھي، سو نڪا ڪيائين ھم، نڪا تم، ڳولھي ڦولھي، ڏند کڻي آڻي فقير جي جھوليءَ ۾ وڌائين. فقير بھ کيس دعائون ڪندو رمندو رھيو. پوءِ سڌو رخ رکيائين درياءَ ڏي، جتان پاڻي سڪائي، راجا نند جو خزانو ڍوئي، وڃي ڪنھن ڏوراھين ملڪ ۾ آرامي ٿيو. ستت ئي راجا نند بھ سفر تان موٽي آيو. ڪنھن وقت پنھنجي خزاني ڏسڻ جو خيال ٿيس. ڏند لاءِ گھڻو ئي ھيڏانھن ھوڏانھن نھاريائين، پر پتو ئي ڪونھ پيس. آخر پڇا بعد، محلات جي ماڻھن کان معلوم ٿيس تھ اھو ڏند مومل ڪنھن رمتو فقير کي ڏيئي ڇڏيو آھي. ٻڌڻ شرط، ننھن کان وٺي چوٽيءَ تائين باھھ وٺي ويس، ۽ زلھليون ڪري آيو مومل کي مارڻ. کيس خفا خون ڪري ڇڏي ھا، پر سومل وچ ۾ پئي، پيءُ کي حال ھٽائي، پاسيرو ڪيو، ۽ کيس دلاسو ڏيئي، چيو تھ اھو خزانو اوھان مون کان لھڻو.
    سومل جادو ڪامڻ جي فن ۾ گھڻو ھوشيار ھئي، سو ويھي، ويچار ڪيائين تھ اھڙو ڪو منڊ منڊجي، جو مال متاع ھميشه ھٿ ايندو رھي. اھا سٽ سٽي، ڀينرن ۽ بانھين کي ساڻ ڪري، ماٿيلو ڇڏي، جيسلمير جي ويجھو لڊاڻي(3) جي شھر ۾ وڃي وسنه ڪري ويٺي. ٿوري ئي عرصي ۾، لڊاڻي جي ڀرسان، ڪاڪ نيءَ(4) جي ڪلھي تي، ھڪ طلسمي رنگ محل رچي راس ڪيائين. محل جي چوڌاري ھڪ عمدو ۽ خوشنما باغ ڪري رکايائين، جنھن جي گلن ڦلن جي خوشبوءِ من مستانو ٿي ڪيو. باغ جي چوڌاري وڻراه مان اھڙو انگڙ ونگڙ پيچرو بنايائين، جنھن ۾ ھڪواريءَ ڪو گھڙي سھي، تھ وري سندس موٽڻ ئي مشڪل. محلات جي ٻنڀي وٽ وري ھڪ شيشي جو تلاءُ کڻي ٺھرايائين، جنھن ۾ طلسمي پاڻيءَ اھڙيون ڇوليون پئي ماريون، جو ڏسندڙ جو ڏيل ڏڪيو ٿي ويو. دروازي وٽ ۽ محلات جي چئن ئي ڪنڊن تي جادوءَ جا شينھن کڻي کڙا ڪيائين، جن جي گجگوڙين آسمان ڏاري ٿي وڌو. ديوانخاني ۾ ست کٽولا ھڪجھڙا سنواريل ۽ سينگاريل وڇارائي ڇڏيائين. انھن مان ڇھھ کٽولا ڪچي سٽ سان واڻيل ھئا، ۽ ھر ھڪ جي ھيٺان ھڪ اونھو کوھھ کنيل ھو، باقي ستين کٽولي ۾ ڪوبھ کوٽ خريب رکيل ڪونھ ھو. جڏھن محلات ۾ ٻيو سارو ٽڪساٽ جڙي تيار ٿيو، تڏھن ٻايون ۽ ٻانھيون ٺھي ٺڪي، ويس ورڻ ڪري، ڪوريئڙي وانگر ڄار پکيڙي، اندر ويھي رھيون، ۽ شھر ۾ ھوڪو گھمايائون تھ جيڪو ماڻھو باغ لنگھي، تلاءُ اڪري، شينھن جي چنبي کان پاڻ بچائي، سھي سلامت سچي کٽولي تي اچي ويھندو، تنھن کي مومل جو ھٿ نصيب ٿيندو. انھيءَ ھوڪي ھڻي وڃ ھنڌ ڪيو، ڇو تھ لڊاڻي جو شھر ھڪ ھاڪارو تيرٿ ھو، جتي پرانھن ملڪن جا واپاري ۽ شاھزادا جاٽائن لاءِ ايندا ھئا، ۽ انھن جي معرفت مومل جي حسن جي ھاڪ ھنڌ ھنڌ پکڙجي ويئي. ڪيترا بادشاھھ ۽ سوداگر مال متاع ساڻ کڻي، مومل جو سنڱ ھٿ ڪرڻ لاءِ اچي لڊاڻي ۾ ڊاٻو ڪندا ھئا.
