• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ٻوڏ بعد سنڌ ۾ خوراڪ جي شديد کوٽ سبب صورتحال آفريقي ملڪن چاڊ ۽ نائيجر جهڙي ٿي وئي آهي

جواد رضا

سينيئر رڪن
ٻوڏ بعد سنڌ ۾ خوراڪ جي شديد کوٽ سبب صورتحال آفريقي ملڪن چاڊ ۽ نائيجر جهڙي ٿي وئي آهي:يونيسيف

گڏيل قومن جي اداري يونيسيف چيو آهي ته سنڌ ۾ گذريل سال آيل ٻوڏ سبب خوراڪ جي شديد کوٽ پيدا ٿي وئي آهي، صوبي ۾ پيدا ٿيل خوراڪ جي سخت کوٽ سبب صورتحال آفريقي ملڪن چاڊ ۽ نائيجر جهڙي ٿي وئي آهي، جڏهن ته خوراڪ جي کوٽ سبب سنڌ جي هزارين ٻارن جي صحت کي سخت خطرا آهن، ڪميونيڪيشن چيف آف يونيسيف ڪرسچن السبي هڪ پرڏيهي خابرو اداري سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ٻڌايو آهي ته صوبائي حڪومت ۽ يونيسيف پاران گڏيل طور تي ڪيل هڪ سروي مطابق اتر سنڌ ۾ خوراڪ جي کوٽ 23.1 سيڪڙو ۽ ڏکڻ سنڌ ۾ اهو ريشو 21.2 سيڪڙو آهي، سنڌ ۾ خوراڪ جي کوٽ بابت سروي دوران رڪارڊ ڪيل ريشو ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن پاران خوراڪ جي کوٽ جي حوالي سان مقرر ڪيل ريشي کان به وڌيڪ آهي، ڊبليو ايڇ او مطابق جيڪڏهن ڪنهن به علائقي ۾ خوراڪ جي کوٽ جو ريشو 15 سيڪڙو ٿي وڃي ٿو ته اها خوراڪ جي کوٽ جي حوالي سان ايمرجنسي ليول جي شروعات هوندي آهي ۽ اهو ريشو آفريقا جي غريب کان غريب ملڪن ۾ آهي، ڪرسچن السبي وڌيڪ چيو آهي ته اتر سنڌ ۾ خوراڪ جي سخت ترين کوٽ جو ريشو 6.1 سيڪڙو آهي، جڏهن ته ڏکڻ سنڌ ۾ خوراڪ جي سخت کوٽ جو ريشو 2.9 سيڪڙو آهي، اهي ٻئي ريشا ڊبليو ايڇ او پاران خوراڪ جي کوٽ جي حوالي سان مقرر ڪيل ماپن کان وڌيڪ آهن، هن چيو ته اسان ڏٺو آهي ته سنڌ ۾ هزارين ٻارن جي صحت کي خوراڪ جي کوٽ واري مسئلي سبب خطرا آهن، ڪرسچن السبي مطابق اها ڳالهه اڃا واضح نه ٿي آهي ته سنڌ ۾ خوراڪ جي پيدا ٿيل سخت ترين کوٽ گذريل سال دوران آيل ٻوڏ سبب پيدا ٿي آهي پر سنڌ ۾ آيل ٻوڏ کانپوءِ ئي خوراڪ جي کوٽ وارو مسئلو ظاهر ٿيو آهي ۽ ان مسئلي جو شڪار ٻار ۽ مائرون سڀ کان وڌيڪ آهن، تاريخي ٻوڏ سبب ماڻهو اڳ ۾ئي مسئلن جي ور چڙهيل آهن ۽ خوراڪ جي کوٽ ٻوڏ سٽيلن جي حالت کي انتهائي سنگين ڪري ڇڏيو آهي، هن ٻڌايو ته يونيسيف ۽ سنڌ حڪومت پاران خوراڪ جي کوٽ بابت گڏيل طور تي سروي جي مڪمل رپورٽ سڀاڻي سنڌ حڪومت جاري ڪندي، واضح رهي ته پاڪسستان ۾ گذريل سال جولاءِ ۾ آيل تاريخي ٻوڏ ملڪ ۾ تباهي مچائي ڇڏي هئي، ٻوڏ سبب پاڪستان ۾ 2 ڪروڙ ماڻهو متاثر ٿيا، لکين ٻوڏ متاثر بي گهر ٿي ويا ۽ 2 هزار جي لڳ ڀڳ ماڻهو موت جو شڪار پڻ ٿي ويا هئا، ٻوڏ جي ڇهن مهينن کانپوءِ به سنڌ جا ڪيترائي علائقا اڃا تائين ٻوڏ واري پاڻي ۾وڪوڙيل آهن، ورلڊ فوڊ پروگرام مطابق سنڌ ۽ بلوچستان صوبن ۾ 6 لک ماڻهو اڃا به عارضي ڪئمپن ۾ ترسيل آهن، گڏيل قومن عالمي برادري کي پاڪستان ۾ ٻِوڏ سٽيلن لاءِ 2 ارب ڊالرز جي ايمرجنسي امداد جي اپيل ڪئي هئي پر اڃا تائين صرف 56 سيڪڙو فنڊز ئي ملي سگهيا آهن.
 
جواب: ٻوڏ بعد سنڌ ۾ خوراڪ جي شديد کوٽ سبب صورتحال آفريقي ملڪن چاڊ ۽ نائيجر جهڙي ٿي وئ

تمام ڏک جي ڳالهه آهي اسان جي نمائيندن کي ٻاهرين ملڪ جي مدد کان سواءِ ڪجهه پنهنجن وسيلن کي به سنڌ لاءِ استعمال ڪرڻ ڪپي ڏکي وقت ۾ ته سنڌ جي مدد ڪن وري کائيڻ لاءِوقت پيو آهي ڪجهه خيال ڪن
 
جواب: ٻوڏ بعد سنڌ ۾ خوراڪ جي شديد کوٽ سبب صورتحال آفريقي ملڪن چاڊ ۽ نائيجر جهڙي ٿي وئ

بلڪل صحيح ڳاله آهي

ڪجه ڏينهن اڳ اسان جا ڪجه دوست جيڪي hands نالي ngo ۾ ڪم ڪندا آهن انهن کان خيرپور ناٿن شاه لڳ اناج ۽ امدادي سامان سان گڏ 7 گاڏيون ڦريون ويون آهن۔

جيڪڏهن اها حالت رهي ته اهي ڌريون جيڪي ڪجه ڪم ڪن پيون اهو به بند ٿي ويندو۔
 
جواب: ٻوڏ بعد سنڌ ۾ خوراڪ جي شديد کوٽ سبب صورتحال آفريقي ملڪن چاڊ ۽ نائيجر جهڙي ٿي وئ

بلڪل صحيح ڳاله آهي

ڪجه ڏينهن اڳ اسان جا ڪجه دوست جيڪي hands نالي ngo ۾ ڪم ڪندا آهن انهن کان خيرپور ناٿن شاه لڳ اناج ۽ امدادي سامان سان گڏ 7 گاڏيون ڦريون ويون آهن۔

جيڪڏهن اها حالت رهي ته اهي ڌريون جيڪي ڪجه ڪم ڪن پيون اهو به بند ٿي ويندو۔

بلڪل ادا اسان به انهي ڏک کي ڏسندي هن خبر کي هن فورم تي پيش ڪيو آهي۔
 
Back
Top