[JUSTIFY]برونائي دار السلام جي بادشاه جي شان ۽ شوڪت جي ڌوم سڄي دنيا ۾ متل آهي۔ هڪ اندازي موجب سندس ملڪيت ۾ هر سيڪنڊ ۾ 90 يورو جي واڌ ٿئي ٿي ۔ ان واڌ جو مطلب ته هر منٽ ۾ 45400 ، هڪ ڪلاڪ ۾ 324000 ۽ روزانه 7776000 يورو وڌي رهيا آهن۔ سندس استعمال ۾ رهندڙ هر شيء سون ۽ چانديء سان چمڪندي نظر اچي ٿي۔ هو اهڙا ڪپڙا پائيندو آهي جن تي سون ۽ چانديء سان ڀرت ڀريل هجي۔ حسن البدقيه جي محل کي ڏسجي ته سندس محل دنيا جو وڏي ۾ وڏو رائل پيليس آهي۔ 1788 ڪمرن واري محل جي هر ڪمري جي شين تي سون ۽ چانديء جي تھ چڙهيل آهي۔ سندس استعمال ۾ 5000 کان مٿي مختلف گاڏيون آهن۔ بادشاه جي ڌيء جي شاديء جي موقعي تي 14 ڏينهن لاء سموري ملڪ ۾ جشن ملهايو ويو جنهن تي 5 ملين ڊالرن جو خرچو ٿيو۔ شاديء ۾ شهزاديء هيرن جو خوبصورت تاج پاتو جيڪو برطانيه جي راڻيء جي تاج کان به وڌيڪ قيمتي هو۔ سندس شاديء ۾ 25 کان مٿي ملڪن جي سربراهن خاندان سميت شرڪت ڪئي۔[/JUSTIFY] [JUSTIFY]هن کي هڪ خوبصورت بوئنگ 747 جهاز پن آهي جيڪو 100 ملين ڊالرز جو آهي۔ هن جهاز جو باٿ روم به سون جو ٺهيل آهي۔ هن بوئنگ کانسواء کيس 6 ننڍا جهاز ۽ ٻه هيليڪاپٽر پڻ آهن۔ [/JUSTIFY]
جواب: دنيا جي امير ترين ملڪ برونائي دارالسلام جي سلطان جا ٺٺ ٺانگر ادا بهترين ونڊ آهي۔ پر يار هيڏا ٺاٺ سڀ هتي ئي رهجي ويندا ڪيڏو به ڪر سينگار پو به مهمان مٽي جو
جواب: دنيا جي امير ترين ملڪ برونائي دارالسلام جي سلطان جا ٺٺ ٺانگر مان ادا افتخار جي صلاح سان متفق آهيان ته سندس هي ٺاٺ هت ئي رهجي ويندا ڀلا ادا ايتري ساري دولت اٿس ڪو نيڪ ڪم به ڪندو آهي يا نه ؟؟ سدائين گڏ
جواب: دنيا جي امير ترين ملڪ برونائي دارالسلام جي سلطان جا ٺٺ ٺانگر السلام عليڪم ادا سليمان وساڻ مهرباني اوهان سٺي معلومات ونڊ ڪئي۔ پر يار واقعي هتان کڻي اڳتي ڪجهه به نه هلبو شل مالڪ ايمان سلامت رکي آمين
جواب: دنيا جي امير ترين ملڪ برونائي دارالسلام جي سلطان جا ٺٺ ٺانگر اوهان جي ڳاله بلڪل صحيح آهي پر انسان جي نفس کي ڇا ڪجي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔
جواب: دنيا جي امير ترين ملڪ برونائي دارالسلام جي سلطان جا ٺٺ ٺانگر نيڪ ڪم ڪهڙا ٿو ڪري اها اسان کي به خبر ڪونهي پر سندس ڌيء سان شاديء لاء گهڻا تيار هئا ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ڀاڳ ڀلا ان جا جنهن جا نصيب هئا ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ باقي اوهان جي ڳاله سان اتفاق ٿا ڪيونته هي سڀ هتي ئي رهجي ويندو
جواب: دنيا جي امير ترين ملڪ برونائي دارالسلام جي سلطان جا ٺٺ ٺانگر سائين وعليڪم سلام مهرباني رب پاڪ سڀني کي خوش رکي ۽ سنئين واٽ تي هلائي
جواب: دنيا جي امير ترين ملڪ برونائي دارالسلام جي سلطان جا ٺٺ ٺانگر السـلام عليڪم سائين سلـيمان وساڻ صاحب جڙيا هجو شال ادا تمام سهڻي ونڊ ڪئي آهي ۽ سٺي معلومات آهي ۔ قُلِ اللَّهُمَّ مَالِک الْمُلْک تُؤْتِي الْمُلْک مَن تَشَاءُ وَتَنزِعُ الْمُلْک مِمَّن تَشَاءُ وَتُعِزُّ مَن تَشَاءُ وَتُذِلُّ مَن تَشَاءُ ۖ بِيَدِک الْخَيْرُ ۖ ا نَّک عَلَىٰ کلِّ شَيْءٍ قَدِيرٌ [٣:٢٦] (اي پيغمبر) چؤ ته اي الله مُلڪ جا مالِڪ جنھن کي گھرين تنھن کي بادشاھي ڏئين ۽ جنھن کان وڻيئي تنھن کان بادشاھي کسين، ۽ جنھن کي گھرين تنھن کي مانوارو ڪرين ۽ جنھن کي وڻيئي تنھن کي بي مانو ڪرين، تنھنجي ھٿ ۾ چڱائي آھي، ڇوته تون سڀڪنھن شيء تي وسوارو آھين. ﴿٢٦﴾ سدائين گڏ
جواب: دنيا جي امير ترين ملڪ برونائي دارالسلام جي سلطان جا ٺٺ ٺانگر سائين مهرباني بلڪل ۔۔ رب جي مرضي آهي جنهن کي وڻيس ڏي ، جنهن کي وڻيس جيترو ڏي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ جزاڪ الله اوهان رب پاڪ جي پاڪ ڪلام مان سهڻو اقتباس ونڊ ڪيو آهي۔۔۔۔ لک لائق
جواب: دنيا جي امير ترين ملڪ برونائي دارالسلام جي سلطان جا ٺٺ ٺانگر ادا سليمان معلومات ته ڏاڍي مزيدار ونڊڪئي اٿوَ، پر ادا برونائي جو هي سلطان۔۔۔ دولت جي لحاظ کان قارون کان ته وڌيڪ امير ڪونه هوندو نه، قارون ته اهو امير هو، جنهن جي خزاني متعلق قرآن ۾پڻذڪر آيل آهي، سندس خزانن جي چاٻي جي باري ۾به مشهور آهي ته اها ڪيترن ئي اُٺن تي کنئي ويندي هئي۔۔۔ پر اهو جڏهن مٽيءَحوالي ٿيو ته سندن دولت به کيس ڪم نه آئي۔۔ هڪ روايت مطابق ته قبر روزانه پڪاريندي آهي ته مون ۾ اونداهي آهي، پنهنجي لاءِروشنيءَ جو انتظام ڪندو اچ۔۔۔ اها روشني ته فقط نيڪ عملن سان ئي ممڪن ٿي سگهي ٿي۔۔۔ باقي جيتري دولت وڌيڪ قيامت ۾ اوترو حساب وڌيڪ ۔۔۔۔
جواب: دنيا جي امير ترين ملڪ برونائي دارالسلام جي سلطان جا ٺٺ ٺانگر ادا مهرباني اوهان جي ڳاله بلڪل صحيح آهي پر منهنجو مقصد صرف دوستن سان معلومات ونڊ ڪرڻ آهي۔ باقي رب پاڻ قادر آهي سڀ ڳاله ۾ هن جي حڪمت هوندي آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔
جواب: دنيا جي امير ترين ملڪ برونائي دارالسلام جي سلطان جا ٺٺ ٺانگر ڌي سان شادي جا خواهش مند مان نه آهيان ادا توهان اڪيلا اميدوار آهيو ها ها ها سدائين گڏ
جواب: دنيا جي امير ترين ملڪ برونائي دارالسلام جي سلطان جا ٺٺ ٺانگر ادا تمام سٺو ونڊ ڪيو اٿو بس ادا الله جي مرضي جنهن کي جيترو ڏئي ان ۾ ڪا حڪمت هوندي۔
جواب: دنيا جي امير ترين ملڪ برونائي دارالسلام جي سلطان جا ٺٺ ٺانگر اهو اشارو مان پنهنجي طرف ڪيو هو ۔۔۔۔۔۔۔۔ هاهاها
جواب: دنيا جي امير ترين ملڪ برونائي دارالسلام جي سلطان جا ٺٺ ٺانگر بلڪل ادا اها ته رب جي مرضي آهي ، جنهن کي ڏي ۽ جيترو ڏي ۔۔۔ ڪنهن کي ايترو ڇو پيو ڏي ان ۾ به رب جي حڪمت آهي۔ ضرور پوء انهن کان حساب ڪتاب به ورتو ويندو ۔۔۔