    باغ جي لنگھھ وٽ ھڪ وڏي ڀير رکيل ھوندي ھئي. جيڪو بھ مومل سان ملڻ جي خواھش رکندو ھو، سو پھريائين اچي ڀير تي ڏونڪو ھڻندو ھو. ڀير جي آواز تي مومل يڪدم پنھنجيءَ پاڙھيل ٻانھيءَ ناتر کي آجيان لاءِ ٻاھر موڪليندي ھئي. پوءِ ناتر اڳ ۾ ٿي ھلندي ھئي، ۽ مھمان سندس ڪڍ ويندو ھو. واٽ تي ناتر گوھي ڏيئي، پاڻ تڳائي ويندي ھئي، ۽ مھمان پيچدار پيچري ۾ منجھي، ھيڏانھن ھوڏانھن پيو لوھون ڏيندو ۽ ڍومائون کائيندو ھو، تان جو مومل جا ماري اچي مٿس ڪڙڪندا ھئا ۽ کانئس سڀ ھيرا جواھر ڦري، ٻچڙ ڪري، ٻاھر اماڻيندا ھئس. ڪوبھ اھڙيءَ خواريءَ جي خبر پنھنجي ساٿين کي نھ سليندو ھو، ۽ بڇڙو منھن ڪري، لڊاڻي مان لوڌجي نڪرندو ھو، ۽ نراسائيءَ وچان ڪفني پائي، جوڳيڙو ٿي، مومل جي وصال لاءِ واجھائيندو، جھنگ جھاڳيندو وتندو ھو، جيستائين سندس پساھھ پورا ٿين. اھڙيءَ ريت گھڻن سڌڙين جا خانا خراب ٿي ويا، مومل بھ وڏا گنج گڏ ڪري، پنھنجي پيءُ راجا نند کي پئي پھچايا.
    انھن عقوبتن ھوندي بھ، گھڻي ئي محبت جا ماريل اڻ
    ڏٺا عاشق ٿي، ڏيساور ڏوري، ڪشٽ ڪڍي، پتنگن وانگر اچي مومل جي شمع مٿان پاڻ فدا ڪندا ھئا. جيڪي مارين جي موچڙن ھوندي بھ پيچري جي پچر نھ ڇڏيندا ھئا، سي نيٺ اتي ئي کاڄي کپي ويندا ھئا، ۽ سندن مڙھھ ڪاڪ جي ڪنڌيءَ تي قبر داخل ڪيا ويندا ھئا. جيڪي بختن سان حيلا وسيلا ڪري پيچري مان لنگھي، محلات تائين پھچندا ھئا، سي بھ ھڪ نھ ٻئي کوٽي کٽولي تي ويھي، وڃي کوھھ جي تري ۾ ڪرندا ھئا، جتي آخر پاھھ ٿي، چيچلائي چيچلائي، دم ڏيندا ھئا.
    انھيءَ زماني ۾ ٿر جو ملڪ سومرن جي حڪومت ھيٺ ھو. انھيءَ گھراڻي جو پويون حاڪم، ھمير سومرو، 1400ع ۾ گاديءَ تي ويٺو. سندس تخت گاھھ امرڪوٽ ھو. کيس ٽي وزير ھئا. جن کان پھر پلڪ بھ پري نھ گذاريندو ھو. انھن جا نالا ھئا: ڏؤنرو ڀٽي، سنھڙو ڌماچاڻي ۽ راڻو مينڌرو جو سندس سالو بھ ھو. چار ئي عيش عشرت جا ڪوڏيا ھئا. ڳچ وقت محفلن ۽ مجلسن ۾ گذاريندا ھئا ۽ پڻ شڪار جا شوقين ھئا. ھڪ لڱا سنڀري، شڪار تي نڪتا، ھرڻ، ڦاڙھا ماريندي، مٿان اچي ڏينھن تتن. ويسانھينءَ لاءِ جيئن ھڪ اوڏڙيءَ وسي ڏي وڌندا پئي ويا، تيئن اوچتو ئي اوچتو منھن ۾ ھڪ سوامي گڏين. سندس بت ڀڀوت سان ڀريل ھو، ڪلھن تي سائي شال ھيس، ڳچيءَ ۾ سوني مالھا ۽ مٿي تي مگٽ. منھن مان سج جھڙي جوت پئي چمڪيس، ۽ اکين مان ڳاڙھا الا پئي نڪتس. ھيءُ لقاءُ ڏسي، چار ئي يار دھلجي بيھي رھيا.
    تڏھن ھمير نھاري راڻي ڏانھن، راڻو ڏانھن ھمير.
    آخر ھمت جھلي، مينڌري نھايت نئڙت سان نمسڪار ڪري، سواميءَ کي شوال ڪيو، مھراج! اوھان سان خير تھ آھي، جو وتو ھھڙيءَ ڌرتتيءَ جو برن پٽن ۾ ڪشالا ڪڍندا؟ سوال سڻندي ئي، سوامي ساڻو ٿي ويو. جڏھن وري سڌير ٿيو.
    تڏھن ڏسڪي ۽ ڏس ڏي، ٿو روءِ رتو آب،
    تا آيس لڊاڻي کنئون، عاقلا! ساڻ اسباب،​
    آئون ننگو، ھوس نواب، پر ڪاڪ ماري ڪيس ڪاپڙي​
    .
    تنھن تي راڻي ورجائي پڇيس، مھراج! مھرباني ڪري ٻڌايو تھ توھان سان ھھڙو وئل ڪيئن وھيو؟ جوڳيءَ جواب ڏنو، راڻا! آءٌ بھ اوھان وانگر شھزادو ھوس، ۽ در تي سؤ سلامي ھوندا ھئم. مومل جي سونھن جي ساراھھ سڻي، مٿس مفتون ٿي پيس، ۽ مال خزانا ساڻ ڪري، سندس مشاھدي ماڻڻ لاءِ ڪاڪ روانو ٿيس، پر سندس ڪامڻن اڳيان منھنجي ڪانھ ھلي. آخر پنھنجو حال مال قربان ڪري، لڊاڻو ڇڏڻو پيم. ھڪ واريءَ سو جيئن مومل محلات جي دريءَ کان جھاتي پائي پئي نھاريو، تيئن منھنجي بھ مٿس نظر چڙھي ويئي. بس، انھيءَ ديد ديوانو ڪري وڌم. ھاڻ جان جيئندس، تان مومل جو وصال لاءِ واجھائيندو رھندس. ائين، چئي، سوامي سارو قصو ڪري ٻڌاين. اھو درد جو داستان سڻي، چئني يارن جي دلن ۾ عشق جو ڪاري ڪان چڀي ويو، ۽ پڪو پھھ ڪيائون تھ ڪيئن بھ ڪري مومل کي ھڪواريءَ ضرور پسبو. پوءِ امرڪوٽ ڏي موٽي وڃڻ بدران، اتي ئي راتاھو ڪري، ٻئي ڏينھن اسر جو چارئي يار ڪاڪ ڏي ڪاھي پيا. ٽن چئن ڏينھن سواريءَ بعد(5)، نما شام جو اچي مومل جي محالت جي ٻاھران ديرو دمايائون ھيءَ خبر مومل جي چارين وڃي موملي کي رسائي. پرھھ ڦٽيءَ جو، مومل پنھنجي ٻانھيءَ ناتر کي ھار سينگار ڪرائي، کيس يارن جي مرحبا لاءِ روانو ڪيو. ناتر ايندي ئي شرط، نئڙي سلام ڪري، سندين خوش خير عافيت ڪئي ۽ ھر ھڪ جي اڳيان چڻن جي ٿالھي ۽ منجھيل سٽ جي ڦاري رکي، پاڻ ھٽي، پوئتي ٿي بيٺي. راڻي کان سواءِ ٻيا سڀيئي چڻن کي جنبي ويا، ۽ کائي ڍءُ ڪري، ويٺا سٽ سلجھائڻ. گھڻو ئي مٿو کوھيائون، پر سٽ نھ سلجھيو. راڻي چڻن ڏي تھ نھاريو بھ ڪين. ٿالھي ئي کڻي، گھوڙي اڳيان رکيائين، ۽ سٽ کي ڪاتيءَ سان ڪپي، ان مان مکڻھارو ٺاھي، پنھنجي گھوڙيءَ کي سينگاريائين، ۽ فلڪ سان ناتر کي پڪاري چيائين، وڃي پنھنجيءَ سانئڻ کي سمورو حال سڻا راڻي جي ھيءَ روش ڏسي، ناتر جا تال مول گم ٿي ويا، ۽ پويان پير ڪري، وھلوئي اچي مومل کي ساري حقيقت ٻڌايائين، ۽ چيائينس تھ، سائنڻ! چار ملوڪ تنھنجي ڪڍ ڪھي آيا آھن. آھن مڙئي منھن موچارا، پر راڻو رتي ڪثر آھي. منھنجي تھ صلاح اٿئي تھ ساڻس ڪري سڱ ڪر. اھڙي سھڻي جوان کي مارڻ نھ سھائي. مومل کي البت ترس آيو، پر دل جھلي چيائين تھ جي راڻو سچ پچ اھڙو سياڻو آھي، تھ پاڻيھي اچي مون تائين پھچندو، پر جي مشڪلاتن منجھائي وڌس، تھ چئبو تھ ٻين جھڙو ئي مورک آھي، ۽ پوءِ مون تي ميار نھ آھي. وري بھ راڻي جي سياڻپ پرکڻ لاءِ ھڪ حلوي جو ٿالھھ ناتر ھٿان مھمانن ڏي ڏياري مڪائين. حلوو ڏسندي ئي، راڻي کي ڏاڍي مٺيان لڳي، سو ناتر کي ڏھڙ ڏيئي چيائين تھ ڇا، اسان کي زالون سمجھيو اٿو، جو اھڙو زنانو طعام اسان جي کائڻ لاءِ کڻي آئي آھين؟ ناتر حيراني ۾ پئجي وئي، ۽ پوئين کڙي ڪري، سڌو سانئڻ ڏي سھڪندي آئي. مومل جي اڃا بھ دل نھ رھي. ڀانيائين تھ اڃا بھ ھڪ ڀيرو راڻي کي آزمايان، سو سوادي سترڇي طعام تيار ڪرائي، ۽ انھن ۾ زھر ملائي، وري بھ ناتر ھٿان راڻي ڏي روانا ڪيائين. ناتر ايندڙ ئي شرط، ھر ھڪ جي اڳيان طعام پڙڇي، کين عرض ڪيو تھ ھي سڀ سترڇون منھنجي سانئڻ خاص اوھان لاءِ پنھنجي مبارڪ ھٿن سان رڌيون آھن، ۽ اوھان کي منٿ ڪئي اٿس تھ ڀلائي ڪري، گرھھ گرھھ کائي، مون تي مھرباني ڪريو. ھمير ۽ سندس ٻھ ساٿي اڃا لقمو ڀرڻ تي ھئا، تھ راڻي کين روڪ ڪئي، ڇو تھ شڪ پيس تھ متان کاڌي م ڪو خريب ھجي. پوءِ ذرو کڻي، ڪتي کي ڏنائين، جو کائيندي شرط، ڪوڪاٽ ڪري مري ويو. ھيءُ حال ڏسي، ھمير سومرو پلئھ ڇنڊي، اٿي کڙو ٿيو، ۽ غصي ۾ ڀرجي چيائين تھ ھلو، تھ موٽي وطن ھلون، ھن ھچاريءَ سان پڄڻ جي جاءِ نھ آھي. تنھن تي راڻي وراڻي ڏني، قبلا! وريامن جو ڪم نھ آھي پوئتي ورڻ، جڳائي تھ مانجھي ٿي، ميدان ۾ لھي پئون. انھيءَ ردبدل ۾ ئي ھئا، تھ ناتر گوھي ڏيئي گم ٿي وئي ۽ وڃي مومل کي سارو قصو سڻايائين، ۽ وري بھ وينتي ڪري چيائينس تھ ھاڻ بھ ڪري منھنجي منت مڃ: راڻي جھڙو مرڪڻو مڙس ھروڀرو ھٿان نھ وڃاءِ، نھ تھ ڏاڍو ڪي پڇتائيندينءَ. تنھن تي مومل ڇڙٻ ڏيئي، چيس تھ گھوڙي! زبان بند ڪر. آءٌ ڪا پاڻ کي کلڻ ھاب ڪنديس ڪيئن؟ ھاڻ سڌو وڃ، ۽ وڃي چئين تھ جي اھڙا سورھيھ ۽ سياڻيا آھيو، تھ اچي بخت آزمايو.

    شاه صاحب جو راڻي بابت بيت ​

    ڪـــــاڪ ڪــــڙهي وڻ ويا، ٻـــريا رنگ رتــــــول،
    تــــــــو پڄاڻــــــان سپــــــرين، اچـــــن هيئنڙي هـــــول،
    جي مونسين ڪيڙيءَ قول، سي سگها پاڙج سپرين۔ ​

    سچل سرمست جا راڻي بابت بيت ​

    مون تَؤن مِھڻو لاھ، موليٰ ڪارڻ مينڌار؛
    تون تا صاحبُ آھيين، ھيءَ ڏوھارڻ ڏاھِ؛
    توڙي ٿِيس بيراہِ، ته ڀي ڳَل تنھنجي آھيان!​

    شيخ اياز جا راڻو مومل مان چيل شاعري ​

    سڀڪا مومل سڀڪو راڻو
    سڀڪا مومل سڀڪو راڻو
    پنهنجي پنهنجي ڪاڪ سڀن کي
    لڙڪ به سڀ کي مرڪ به سڀ کي
    سونهن پياري سرڪ به سڀ کي
    پير به سڀ کي پور به سڀ کي
    نينهن ڏنا ناسور به سڀ کي،
    هار به سڀ کي جيت به سڀ کي
    مٺڙا مٺڙا گيت ميت به سڀ کي
    سڀ کي ڳوڙها ۽ ڳاراڻو
    سڀڪا مومل سڀڪو راڻو
    پنهنجي پنهنجي ڪاڪ سڀن کي​


    مومل راڻو داستان هڪ وڊيو رپورٽ​

    http://www.youtube.com/watch?v=Q3g2mARJDKY&feature=feedu
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,888
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: مومل ۽ راڻو جو داستان ۽ وڊيو رپورٽ

    ممتاز سائين، قصو ته تمام سٺو ونڊ ڪيو اٿوَ، پر ڪو حوالو وغيره نظر نه آيو،

    ڇاڪاڻ ته هي قصو ته حقيقت آهي ۽ اها به حقيقت آهي ته مومل ۽ سومل جو پيءُ جيڪو راجا هو سو غريب ٿي ويو ۽ ان سبب مومل، سومل ۽ ٻين ڀينرن اهو ڪاڪ محل وارو رنگ رچايو ۔۔۔ ۽ راڻي اچي سوڀ ماڻي ۔۔۔ پر هن قصي ۾ شروع شروع وارو بيان ڪجهه ڏند ڪٿا پيو لڳي ۔۔۔ جيتوڻيڪ اهو زمانو جادو جو ضرور هو ۔۔۔ ۽ ائين ممڪن به هجي پر ان قصي لکڻ جو حوالو هجي ها ته اڃان وڌيڪ خبر پوي ها ۔۔۔

    باقي هن قصي ۾ شيخ اياز جو نظم به پنهنجي مٽ پاڻ آهي ۔۔۔

    سڀڪا مومل سڀڪو راڻو
    سڀڪا مومل سڀڪو راڻو
    پنهنجي پنهنجي ڪاڪ سڀن کي
    لڙڪ به سڀ کي مرڪ به سڀ کي
    سونهن پياري سرڪ به سڀ کي
    پير به سڀ کي پور به سڀ کي
    نينهن ڏنا ناسور به سڀ کي،
    هار به سڀ کي جيت به سڀ کي
    مٺڙا مٺڙا گيت ميت به سڀ کي
    سڀ کي ڳوڙها ۽ ڳاراڻو
    سڀڪا مومل سڀڪو راڻو
    پنهنجي پنهنجي ڪاڪ سڀن کي
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,935
    ورتل پسنديدگيون:
    27,294
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: مومل ۽ راڻو جو داستان ۽ وڊيو رپورٽ

    ادا ممتاز واه واه

    سهڻو ليک ، مومل راڻي جو قصو شاه صاحب به خوب ڳايو آهي پر اوهان به مبارڪون لهڻيون جو هيڏي محنت سان هي ليک اسان سان ونڊ ڪيو۔ ڀٽائي گهوٽ سر مومل راڻي ۾ پيو چوي :


    هَلو، هَلو! ڪاڪِ تَڙين، جتي نِينهَن اُڇَلَ؛
    نه ڪا جَھلَ نه پَلَ، سَڀُڪو پَسي پِرِينءَ کي.
    *
    هَلو، هَلو! ڪاڪِ تَڙين، جتي گَھڙِجي نِينهُن؛
    نه ڪا راتِ نه ڏِينهُن، سڀڪو پَسي پِرِينءَ کي.
    *
    هَلو، هَلو! ڪاڪِ تَڙين، چَرُو جِتِ چَڙَهنِ؛
    ڪوڙين رَنگَ رَچَنِ، پانوڙِيءَ پِڪَ سين

    سچل چيو آهي

    سوڍا ھِن سَڙيءَ جو، لَھِي وڃُ سماءُ؛
    ويرن وڌو وچَ ۾، آھي ويرُ وڌاءُ؛
    مون تي لڳندو ڪونڪو، پيارا پاڻيءَ پاءُ؛
    ھيڪَر ھيڏي آءُ، ته پِرولي پَڌر ٿئي

    اياز چيو آهي

    رات آئي وئي تون نه آئين ڪهي
    ماڪ ۾ مينڌرا ڪاڪ روئندي رهي
     
  4. جواد رضا

    جواد رضا
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 جنوري 2010
    تحريرون:
    508
    ورتل پسنديدگيون:
    111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    ڌنڌو:
    لکڻ ۽ پڙهڻ
    ماڳ:
    شهدادپور
    جواب: مومل ۽ راڻو جو داستان ۽ وڊيو رپورٽ

    ادا توهان ئي کڻي حوالو ڏيو ها ته چار چنڊ‌ ٿي وڃن ها۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو